سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ مراد علي شاهه جو جامع ويزن: ترقي، بحالي، سيڪيورٽي ۽ سوشل ڀلائي تي وڏا اعلان

سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ مراد علي شاهه جو جامع ويزن: ترقي، بحالي، سيڪيورٽي ۽ سوشل ڀلائي تي وڏا اعلان

Posted on: 01 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (28 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ ھائوس ۾ سول سروس اڪيڊمي جي تربيت يافته آفيسرن ۽ سينيئر عملدارن سان ملاقات دوران، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ سڌارن، عوامي ڀلائي، ۽ ٻوڏ کانپوءِ بحالي لاءِ پنهنجي جامع ويزن جو اظهار ڪيو. هن جو خطاب، سنڌ صوبي جي پراڻن ۽ نون چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي جي جديديت ۽ ترقيءَ جي گڏيل حڪمت عمليءَ تي ٻڌل هو. ترقياتي منصوبا ۽ ٻوڏ کانپوءِ بحالي: وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ وڏي ترقياتي بجيٽ جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته ان ۾ غيرملڪي امدادن تي هلندڙ منصوبن لاءِ 366.75 ارب رپين جا فنڊ شامل آهن. سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ روڊ نيٽورڪ، نون فلاءِ اوورز، انڊر پاسز، بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) سسٽم ۽ پيپلز بس سروس جهڙن منصوبن تي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. ان سان گڏ نئين سيوريج، واٽر سپلاءِ ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ سسٽمز تي به ڪم جاري آهي. هن ٻڌايو ته 2022 جي ٻوڏ ۾ 1.24 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا، 50 لک ماڻهو غربت جي ليول کان هيٺ هليا ويا ۽ 21 لک گهر تباهه ٿيا. ان بحران کانپوءِ سنڌ حڪومت جي وسيع بحالي لاءِ اهم قدمن جو اعلان ڪيو ويو جن ۾ 1.497 ارب ڊالر جو سنڌ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ ريڪنسٽريڪشن پروگرام (11.4 لک گهرن جي تعمير)، 530 ملين ڊالر جو سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريهئيبليٽيشن پروجيڪٽ (ديهي روڊن، پاڻي ۽ آبپاشي لاءِ)، 200 ملين ڊالر ايمرجنسي فلڊ اسسٽنس (ضلعي وچ روڊن جي بحالي لاءِ)، 230 ملين ڊالر سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ ۽ 275 ملين ڊالر مان 1600 سيڪنڊري اسڪولن جي ٻيهر تعمير شامل آھن. وڏي وزير ٻڌايو ته انهن قدمن سان گڏ هڪ متحد سوشل پروٽيڪشن رجسٽري به قائم ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي صحت، فيملي پلاننگ ۽ زرعي ڀلائي وارا پروگرام به اڳتي وڌايا پيا وڃن. امن امان: سنڌ پوليس جي جديديت: وڏي وزير پوليس جي تاريخي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اها پاڪستان جي ٻي وڏي پوليس فورس آهي جنهن ۾ 162000 اهلڪار شامل آهن ۽ 2549 شهيدن جي قرباني ڏئي چڪي آهي. ڪچي جي علائقي ۾ امن امان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت اتي روڊن ۽ پلن جي تعمير سان پوليس جي رسائي کي بهتر بڻائي رهي آهي. ڪنڌ ڪوٽ-گهوتڪي پل جي تڪميل سان مٿئين سنڌ جي سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڏي تبديلي ايندي. دهشتگردي خلاف جدوجهد ۽ انٽيليجنس جي بهتري: وڏي وزير ٻڌايو ته دهشتگردي خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آهن جن ۾ چيني شهرين تي حملن جا ذميوار گرفتار ڪيا ويا ۽ بدنام دهشتگرد گروپن جي سازشن کي ناڪام بڻايو ويو. 772 ملين رپين جي لاڳت سان هڪ جديد فيوژن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جيڪو اوپن سورس انٽيليجنس، ڊيٽا اينالائيٽڪس ۽ ڊجيٽل فارنزڪس سان ليس آهي. AI تي ٻڌل CCTV ڪيمرا ۽ چهرن جي سڃاڻپ وارو نظام 42 ٽول پلازائن تي لڳايو ويو آهي. پوليس کي ڪيتريون ئي نيون گاڏيون ۽ جديد نگراني وارو سامان مهيا ڪيو ويو آهي. سندھ پوليس هاءِ وي پٽرول (SPHP) قائم ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ 2000 اهلڪار ۽ 100 گاڏيون ڏنيون ويون آهن. 34 ارب رپين جي لاڳت سان 12000 نگراني ڪيمرن جي تنصيب لاءِ ڪثير مرحلن وارو منصوبو جاري آهي. پوليس جي فلاح و بہبود ۽ مالي خودمختياري: وڏي وزير ٻڌايو ته پوليس سڌارن تحت 6 ارب رپين جو فنڊ سڌو پوليس اسٽيشنن کي منتقل ڪيو ويو آهي ته جيئن ايس ايڇ اوز کي مالي خودمختياري حاصل ٿئي. پوليس ٿاڻن جي ماڊل طرز تي تزئين و آرائش جاري آهي. 4.9 ارب رپين جي لاڳت سان هيلٿ انشورنس پيڪيج شروع ڪيو ويو آهي جيڪو پوليس آفيسرن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ علاج جون سهولتون فراهم ڪندو. اهي سڀئي قدم سنڌ حڪومت جي پوليس فورس جي فلاح و بہبود ۽ انهن جي پيشوراڻين صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي مضبوط عزم کي ظاهر ڪن ٿا. وڏي وزير ٻڌايو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن لاءِ "شهدا پيڪيج" ۾ اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته تحقيقاتي عمل لاءِ خاص الائونس پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ تربيت يافته اسپيشل انويسٽيگيشن آفيسرن جي ڪيڊر قائم ڪئي وئي آهي، جن کي با قاعده عدالتي تربيت ڏني پئي وڃي. بحرانن سان نمٽڻ جي صلاحيت ۽ نيون يونٽس: وڏي وزير ٻڌايو ته هڪ نئون ڪرائيسز مينيجمينٽ يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن کي ترڪي جي اينٽي رائيٽ فورس تربيت ڏني آهي. هي يونٽ 2000 انسدادِ هنگاما ڪِٽس سان ليس آهي. ان ۾ خاتون اهلڪارون به شامل آهن. ان سان گڏ 2000 نون ڪانسٽيبلن جي ڀرتي پڻ جاري آهي. شهري پائيداري، تعليم ۽ ماحولياتي تحفظ: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت شهري پائيداري، تعليم ۽ ماحولياتي بهتري لاءِ اهم اپاءَ وٺي رهي آهي. سالڊ ويسٽ ايمرجنسي پراجيڪٽ: هن 100 ملين ڊالرن جي سالڊ ويسٽ ايمرجنسي منصوبي بابت ٻڌايو ته شهري فضلي جي انتظام کي ايمرجنسي ردعمل ذريعي بهتر بڻايو پيو وڃي. جام چاڪرو ۽ ڌابيجی ۾ جديد لينڊفل سائيٽس تعمير ڪيون پيون وڃ. سالڊ ويسٽ انفراسٽرڪچر کي مضبوط بڻايو پيو وڃي ته جيئن آلودگي ۾ گهٽتائي ۽ شهري صفائي ۾ بهتري اچي. سنڌ ارلي لرننگ انھانسمنٹ پروگرام: مراد علي شاهه چيو ته ابتدائي درجي جي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آھن جن ۾ شاگردن جي حاضري ۽ گريڊ جي تبديليءَ ۾ واڌاري ، ٽئين درجي (Grade-3) ۾ پڙهڻ ۽ رياضيءَ جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ، تدريس جي طريقن ۾ جدت آڻڻ، اسڪولن جي بهتري ۽ انتظامي صلاحيتن جي واڌاري جا قدم شامل آهن. ڊيلٽا بلو ڪاربان پراجيڪٽ: وڏي وزير ٻڌايو ته انڊس ڊيلٽا جي 225000 هيڪٽر زمين جي تحفظ ذريعي 127 ملين ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج ۾ گهٽتائي آندي ويندي جڏهن ته تصدیق ٿيل ڪاربان ڪريڊٽس (Carbon Credits) مان حڪومت لاءِ آمدني به حاصل ڪئي ويندي. وڏي وزير مراد علي شاهه جا هي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سندس حڪومت ٽيڪنالاجي، انساني ترقي، ۽ آفتن کانپوءِ جي بحاليءَ تي ٻڌل هڪ محفوظ، مستحڪم ۽ خوشحال سماج جي تعمير لاءِ پرعزم آهي، جيئن سنڌ جي لکين شهرين لاءِ هڪ روشن ۽ محفوظ مستقبل يقيني بڻائي سگهجي.

Back