سندھ پبلک سروس کمیشن کو مزید بہتر سے بہتر کر رہے ہیں، سید مراد علی شاہ

سندھ پبلک سروس کمیشن کو مزید بہتر سے بہتر کر رہے ہیں، سید مراد علی شاہ

Posted on: 18 Feb 2026   Tags:
ڪراچي (24 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (P&D) کاتي حيدرآباد جي مانيٽرنگ اينڊ ايويليويشن سيل (MEC) جي ٽيم جنهن جي اڳواڻي ريجنل مانيٽرنگ اينڊ ايويليويشن آفيسر (RMEO) شفقت علي شاهه ۽ انجنيئر عبدالقيوُم پليجو ڪري رهيا هئا، حيدرآباد ضلعي جي علائقي ٿڌي سڙڪ تي قائم اسڪيم “سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) لاءِ سيڪريٽريٽ ڪمپليڪس جي قيام” جو دورو ڪري معائنو ڪيو۔ ايس پي ايس سي سيڪريٽريٽ ڪمپليڪس 2517.43 ملين رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي۔ دوري دوران مانيٽرنگ ٽيم اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر (AEN) انجنيئر رمیش ڪمار (WS)، ٺيڪيدار ۽ ڪنسلٽنٽ جي ٽيڪنيڪل ٽيم سان گڏ نئين تعمير ٿيل پنج ماڙ عمارت جي ڪم جي اڳڀرائي ۽ معيار جو تفصيلي جائزو ورتو۔ معائني دوران معلوم ٿيو ته تعميراتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ مجموعي طور ڪم جو معيار تسلي بخش آهي۔ اهو پڻ مشاهدو ڪيو ويو ته عمارت جي هر ماڙ تي مڪمل فائر فائٽنگ سسٽم لڳل آهي جنهن ۾ پاڻي ۽ ڪيميڪل ٻنهي قسمن جا فائر ايڪسٽيگشر شامل آهن۔ سڀ ٽيڪنيڪل ٽيسٽ رپورٽون ۽ اسڪيم سان لاڳاپيل دستاويز سائيٽ تي موجود مليا۔ تفصيلي معائني کانپوءِ اسڪيم جي جسماني اڳڀرائي 99.9 سيڪڙو جڏهن ته مالي خرچ پڻ 99.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو۔ اصل انتظامي منظوري موجب منصوبي جي تڪميل فيبروري 2026 جي آخر تائين امڪان هئي پر اسڪيم جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان جي حدفي تڪميل جي تاريخ ڊسمبر 2025 مقرر ڪئي وئي۔ موجوده مرحلي تي ڪم جي رفتار ۽ معيار ٻنهي کي تسلي بخش قرار ڏنو ويو۔ چيئرمين ايس پي ايس سي محمد وسيم منصوبي جي تڪميل جي ذاتي طور نگراني ڪئي ۽ وقت سر تڪميل ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ گهري دلچسپي ورتي۔ منصوبي بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ اهم آئيني ادارو آهي جيڪو ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي ڀرتين کي يقيني بڻائي ٿو۔ جديد سيڪريٽريٽ ڪمپليڪس جي قيام سان ايس پي ايس سي جي امتحانن ۽ ڀرتين جي عمل کي وڌيڪ مؤثر ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ جي صلاحيت مضبوط ٿيندي۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت انهن ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪي ميرٽ، شفافيت ۽ بهتر حڪمراني کي هٿي ڏين ٿا۔ ايس پي ايس سي کي جديد سهولتون مهيا ڪرڻ سنڌ ڀر ۾ عوامي خدمتن جي بهتري لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو۔ سنڌ جي وڏي وزير منصوبي جي تقريبن تڪميل تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته باقي رهيل رسمي ڪارروائيون جلد مڪمل ڪيون وڃن ته جيئن هي سهولت جلد کان جلد مڪمل طور تي فعال ٿي سگهي۔
Back