سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ماليريا جي عالمي ڏھاڙي تي پيغام
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ماليريا جي عالمي ڏھاڙي تي پيغام
Posted on: 26 Apr 2025 Tags:ڪراچي (25 اپريل 2025) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ مليريا هڪ مچھر کان پکڙڻ واري خطرناڪ بيماري آهي ۽ سندس حڪومت مليريا جي روڪٿام ۽ ان جي پکڙڻ کي روڪڻ لاءِ ڀرپور اپاءَ وٺي رھي آھي. اھا ڳالھھ ھن مليريا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعليٰ ھائوس مان سندس جاري ڪيل خاص پيغام ۾ ڪئي. هن مليريا جي روڪٿام ۽ ان جي پکڙڻ کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي اپائن تي روشني وجھندي چيو تھ مليريا هڪ مچھر کان پکڙڻ واري خطرناڪ بيماري آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ عالمي ڏينهن "Zero Malaria Starts with Me" ۽ "Ready to Beat Malaria" جي تھيم تحت سڄي دنيا ۾ ڪوششون جاري آهن. هن پڪو پھھ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت مليريا جي روڪٿام لاءِ مڪمل طور تي ڪم ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ 3541 صحت جي ماهرن کي مليريا جي تشخيص ۽ علاج لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي ضلعي قمبر جي تعلقي نصيرآباد ۾ هڪ لک مچھر دانيا ورهايون ويون آهن ته جيئن عوام کي مليريا کان بچائي سگهجي. وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس 45 سيڪڙو گهٽ رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جيڪو سنڌ حڪومت جي صحت وارين پاليسين ۽ اپائن جو ثبوت آهي. هن چيو ته صاف سٿرو ماحول ئي صحتمند معاشري جي بنياد آهي ۽ هر فرد جي ذميواري آهي ته پنهنجي ماحول کي صاف رکڻ ۾ حصو وٺي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ صحتمند معاشرو ئي روشن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت صحت عامه جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. وڏي وزير پيغام ذريعي عوام کي آگاھھ ڪيو ته ماحول کي صاف رکڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي ۽ اسان کي هن جنگ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ته جيئن مليريا جهڙن خطرن کان بچي سگهجي.
Back