سنڌ کي سپر فلڊ جو خطرو: صوبائي حڪومت 11 لک ڪيوسڪ وهڪري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي، مراد علي شاهه
سنڌ کي سپر فلڊ جو خطرو: صوبائي حڪومت 11 لک ڪيوسڪ وهڪري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي، مراد علي شاهه
Posted on: 04 Sep 2025 Tags:ڪراچي (پھرئين سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته ڀارت طرفان درياءِ چناب ۾ وڏي پيماني تي پاڻي ڇڏڻ بعد سنڌ کي "سپر فلڊ" جو خطرو آهي. هن وفاقي حڪومت کي زور ڏنو ته هو جامع موسمياتي تبديلي (ڪلائميٽ چينج) پاليسي تيار ڪري ته جيئن پاڪستان هر سال ايندڙ قدرتي آفتن سان بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهي. هن اها ڳالهه نئين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي جتي صوبائي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه پڻ موجود هئا۔ وڏي وزير ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ 10 لک 77 هزار ڪيوسڪ پاڻي قادرآباد بئراج تي پهتو هو. هن وضاحت ڪئي ته درياءَ جهلم، چناب، راوي ۽ ستلج جو پاڻي پنجند تي گڏجي پوءِ ڪوٽ مٺن وٽ درياءِ سنڌ ۾ شامل ٿئي ٿو۔ هن وقت راوي مان اڍائي لک، ستلج مان ٽي نيم لک پنجاهه هزار ۽ سنڌ مان ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي چناب ۾ شامل ٿي رهيو آهي ۽ اهو سڀ پاڻي آخرڪار درياءِ سنڌ وسيلي سمنڊ ۾ وڃي ٿو. مراد شاهه ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي موجب 5 سيپٽمبر تائين گڊو بئراج وٽ 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪرو اچي سگهي ٿو۔ هن خبردار ڪيو 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کي سپر فلڊ قرار ڏنو وڃي ٿو. تياريون مڪمل: وڏي وزير يقين ڏياريو ته صوبو مڪمل تيار آهي۔ هن چيو اسان جي پهرين ذميواري انساني جانين، مال مويشي ۽ بئراجن جي حفاظت آهي۔ هن ٻڌايو ته 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ بندن کي لڳ ڀڳ ڇهه فوٽ مٿي ڪيو ويو هو۔ هن چيو ته 2010 جي سپر فلڊ ۾ گڊو بئراج وٽ 11 لک 48 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذريو هو جڏهن ته 2014 ۾ 5 لک 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي ٽريمو بئراج مان محفوظ طريقي سان گذري ويو۔ ھن چيو تازو 24 آگسٽ تي 5 لک 50 هزار ڪيوسڪ وهڪرو گڊو بئراج مان بغير ڪنهن خطري جي گذريو۔ اڄ اسان 9 لک 10 هزار ڪيوسڪ تائين جي وهڪري لاءِ تيار آهيون. هن ٻڌايو ته هر چوٿين ميل تي هڪ "لينڊي" قائم ڪئي وئي آهي، جتي 16 اهلڪار چوبيس ڪلاڪ نگراني ڪن ٿا ۽ ايمرجنسي ۾ فوري ڪارروائي لاءِ تربيت يافته آهن۔ حساس هنڌن تي مشينري ۽ ٻيا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته "ڪي ڪي بند" جي خاص حفاظت ڪئي وئي آهي۔ وڏي وزير چيو ته سڀني ڪمشنرن، ڊي سيز ۽ پي ڊي ايم اي کي مڪمل تياري لاءِ هدايت ڏني وئي آهي۔ ڳوٺاڻن ۽ مالوند ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي ڏني پئي وڃي جڏهن ته صحت کاتي کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي۔ هن چيو مان پاڻ چيـف سيڪريٽري ۽ صوبائي وزير صورتحال تي نظر رکي رهيا آهيون۔ موسمياتي تبديلي: سوالن جوابن دوران مراد شاهه موسمياتي تبديلي جي سنگيني بابت ڳالهائيندي چيو اسان کي مڃڻو پوندو ته ڪلائميٽ چينج جا اثر انتهائي خطرناڪ آهن۔ هن چيو في الحال منهنجي سڄي ڌيان سنڌ کي ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن محفوظ رکڻ تي آهي، پر قومي سطح تي هڪ جامع پاليسي لازمي آهي۔ هن ياد ڏياريو ته 2022 جي سيلاب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا هئا جڏهن ته هن ڀيري پنجاب کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي۔ هن چيو اسان جا پنجاب جا ڀائر ڀينر سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، سنڌ جي عوام کين ساٿ ڏئي رهيا آهن، اسان جون دعائون ۽ امداد پنجاب سان گڏ آهن۔ هن وضاحت ڪئي ته پنجاب ۾ موجوده اونچا وهڪرا چناب، راوي ۽ ستلج دريائن سبب آهن ۽ اهو پاڻي ڪالاباغ ڏانهن نٿو موڙي سگهجي۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته 1973 ۽ 1976 جي ٻوڏ کان پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وفاقي فلڊ ڪميشن قائم ڪئي هئي۔ هن چيو اڄ وفاق ۾ اين ڊي ايم اي ۽ صوبن ۾ پي ڊي ايم اي موجود آهن، جيڪي قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن۔ ميداني نگراني لاءِ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کي درياءِ سنڌ جي کاٻي پاسي جڏهن ته رياض شاهه شيرازي کي ڪوٽڙي کان هيٺين ساڄي پاسي جي نگراني جو ذميوار بڻايو ويو آهي۔ آخر ۾ وڏي وزير چيو سنڌ حڪومت 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي۔ هر احتياطي قدم کنيو پيو وڃي.
Back