سنڌ–چين بائيو ٽيڪنالاجي ۽ زرعي تعاون ۾ نئون قدم: زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ بائيو انڊسٽري ۾ گڏيل سيڙپڪاري تي اتفاق
سنڌ–چين بائيو ٽيڪنالاجي ۽ زرعي تعاون ۾ نئون قدم: زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ بائيو انڊسٽري ۾ گڏيل سيڙپڪاري تي اتفاق
Posted on: 17 Dec 2025 Tags:ڪراچي (26 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چائنا–آفريقا اينڊ ايشيا اڪنامڪ ٽريڊ ڪوآپريشن جي وفد ۽ لويانگ ماڊرن بائيو لاجي جي نمائندن سان هڪ اهم اجلاس جي ميزباني ڪئي جنهن ۾ بائيو ٽيڪنالاجي، زرعي جدت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻن طرفي ۽ ٽن طرفي تعاون جون تجويزون زير بحث آيون ۽ انهن تي اتفاق پڻ ڪيو ويو. وڏي وزير کي ترقي لاءِ تيار صوبو قرار ڏيندي چيو ته ان جون ھڪ ڪروڙ 40 لک ايڪڙ زرخيز سرسبز ۽ وڌندڙ صنعتي زونن صوبو لاءِ وڏي صلاحيت رکندا آهن. اجلاس وزيراعلیٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ، گھرو صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار، صوبائي وزير فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ محمد علي ملڪاڻي، وزيراعلیٰ جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. چيني وفد جي اڳواڻي هو يوي جائو ڪري رهيا هئا جڏهن ته لويانگ ماڊرن بائيو لاجي جا اعليٰ عملدار وانگ شانپو، وانگ چوانگَي، بائي شِيو، ياو شِن لي ۽ ژانگ شِنگ وِي پڻ موجود هئا. وڏي وزير وفد جو استقبال ڪندي پاڪستان ۽ چين جي گهري دوستي ۽ اسٽرٽيجڪ ڀائيواري کي اجاگر ڪيو. ترقي لاءِ تيار صوبو: وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي صنعتي جديديت، بائيو ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ زرعي ويليو چين جي فروغ جي پنهنجي وِژن کي بيان ڪيو. هن چيو ته سنڌ اڄ هڪ ترقي لاءِ تيار صوبو آهي جنهن جي پٺڀرائي ۾ مضبوط ادارا، سازگار پاليسيون ۽ انفراسٽرڪچر ۾ وڏي اڳڀرائي موجود آهي. هن چيني ڪمپنين کي بائيو ٽيڪنالاجي، دواسازي، اسمارٽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي جدت واري شعبن ۾ وڏي قدر جي سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. بائيو ٽيڪنالاجي ۽ زرعي تعاون: اجلاس ۾ مختلف ممڪن شعبن ۾ تعاون بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جن ۾ ڪراچي يا حيدرآباد ۾ بائيو ٽيڪنالاجي ريسرچ اينڊ ڊويلپمينٽ ليبارٽريون قائم ڪرڻ، دوائن وارا ٻوٽا، نامياتي ڀاڻ، بائيو ايگريڪلچر ۽ وٽرنري هيلٿ ۾ گڏيل منصوبا، موسمياتي تبديليءَ سان هم آهنگ، وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ فصلن جي ٽيڪنالاجي جي منتقلي، اسمارٽ فارمنگ سسٽم ۽ جديد ٻج تحقيق جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ بائيو فرٽيلائزر پيدا ڪندڙ يونٽس جو قيام شامل هئا. وڏي وزير چيو ته سنڌ جون ھڪ ڪروڙ 40 لک ايڪڙ سرسبز زمينون ۽ ترقي ڪندڙ صنعتي زون وڏين پيماني تي چيني سيڙپڪاري لاءِ مثالي ماحول مهيا ڪن ٿا۔ واپاري شراڪتداري ۽ انويسٽمينٽ فورم جي تجويز: چائنا–آفريقا اينڊ ايشيا اڪنامڪ ٽريڊ پروموشن تنظيم کي سنڌ جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، سي فوڊ، چانور ۽ ٻين زرعي شين جي برآمدات کي وڌائڻ لاءِ رابطن جي تجويز ڏني وئي. ان کان علاوه سنڌ جي ڪاروباري ماڻهن کي آفريقا ۽ چين جي مارڪيٽن سان ڳنڍڻ ۽ ڪراچي ۾ ٽن طرفي سنڌ–چين–آفريقا انويسٽمينٽ فورم جي انعقاد جي سفارش پڻ ڪئي وئي. خصوصي اقتصادي زونز: وڏي وزير سيڙپڪاري لاءِ تيار صنعتي زونز جو ذڪر ڪندي وفد کي ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون، خيرپور ايس اي زيڊ ۽ نوري آباد صنعتي علائقي جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن يقين ڏياريو ته سنڌ جي نئين ون ونڊو انويسٽمينٽ ڊيسڪ تحت سيڙپڪارن کي تيز رفتار سهولت، زمين جي فراهمي، ريگيوليٽري منظوريون ۽ وفاقي ۽ صوبائي ايس اي زيڊ قانونن تحت موجود سهولتون مهيا ڪيون وينديون. لائيو اسٽاڪ ۽ ماھي پروري جو تعاون: اجلاس جو وڏو حصو لائيو اسٽاڪ بائيو ٽيڪنالاجي، ويڪسين جي تياري، بيمارين جي جاچ ۽ ٽريس ايبيلٽي سسٽمز بابت بحث تي مشتمل هو. وفد کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جو لائيو اسٽاڪ شعبو قومي جي ڊي پي ۾ 14.97 سيڪڙو حصو رکي ٿو، 237 ملين لائيو اسٽاڪ هيڊز موجود آهن ۽ 72 ملين ٽن کير پيدا ٿئي ٿو جنهن ۾ سنڌ جو حصو 23–27 سيڪڙو آهي. جن شعبن کي تعاون لاءِ اهم قرار ڏنو ويو انهن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت لائيو اسٽاڪ ٽيگنگ ۽ ٽريس ايبيلٽي سسٽمز، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيميل هيلٿ سان گڏجي ويڪسين پيدا ڪرڻ ۽ بلڪ پيڪيجنگ، بيمارين جي سڃاڻپ جا جديد نظام، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ سنڌ لائيو اسٽاڪ رجسٽريشن اينڊ ٽريڊنگ اٿارٽي کي فعال ڪرڻ شامل آهن. اهو به طئي ٿيو ته سنڌ صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ گروپ قائم ڪندو جيڪو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لائيو اسٽاڪ تعاون سان لاڳاپيل مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندو. وڏي وزير ۽ چيني وفد لويانگ ماڊرن بائيو لاجي ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيميل هيلٿ سان ايم او يوز ۽ گڏيل منصوبن (جي وي) تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. اهو پڻ طئي ٿيو ته ويڪسين ٺاهڻ واري شراڪتداري سان لاڳاپيل آپريشنل، لاجسٽڪ ۽ مالي معاملن کي حل ڪيو ويندو، لائيو اسٽاڪ ٽيگنگ ۽ ٽريس ايبيلٽي لاءِ ٽئين مرحلي جي سيڙپڪارن سان مشاورت شروع ڪئي ويندي ۽ عملدرآمد لائق منصوبن کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ايندڙ هفتي فالو اپ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ٿيندو۔