سوچ ۽ فڪر کانسواءِ مضبوط جمهوريت اڻپوري آھي، وڏو وزير مراد علي شاهه

سوچ ۽ فڪر کانسواءِ مضبوط جمهوريت اڻپوري آھي، وڏو وزير مراد علي شاهه

Posted on: 22 Feb 2026   Tags:

ڪراچي (22 فيبروري 2026ع): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سوچ ئي قومن جي تقدير بدلائڻ واري اصل طاقت آهي ۽ باشعور فڪر کانسواءِ مضبوط جمهوريت جو خواب اڻپورو آھي. هي ڳالهه هن ورلڊ ٿنڪنگ ڊي جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس پيغام ۾ ڪئي. وڏي وزير چيو ته تنقيدي سوچ، خيالن جي ڏي وٺ ۽ برداشت قومي ترقي جو بنياد آهن. هن نوجوان نسل ۾ فڪري آزادي ۽ قيادت جي تربيت تي زور ڀريندي چيو ته پاليسي سازي ۾ ڏاھپ، تحقيق ۽ اجتماعي شعور کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سماج مثبت رخ ڏانھن اڳتي وڌي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ "صحتمند دماغ، صحتمند سماج" جي عنوان سان ورلڊ اينسيفلائٽس ڊي پڻ ملهايو پيو وڃي، جيڪو دماغي صحت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت دماغي صحت جي تحفظ کي قومي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي. سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم جي شعبن جي ترقي لاءِ ڀرپور اپاءَ وٺي آهي. وڏي وزير چيو تھ صحت ۽ تعليم تي سيڙپڪاري ئي پائيدار استحڪام جي ضمانت آهي ۽ پيپلز پارٽي حڪومت عوام کي بهتر طبي سهولتون ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي.

Back