صنعتي ترقي لاءِ نئون دور، سنڌ سرڪار ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون کي فعال بڻائڻ لاءِ سرگرم

صنعتي ترقي لاءِ نئون دور، سنڌ سرڪار ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون کي فعال بڻائڻ لاءِ سرگرم

Posted on: 28 Jun 2025   Tags:

ڪراچي (27 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي ترقي جو جائزو وٺندي سيڙپڪاري کاتي کي هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ سال جي آخر تائين سيڙپڪارن کي پلاٽ الاٽ ڪيا وڃن. وڏي وزير چيو ته هي زون، جيڪو چائنا-پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC) جي تحت هڪ فليگ شپ منصوبو آهي سنڌ ۾ وسيع پيماني تي سيڙپڪاري آڻڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. صوبائي صنعتي ترقي جي حڪمت عملي تحت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ DSEZ جي ترقي تي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وزير رٿابندي ۽ ترقيات سيد ناصر حسين شاهه، وڏي وزير جو خاص مددگار قاسم نويد قمر، پي اينڊ ڊي بورڊ جو چيئرمين نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري سيڙپڪاري راجا ڪامران شهزاد، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ اڪنامڪ زونز مئنيجمينٽ ڪمپني (SEZMC) جو CEO عظيم عقيلي ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته DSEZ تي ڪم اپريل 2024ع ۾ شروع ٿيو ۽ بجلي، گئس ۽ پاڻي جي لائينن سميت اهم بنيادي اسٽرڪچر جو وڏو حصو اڳ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير زور ڀريو ته رهيل ڪم جلدي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن زون کي جلد فعال بڻائي سگهجي. وڏي وزير چيو "ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون کي بنا دير فعال ڪيو وڃي ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ٿين ۽ سيڙپڪاري جو عمل شروع ٿي سگهي." هن هدايت ڪئي ته سال جي آخر تائين سيڙپڪارن کي صنعتي پلاٽ الاٽ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن 2026ع جي شروعات تائين زون صنعتي سرگرمين لاءِ مڪمل طور تي تيار ٿي سگهي. هڪ اهم نڪتو پورٽ قاسم کي ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي پوئين حصي سان ملائيندڙ روڊ جي جلد تعمير هئي جنهن کي وڏي وزير "لاجسٽڪس ۽ سيڙپڪارن جي رسائي لاءِ انتهائي اهم" قرار ڏنو. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڏني ته هن روڊ منصوبي کي ترجيح ڏئي جلدي مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته DSEZ نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ لاءِ حڪمت عملي لحاظ کان انتهائي اهم آهي خاص ڪري CPEC جي ٻي مرحلي ۾ جتي پاڪستان جي توجهه انفراسٽرڪچر کان صنعتي تعاون ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي. مراد علي شاهه SEZMC ۽ لاڳاپيل ادارن تي زور ڏنو ته اهي يوٽيلٽي، زمين جي الاٽمينٽ، سيڙپڪارن جي سهولت ۽ قانوني فريم ورڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪن ته جيئن مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائي سگهجي. ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون 1500 ايڪڙ تي ٻڌل آهي ۽ ڪراچي پورٽ کان فقط 45 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي، پورٽ قاسم جي ويجهو ۽ اهم صنعتي و لاجسٽڪس راهدارين جي قريب واقع آهي. هي زون انجنيئرنگ، فارما، خوراڪ پروسيسنگ، لاجسٽڪس، آٽو پارٽس، ڪيميڪلز ۽ ٽيڪسٽائل سميت مختلف شعبي لاءِ ٺهيل آهي. وڏي وزير چيو ته حڪومت جي خاص ڌيان سان هي زون سنڌ لاءِ صنعتي واڌاري، روزگار جي فراهمي ۽ سرڪاري-نجي شراڪتداريءَ جو هڪ مثالي ماڊل بڻجندو. هن زون جي وقت سر مڪمل ٿيڻ ۾ ڪنهن به رنڊڪ جي حل لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.اجلاس جي آخر ۾ وڏي وزير هدايت ڪئي ته سڀئي کاتا هفتيوار رپورٽ پيش ڪن ۽ جتي ضرورت هجي اتي وفاقي ادارن سان گڏجي مڪمل هم آهنگي سان يوٽيلٽي ۽ انفراسٽرڪچر جي منظوريءَ وارا معاملا حل ڪن.

Back