سنڌ ۾ تعليم جو نئون باب: وڏي وزير EaSTE-II پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو
سنڌ ۾ تعليم جو نئون باب: وڏي وزير EaSTE-II پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو
Posted on: 04 Sep 2025 Tags:ڪراچي (3 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برٽش ڪائونسل جي سهڪار سان انگليش ايز اي سبجڪٽ فار ٽيچرز اينڊ ايجوڪيٽرز (EaSTE-II) پروگرام جي ٻئي مرحلي جو باضابطه افتتاح ڪيو۔ هن چيو ته هي قدم سنڌ ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ استادَ جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ هڪ تاريخي ڪوشش آهي۔ افتتاحي تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه، برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڪراچي لانس ڊوم، برٽش ڪائونسل پاڪستان جو ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن، ريجيونل ڊائريڪٽر ساره راجرسن ۽ ڪيترائي استاد ۽ ماهر تعليم موجود هئا۔ وڏي وزير چيو ته EaSTE-II پروگرام پهرئين مرحلي جي ڪاميابين تي ٻڌل آهي ۽ هن ذريعي 30 هزار نون پرائمري ۽ ابتدائي تعليم جي استادَن، ھڪ هزار تربيت يافته مينٽرس ۽ 35 ڪورس ليڊرن کي فائدو ملندو۔ هن جو مقصد استادَن کي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي پيشيوراڻي مهارتون ۽ اعتماد ڏيڻ آهي جيئن هڪ پائيدار سکيا جو ماڊل قائم ٿي سگهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو تعليم ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جي ڪنجي آهي ۽ سنڌ ۾ اسان انهن ماڻهن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون جيڪي مستقبل جوڙين ٿا يعني اسان جا استاد۔ هن ٻڌايو ته EaSTE-II پروگرام مڪمل طور تي سنڌ ڪنٽينيواس پروفيشنل ڊولپمينٽ (CPD) ماڊل 2022 ۽ ECCE & Foundational Learning پاليسي 2024 سان هم آهنگ آهي۔ هن انگریزي ٻوليءَ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اها هڪ عالمي مهارت آهي جيڪا علم، ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ بين الاقوامي موقعن تائين رسائي فراهم ڪري ٿي۔ اسان جڏهن استادَن کي بااختيار بڻايون ٿا ته اسين هزارين شاگردن کي عالمي سطح تي مقابلي جي قابل بڻايون ٿا، ساڳي وقت انهن کي پنهنجي ثقافتي ۽ لسانی سڃاڻپ تي فخر به رهي ٿو۔ پروگرام ۾ عورتن، اقليتي برادرين ۽ معذور استادَن کي به اوليت ڏني وئي آهي جڏهن تہ سنڌي ۽ اردو ٻولين جي واڌ ويجهه کي به انگريزيءَ سان گڏ وڌايو ويندو۔ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته EaSTE-II پروگرام آخرڪار سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ لڳ ڀڳ 20 لک ٻارن جي سکيا جي نتيجن کي بهتر بڻائيندو۔ وڏي وزير سنڌ حڪومت پاران برٽش ڪائونسل ۽ برطانوي حڪومت سان ويجهي تعاون جي عزم جو اظهار ڪندي چيو هي رڳو استادَن ۾ سيڙپڪاري ناهي پر پوري صوبي جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي۔ صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه چيو ته ٻولي سکڻ جي صلاحيت ٻين سڀني مضمونن ۾ ڪاميابي جي ڪنجي آهي۔ هن چيو جيڪو ٻار ٻوليءَ کي چڱيءَ ريت سکي ٿو اهو هر مضمون بهتر سمجهي ٿو۔ ٻولي رڳو هڪ مضمون ناهي پر علم، سوچ ۽ اظهار جو پُل آهي۔ تعليمي کاتي موجب 45691 نون ڀرتي ٿيل استادَن کي اڳ ۾ ئي STEDA ذريعي شروعاتي تربيت ڏني وئي آهي۔ هاڻوڪي مرحلي ۾ وڌيڪ 30 هزار استاد، ھڪ هزار مينٽرس ۽ 35 ڪورس ليڊرن جي مدد سان تربيت حاصل ڪندا جنهن سان سڌي ريت 20 لک ٻارن کي فائدو ملندو۔ وڏي وزير EaSTE-II جي جديد تربيت ماڊل جي تعريف ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل سيلف لرننگ ماڊيولز، هائبرڊ ۽ آن لائين سيشنز ۽ ساٿي سکيا لاءِ ڪميونٽيز آف پريڪٽس شامل آهن۔ هن ٻڌايو ته يونيسڪو تازو ئي سنڌ جي استادَن کي "Creative Teachers" جو خطاب ڏنو آهي جيڪي مصنوعي ذهانت ۽ روايتي لوڪ دانائي کي گڏجي ڪلاس روم ۾ استعمال ڪري رهيا آهن۔ هن چيو هي اهو تربيت جو ماڊل آهي جيڪو ايڪويهين صديءَ ۾ اسان کي گهرجي—لچڪدار، وسيع ۽ پائيدار۔ آخر ۾ وڏي وزير چيو اوھان ئي هن پروگرام جو دل آهيو۔ ياد رکو! هر ٻار جيڪو اوهان سيکاريو ٿا، اهو رڳو انگريزي نٿو سکي—هو وڏا خواب ڏسڻ، وڌيڪ تيز سوچڻ ۽ وڏن هدفن تائين پهچڻ سيکاري ٿو۔ برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن چيو ته EaSTE پروگرام هڪ آن لائين ڪنٽينيواس پروفيشنل ڊولپمينٽ (CPD) پروگرام آهي، جنهن جو مقصد استادَن جي انگريزي پڙهائڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ آهي۔
Back