سنڌ ۾ پاڪستان جي 78 هين جشن آزادي جون 14 ڏينهن واريون تقريبون شروع ٿي ويون آهن، مراد علي شاهه
سنڌ ۾ پاڪستان جي 78 هين جشن آزادي جون 14 ڏينهن واريون تقريبون شروع ٿي ويون آهن، مراد علي شاهه
Posted on: 11 Aug 2025 Tags:ڪراچي (09 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معيين خان اڪيڊمي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ آزاديءَ جي 78 هين سالگرهه ۽ تازي قومي ڪاميابين جي سلسلي ۾ 14 ڏينهن واريون تقريبون شروع ڪيون ويون آهن۔ هن سلسلي ۾ ڀٽائي اليوَن ۽ قلندر اليوَن وچ ۾ نمائشي ڪرڪيٽ ميچ ٿي جنهن ۾ ڀٽائي اليوَن ڪاميابي حاصل ڪئي۔ وڏي وزير چيو ته هي جشن ان تاريخي فتح جي ياد ۾ ملهايو پيو وڃي جيڪا الله تعاليٰ جي مدد، سڄي قوم جي دعائن ۽ هٿياربند فوجن جي شاندار ڪارڪردگي سان حاصل ٿي۔ هن چيو ته پاڪستاني قوم زنده آهي، پنهنجي آزاديءَ جي قدر ڪري ٿي ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔ مراد علي شاهه چيو ته قائداعظم محمد علي جناح، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ کي ايٽمي ۽ ميزائل صلاحيت سان ليس ڪيو جڏهنته تازي ڪاميابين ۾ هٿياربند فوجن ۽ قوم گڏجي دشمن کي واضع پيغام ڏنو۔ هن چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اڳوڻي وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ذڪر ڪندي چيو ته جنگ کان اڳ، جنگ دوران ۽ جنگ کان پوءِ سندس مؤثر سفارتڪاري جي نتيجي ۾ پاڪستان جا عالمي لاڳاپا نمايان طور بهتر ٿيا آهن۔ اڄ پاڪستان جا آمريڪا، چين، ايران ۽ خليجي ملڪن سميت ڪيترن ئي ملڪن سان مضبوط سفارتي تعلقات قائم آهن۔ وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت راندين جي فروغ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي۔ محدود بجيٽ هوندي به صوبي ۾ هاڪي، ڪرڪيٽ ۽ فوٽبال جا ميدان ٺهرايا ويا آهن جن ۾ لياري جو جديد فوٽبال گرائونڊ پڻ شامل آهي۔
Back