سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان ٽن مختلف واقعن تي سخت نوٽيس، هدايتون ۽ ڏک جو اظهار
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان ٽن مختلف واقعن تي سخت نوٽيس، هدايتون ۽ ڏک جو اظهار
Posted on: 17 Jul 2025 Tags:ڪراچي (17 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوابشاھ، لياري ۽ خيرپور ۾ پيش آيل المناڪ واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي فوري نوٽيس ورتو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڏني آهي.
نوابشاهه فائرنگ وارو واقعو:
سنڌ جي وڏي وزير نوابشاهه ۾ زمين جي تڪرار تي ٿيل فائرنگ ۾ 6 ماڻهن جي قتل تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي ان کي ناقابل برداشت قرار ڏنو آهي. هن آءِ جي پوليس کان رپورٽ گھرندي ڏوهارين جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو. وڏي وزير چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ھن چيو تھ متاثر خاندانن کي انصاف ڏياريو ويندو. هن مقتولن جي وارثن سان دلي همدرديءَ جو اظهار پڻ ڪيو.
لياري حادثو:
سنڌ جي وڏي وزير لياريءَ ۾ خراب حال عمارت جي ڪري پيش آيل حادثي ۾ فوت ٿيل انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪندي، ڪمشنر ڪراچي کان واقعي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪئي آهي. وڏي وزير سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي مخدوش عمارتن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، شهر جي سڀني خطرناڪ عمارتن جي اسٽرڪچرل جاچ پڻ ڪئي وڃي ۽ ھن انهن کي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير چيو ته انساني حياتيون بي حد قيمتي آهن ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.
خيرپور روڊ حادثو:
سنڌ جي وڏي وزير خيرپور ۾ مسافر وين جي ڪلٽي ٿيڻ واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي. هن زخمين لاءِ بهترين علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڏني ۽ ڪمشنر سکر کان رپورٽ طلب ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ھاءِ وي تي حادثو مسڪين پور جي ويجهو ٽائر ڦاٽڻ سبب پيش آيو، جنهن ۾ 4 ماڻهو فوت ۽ 10 زخمي ٿيا. وڏي وزير متاثر خاندانن سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي انتظاميا کي ھدايت ڪئي.
Back