سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گورنر پنجاب سليم حيدر جي اهم ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گورنر پنجاب سليم حيدر جي اهم ملاقات

Posted on: 26 Apr 2025   Tags:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گورنر پنجاب سليم حيدر جي اهم ملاقات

تڪراري ڪئنالن جي مسئلي جي حل ٿيڻ تي ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون

سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ تعاون ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جو ضامن آهي، مراد علي شاهه

پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ ڀارت ڪنهن به جارحيت جو سوچي به نٿو سگهي، وڏو وزير

سنڌ حڪومت قومي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي، سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (25 اپريل 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گورنر پنجاب سليم حيدر وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنھي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ھاڻوڪي تڪراري ڪئنالن واري مسئلي جي حل تي ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي بصيرت ۽ مدبرانه قيادت سان تڪرار پرامن نموني سان حل ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم شھباز شريف ۽ سندس ٽيم عوامي موقف کي ڌيان سان ٻڌو ۽ مسئلو خوش اسلوبي سان حل ڪيو، جيڪو عمل ساراهه جوڳو آهي.  ملاقات دوران سياسي، سماجي ۽ قومي معاملن سان گڏوگڏ سنڌ طاس معاهدي سان لاڳاپيل مسئلن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي اندروني استحڪام ۾ سڀئي صوبا اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته قوم متحد آهي ۽ ڀارت ڪنهن به جارحيت جو سوچي به نٿو سگهي. هن واضع طور چيو ته سنڌ حڪومت قومي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ تعاون ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جو ضامن آهي. ٻنهي اڳواڻن هن عزم جو اظهار ڪيو ته صوبي وچ ۾ ڀائيچارو ۽ گڏيل اعتماد وسيلي ئي پاڪستان کي درپيش چئلينجن کي ڪاميابي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.

Back