ٿيليسيما جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي وزير جو پيغام

ٿيليسيما جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي وزير جو پيغام

Posted on: 09 May 2025   Tags:

ڪراچي (8 مئي)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٿيليسيما جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هن موروثي ۽ موتمار بيماري بابت آگاھي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٿيليسيما صرف مريض لاءِ ناهي بلڪه سڄي خاندان لاءِ هڪ چئلينج آهي. عوام کان اپيل آهي ته ٿيليسيما جي مريضن جي زندگي بچائڻ لاءِ رت جو عطيو ڪن ۽ هن بيماري کان بچاءَ لاءِ آگاھي کي هٿي وٺرائين . هن وڌيڪ چيو ته نئين نسل کي ٿيليسيما کان بچائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڏي وزير ان موقعي تي صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو عزم پڻ ڪيو. مراد علي شاھ ٻڌايو ته صوبي ۾ ٿيليسيما جي علاج لاءِ جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي موجب صوبي جي 26 مرڪزن ۾ 9525 مريض رجسٽرڊ آهن جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت نادرا جي ڪورنگي ۽ صفورا مرڪزن ۾ ٿيليسيما ۽ هيپاٽائٽس جي مفت سڃاڻپ لاءِ خاص ڊيسڪ قائم ڪيا آهن. ان کان علاوه بيماري جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ شادي کان اڳ اسڪريننگ جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري آهن. وڏي وزير زور ڏنو ته تعليمي ادارن، ميڊيا پليٽ فارمن ۽ ڪميونٽي پروگرامن ۾ آگاھي مهمون جاري آهن. هن چيو ته ٿيليسيما جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ موثر قدمن جي ضرورت آهي ۽ تجويز ڏني ته هڪ جامع اسڪريننگ پروگرام شروع ڪرڻ سان هن بيماري جي پکيڙ ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. مراد علي شاھ ٿيليسيما کي منهن ڏيڻ لاءِ والدين، استادن ۽ مذهبي اڳواڻن جي اهم ڪردار کي پڻ اجاڳر ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته صوبي ۾ عوامي آگاھي کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

Back