سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ 500 نوان اسڪول قائم ڪرڻ جو هدف، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران SEF ۽ TCF جي ڪوششن جي واکاڻ
سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ 500 نوان اسڪول قائم ڪرڻ جو هدف، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران SEF ۽ TCF جي ڪوششن جي واکاڻ
Posted on: 02 Nov 2025 Tags:ڪراچي (27 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF)، دي سيٽيزنز فائونڊيشن (TCF) ۽ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ (SE&LD) ۾ ٿيل ٽن ڌرين واري معاهدي تي عملدرآمد جي پيشرفت جو جائزو ورتو ويو. اهو معاهدو صوبي ۾ معياري تعليم تائين رسائي وڌائڻ لاءِ SEF جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت ڪيو ويو آهي۔ اجلاس وڏي وزير هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، مينيجنگ ڊائريڪٽر SEF گنھور لغاري، ۽ دي سيٽيزنز فائونڊيشن جا نمائندا مشتاق ڇاپڙا، احسن سليم ۽ ضياءُ اختر عباس سميت ٻيا آفيسر به شريڪ ٿيا۔ اهو ڀائيواري وارو پروگرام 2019ع کان 2029ع تائين جاري رهندو جنهن جو مقصد SEF جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل ذريعي سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم تائين رسائي وڌائڻ آهي۔ ان تحت SEF، TCF کي 500 نوان اسڪول قائم ڪرڻ ۽ SE&LD ۽ SEF جي ڪجهه غيرفعال يا بند اسڪولن جي بحالي ۽ انتظامي ذميواري ڏيڻ وارو آهي۔ اهو تعاون فائونڊيشن اسسٽڊ اسڪولز (FAS) ماڊل تحت هلي رهيو آهي جنهن ۾ سبسڊي جي نظام کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو آهي۔ ان مطابق TCF کي في شاگرد بنيادي سبسڊي سان گڏ وڌيڪ 200 رپيا في شاگرد تدريسي تربيت ۽ نصابي ڪتابن لاءِ ڏنا ويندا۔ مينيجنگ ڊائريڪٽر SEF گنھور لغاري وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته TCF هن ڀائيواري تحت اڃا تائين 98 اسڪول قائم ڪري چڪو آهي جيڪي بدين، دادو، حيدرآباد، جيڪب آباد، ڪورنگي، ملير، ڪشمور، مٽياري، ميرپورخاص، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، شڪارپور ۽ سجاول سميت مختلف ضلعن ۾ آهن۔ مرحليوار طريقي سان 2029ع تائين مجموعي طور 500 اسڪول قائم ڪرڻ جو هدف مقرر آهي۔ وڏي وزير ايم ڊي SEF جي تجويزن جو جائزو وٺندي چيو ته في شاگرد سبسڊي 2500 رپيا ڪرڻ ۽ سالياني طور مهانگائي جي شرح موجب واڌ تي غور ڪيو وڃي۔ هن هدايت ڪئي ته تجويزون تفصيل سان جائزو وٺي سفارشون تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن۔ سيد مراد علي شاهه SEF ۽ TCF جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته معياري تعليم جي فراهمي ۽ سنڌ جي تعليمي نظام جي مضبوطي ۾ انهن جو ڪردار اهم آهي۔ اجلاس جي پڄاڻي تي حڪومت سنڌ مؤثر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سڀني ٻارن لاءِ جامع، مساوي ۽ معياري تعليم يقيني بڻائڻ جي عزم جو اعاده ڪيو۔
Back