سنڌ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ نئين مهم جو آغاز، مراد علي شاهه ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندي مهم جو افتتاح ڪيو
سنڌ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ نئين مهم جو آغاز، مراد علي شاهه ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندي مهم جو افتتاح ڪيو
Posted on: 17 Oct 2025 Tags:ڪراچي (13 آڪٽوبر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو جنهن جو افتتاح هن ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) گِزري ميٽرنٽي هوم ۾ ٻه نون ڄاول ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريندي ڪيو۔ هي هفتي تي ٻڌل جاري رهندڙ مهم 13 آڪٽوبر کان 19 آڪٽوبر تائين هلندي جنهن دوران سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هڪ ڪروڙ ڇهه لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔ وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزيرِ صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، صحت ۽ تعليم کاتن جا اعلى آفيسر، ايمرجنسي آپريشن سينٽر جا ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍڙ، ۽ يونيسف، عالمي ادارو صحت (WHO)، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جا نمائندا به موجود هئا۔ وڏي وزير مراد علي شاهه سڀني ضلعن ۾ مهم جي مڪمل نگراني تي زور ڏيندي چيو ته ٽيمون گهر گهر وڃي نه رڳو پوليو جا ڦڙا پيارينديون پر ويٽامن-اي جا سپليمينٽس به فراهم ڪنديون۔ هن چيو ته مهم ۾ 80 هزار ھيلٿ ورڪرز ۽ 21 هزار سيڪيورٽي اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن۔ وڏي وزير هن سال سنڌ ۾ پوليو جا 9 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ ۽ ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته پوليو جو خاتمو اسان جي اخلاقي ذميواري آهي۔ هر ٻار کي صحتمند ۽ محفوظ مستقبل ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي۔ هن والدين تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ٻارن کي لازمي ڦڙا پيارين ۽ جيڪڏهن ڪو ٻار رهجي وڃي ته ويجهو صحت مرڪز سان رابطو ڪن۔ هن علمن، استادن، سول سوسائٽي، سياسي اڳواڻن ۽ ميڊيا کي به مهم ۾ ڀرپور تعاون جي اپيل ڪئي۔ سيد مراد علي شاهه ويڪسين جي مڪمل حفاظت تي يقين ڏياري ياد ڏياريو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو به پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري کي پوليو جا ڦڙا پاڻ پياريا هئا۔ وڏي وزير عهد ڪيو ته سنڌ حڪومت، صحت جو عالمي ادارو ، يونيسف، گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل سان گڏجي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ملڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي۔ هن چيو ته ويڪسين کان انڪار جا واقعا وزيراعليٰ هائوس جي مانيٽرنگ سيل کي رپورٽ ڪيا ويندا ۽ والدين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته دنيا ۾ هاڻي صرف پاڪستان ۽ افغانستان اهڙا ملڪ آهن جتي اڃا تائين پوليو وائرس موجود آهي۔ هن ٻڌايو ته سنڌ جي 1400 يونين ڪائونسلن ۾ سو سيڪڙو ڪوريج کي يقيني بڻايو پيو وڃي جڏهن تہ پاڪستاني ٽيمون سرحد پار واپس ويندڙ افغان ٻارن کي به ڦڙا پيارين ٿيون۔ عوامي آگاهي وڌائڻ لاءِ وڏي وزير هدايت ڪئي ته سڀني ميڊيا ادارن کي مهم جي پرچار لاءِ خط موڪليا وڃن۔ ھن چيو ته مون ايترا ڀيرا پوليو جا ڦڙا پياريا آهن جو هاڻي هن ڪم ۾ ماهر ٿي ويو آهيان۔ هي ڪو مشڪل ڪم ناهي، هي ته اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجن ٻارن کي محفوظ رکون۔ آخر ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته اسان پوليو کان پاڪ پاڪستان بڻائينداسين۔
Back