سنڌ جي صحافتي ورثي جو اعتراف: وڏي وزير پاران PFUJ جي مان ۾ آجياڻو، جمهوريت لاءِ صحافين جي جدوجهد کي سلام: مراد علي شاهه
سنڌ جي صحافتي ورثي جو اعتراف: وڏي وزير پاران PFUJ جي مان ۾ آجياڻو، جمهوريت لاءِ صحافين جي جدوجهد کي سلام: مراد علي شاهه
Posted on: 02 Aug 2025 Tags:
ڪراچي (پھرئين آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) ۽ صحافتي برادري جي وچ ۾ ان تاريخي رشتو کي اجاگر ڪيو، جيڪو آمريت ۽ شهري جبر خلاف مزاحمت تي ٻڌل آهي. وڏي وزير پاڪستاني صحافين جي بهادراڻي ڪردار ۽ پنهنجي شهيد قيادت جي جمهوريت، اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ شهري حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو. تقريب وڏي وزير پاران PFUJ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اعزاز ۾ ڏنل عشايئي موقعي تي ٿي جيڪا بينڪوئٽ هال ڪراچي ۾ منعقد ٿي. اجلاس جي صدارت چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ڪئي جڏهن ته PFUJ جي صدر افضل بٽ جي اڳواڻي ۾ ملڪ ڀر مان آيل وفد شريڪ ٿيا. بلوچستان جو وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ سنڌ ڪابينا جا ميمبر به موجود هئا. وڏي وزير پاڪستان جي صحافتي تاريخ جا اهم لمحات ياد ڪندي صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومت جي عزم کي ٻيهر ورجايو. مراد علي شاهه چيو ته "آءٌ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (KUJ) کي رڳو يونين نه پر اهڙو ادارو سمجھان ٿو جيڪو پاڪستان سان گڏ پيدا ٿيو — رڳو ڪجه مهينن جي فرق سان." وڌيڪ چيو ته "پيپلز پارٽي ۽ KUJ سدائين هڪ ئي واٽ تي هليا آهن، ظلم جي سامهون ڪڏهن به نه جهڪا آهيون." هن ٻڌايو ته 2 آگسٽ 1950 تي PFUJ جو قيام ايم اي شڪور ۽ اسرار احمد جهڙن بصيرت وارن صحافين جي جدوجهد سان عمل ۾ آيو. وڏي وزير منهاج برنا ۽ نصار عثماني جهڙن عظيم اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن جي آمريت خلاف جدوجهد صحافتي مزاحمت جي علامت بڻجي وئي. 1970 ۾ ويج بورڊ ايوارڊ جي لاڳو ٿيڻ لاءِ 17 ڏينهن واري تاريخي ملڪ گير هڙتال بابت مراد شاهه چيو "اهو احتجاج اهڙو اتحاد هو جنهن اقتدار جا در ڀوڙي ڇڏيا، صحافتي برادري جي همت ۽ يڪجهتي جي تاريخي مثال آهي." هن جنرل ضياءُ الحق جي آمريت واري دور ۾ صحافين تي ٿيل ظلم ياد ڪندي چيو ته مساوات اخبار تي بندش خلاف احتجاج ڪندڙ صحافين کي ڪوڙا ۽ قيدن کي منهن ڏيڻو پيو، پر اهي نه جهڪا، نه پوئتي هٽيا. وڏي وزير 1998 ۾ روزاني جنگ تي بندش خلاف محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيل احتجاج جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته "شهيد بينظير ڀٽو جنگ آفيس کان فوارو چڪ تائين احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ڪئي ۽ صحافين کي يقين ڏياريو ته پيپلز پارٽي انهن سان گڏ بيٺل آهي، ان وقت به، جڏهن ميڊيا مالڪ پاڻ پوئتي هٽيا." 2007 ۾ جنرل مشرف جي ايمرجنسي دوران اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سخت پابندين جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته "PFUJ جي بينر هيٺ ڪراچي ۾ 150 کان وڌيڪ صحافين 88 ڏينهن تائين احتجاج ڪيو، تڏهن به پيپلز پارٽي سندن ساٿ ڏنو — ۽ اڄ به ڏني رهي آهي." صحافين جي ڀلائي لاءِ سنڌ حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي مراد علي شاهه چيو ته "سنڌ حڪومت ملڪ ۾ پهرين جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن قائم ڪئي، ۽ هالياتي بجيٽ ۾ صحافين لاءِ رهائش ۽ پريس ڪلبز جي ترقيءَ لاءِ خاص فنڊ مختص ڪيا ويا آهن." وڏي وزير پنهنجي تقرير جي پڄاڻي تي سنڌ جي جمهوري ڪردار تي زور ڏنو "تاريخ شاهد آهي ته سنڌ سدائين مزاحمت جي اڳواڻي ڪئي آهي — آمريت جي خلاف هجي يا دهشتگردي، غريبي ۽ ناانصافي خلاف، اسان جو عزم ڪڏهن ڪمزور نه ٿيو آهي." تقريب جي پڄاڻي حڪومت سنڌ ۽ صحافتي برادري جي وچ ۾ سچ، احتساب، ۽ جمهوري قدرن جي واڌاري لاءِ نئين عزم ۽ اتحاد سان ٿي.
Back