سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پُرامن بقاءِ باهميءَ واري عالمي ڏھاڙي تي پيغام
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پُرامن بقاءِ باهميءَ واري عالمي ڏھاڙي تي پيغام
Posted on: 18 Feb 2026 Tags:ڪراچي (28 جنوري 2026ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پُرامن بقاءِ باهميءَ واري عالمي ڏھاڙي جي موقع تي سندس بيان ۾ چيو آهي ته امن رڳو جنگ جي غير موجودگي ناهي، پر هڪٻئي جي عزت سان زندگي گذارڻ آهي. وڏي وزير چيو ته مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ ٻولين جو احترام ئي پُرامن سماج جي بنياد آهي ۽ سنڌ سدائين رواداري، برداشت ۽ هم آهنگيءَ جي علامت رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پُرامن بقاءِ باهميءَ کي ھٿي ڏيڻ ۾ تعليم جو ڪردار تمام گھڻي اھميت رکي ٿو ۽ محفوظ ۽ گڏيل دنيا لاءِ سڀني کي سندن ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته گڏيل قومن جي اصولن مطابق امن ۽ انصاف تي ٻڌل سماج اسان جي ترجيح آهي ۽ عالمي تڪرارن جي هن دور ۾ برداشت ۽ ڳالهه ٻولهه اڳ کان وڌيڪ ضروري آهي.
Back
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat