صوفي بزرگن جون تعليمات انسانيت، ڀائيچاري ۽ خدمت جو درس ڏين ٿيون، وڏي وزير مراد علي شاهه جون حضرت عبدالله شاهه غازي جي عرس تقريب ۾ ڳالھيون
صوفي بزرگن جون تعليمات انسانيت، ڀائيچاري ۽ خدمت جو درس ڏين ٿيون، وڏي وزير مراد علي شاهه جون حضرت عبدالله شاهه غازي جي عرس تقريب ۾ ڳالھيون
Posted on: 20 Jun 2025 Tags:ڪراچي (19 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حضرت عبدالله شاهه غازي کي روحانيت جو روشن ڏيئو قرار ڏيندي چيو آهي ته صوفي بزرگن جون تعليمات انسانيت، ڀائيچاري ۽ خدمت جو درس ڏين ٿيون. هن چيو ته "هيءَ درگاهه هر زيارت ڪندڙ کي عزت، سڪون ۽ برڪت عطا ڪري ٿي. صوفي روايت جو پيار ۽ برداشت وارو پيغام اڄ به اسان جي سماج لاءِ مشعل راهه آهي." وڏي وزير اهي ڳالهيون حضرت عبدالله شاهه غازي جي ٽن ڏينهن واري عرس جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون. وڏي وزير سان گڏ زڪوات ۽ اوقاف جي وزير رياض شاهه شيرازي به موجود هو جن کي سيڪريٽري زڪوات مريد راهيمون ۽ ٻين سينيئر آفيسرن ڀليڪار ڪيو. مراد علي شاهه تقريب دوران دعا گهري، چادر چاڙهي ۽ درگاهه تي موجود مستحق ماڻهن ۾ ڪپڙا ورهايا. هن حضرت عبدالله شاهه غازي کي سنڌ جي روحانيت جو روشن ڏيئو سڏيندي چيو ته صوفين جو پيغام انسانيت، ڀائيچاري ۽ خدمت جو پيغام آهي جيڪو اڄ به اسان لاءِ رهنمائي ڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عرس جي موقعي تي زائرين جي سهولت لاءِ شاندار بندوبست ڪيو آهي جنهن بابت وزير رياض شاهه شيرازي کيس آگاهه ڪيو. هن سنڌ جي روحاني ورثي جي حفاظت ۽ واڌاري جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ دعا گهري. مراد علي شاهه عوام تي زور ڀريو ته صوفين جي سيکاريل محبت، ڀائيچاري ۽ رواداري جي واٽ تي هلن. حضرت عبدالله شاهه غازي جو 1295هون ساليانو عرس ملهايو پيو وڃي جيڪي امام حسن (رضي الله عنه) جي نسل مان هئا ۽ اسلام لاءِ انهن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هيءَ تقريب سنڌ جي روحاني ۽ ثقافتي ڪئلينڊر جو اهم حصو آهي جنهن ۾ هزارين عقيدتمند شرڪت ڪئي.
سوال جواب سيشن:
هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته "اپوزيشن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي مان ان کي ذاتي نه ٿو وٺان پر تنقيد ۾ شائستگي هجڻ گهرجي." هن چيو ته اپوزيشن کي به سنڌ جي صوفين جو خيال رکڻ گهرجي ڇوته اهي اسان جي ثقافت ۽ روايت جو حصو آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته "الله جي فضل سان مان هڪ وڏي عرصي وارو سنڌ جو وڏو وزير رهيو آهيان ۽ هن صوبي جي ترقي لاءِ محنت ڪئي آهي." ڀارت جي جارحيت بابت سوال تي هن چيو ته "ڀارت بنا سبب حملو ڪيو پر ڪجهه ڏينهن ۾ کيس پنهنجو ڪيتو لوڙهڻو پيو، جڏهن سڄي قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺي ته ظالمن کي پنهنجو انجام ڏسڻو پوي ٿو." هن چيو ته جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي ذميواري نڀائي ته ڪاميابي پڪ آهي. اهوئي جذبو ملڪ جي حفاظت لاءِ گهربل آهي. وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بين الاقوامي ميڊيا ۾ پاڪستان جو موقف اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو جنهن بعد حڪومت کيس سفارتي وفد جي اڳواڻي لاءِ موڪليو. هن چيو ته "بلاول ڀٽو زرداري جي سفارتڪاري سبب دنيا پاڪستان کي نئين نظر سان ڏسڻ لڳي آهي جيڪا اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي." جنرل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات بابت مراد علي شاهه چيو ته ان جا مثبت نتيجا نڪتا ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي سگهه ملي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي ڪراچي اچي رهيا آهن جن جو شاندار استقبال ڪيو ويندو. هن چيو ته "مان سمورن محب وطن پاڪستانين کي اپيل ٿو ڪريان ته هو ايئرپورٽ تي اچن ۽ چيئرمين جو استقبال ڪن ڇاڪاڻ تہ بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ دنيا پاڪستان کي نئين زاوئي سان ڏسڻ لڳي آهي ۽ اسان کي انهن تي فخر آهي." اهي سڀ ڳالهيون وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حضرت عبدالله شاهه غازي جي درگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون جتي هن سنڌ جي روحاني ورثي، ملڪي دفاع ۽ سياسي صورتحال تي روشني وڌي.
Back