35 هين قومي رانديون پاڪستان جي اتحاد، تنوع ۽ طاقت جي نمائندگي ڪن ٿيون: وڏو وزير سيد مراد شاهه
35 هين قومي رانديون پاڪستان جي اتحاد، تنوع ۽ طاقت جي نمائندگي ڪن ٿيون: وڏو وزير سيد مراد شاهه
Posted on: 19 Dec 2025 Tags:ڪراچي (6 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن نيشنل اسٽيڊيم ۾ منعقد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 35هين نيشنل گيمز پاڪستان جي ٻڌيءَ، تنوع ۽ قومي سگهه جي علامت آهن. هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل رانديگرن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ويهه ورهين کانپوءِ ڪراچي ۾ نيشنل گيمز جي واپسي صوبي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ فخر جو لمحو آهي۔ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، صوبائي وزيرن، سنڌ اسيمبلي ۽ ڪابينا جي ميمبرن، پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي عهديدارن، معزز مهمانن، منتظمين ۽ هزارين تماشائين جي موجودگي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سمورن صوبن ۽ علائقن کان آيل رانديگرن جي شاندار شموليت پاڪستان جي حقيقي خوبصورتي کي ظاهر ڪري ٿي۔ هن چيو هي اسان جو ميگا ايونٽ آهي، اڄ سڀني صوبن جا رنگ ڪراچي ۾ چمڪندڙ آهن۔ مراد علي شاهه شرڪت ڪندڙن کي گرمجوشي سان ڀليڪار ڪندي سندن محنت، نظم ۽ ضبط کي ساراهيو جنهن جي نتيجي ۾ اهي هتي هن معزز پليٽفارم تائين پهتا آهن۔ هن چيو ته توهان مان هر هڪ غيرمعمولي ڪوششون ڪيون آهن ۽ توهان جي موجودگي حڪومتِ سنڌ ۽ هن صوبي جي ماڻهن لاءِ فخر جو باعث آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ويهه ورهين کانپوءِ نيشنل گيمز جي ميزباني سنڌ لاءِ هڪ تاريخي لمحو آهي ۽ سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي جو اهي ٻين صوبن، علائقن ۽ وفاقي ادارن کان آيل باصلاحيت رانديگرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي۔ هن چيو ته سنڌ جي ثقافتي عظمت ان جي بي مثال مهمان نوازي سان سڃاتي ويندي آهي ۽ خاطري ڪرائي روايت موجب شرڪت ڪندڙن کي ڀرپور سهولت فراهم ڪئي ويندي۔ وڏي وزير چيو ته نيشنل گيمز ملڪ جا اهم ترين رانديگي مقابلا آهن ڇوتہ اهي قومي اتحاد جي علامت آهن۔ هن چيو اهي گيمز پاڪستان جي گڏيل طاقت جي نمائندگي ڪن ٿيون۔ مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪراچي جي 24 مختلف جڳهن تي 32 راندين جا مقابلا ٿي رهيا آهن جن ۾ لڳ ڀڳ 10 هزار رانديگر حصو وٺي رهيا آهن۔ هن سنڌ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي بي پناهه محنت کي ساراهيندي چيو ته توهان جي لگن هن شاندار ايونٽ جي وقار ۾ اضافو ڪيو آهي۔ رانديگرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته کٽڻ ۽ هارائڻ راند جو حصو آهن پر نظم و ضبط، احترام ۽ اسپورٽس مين شپ ئي حقيقي چيمپئن جي سڃاڻپ آهي۔ هن چيو توهان صرف پنهنجي صوبن يا ادارن جي نه، پر پوري قوم جي عزت جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو۔ مراد شاهه چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو مهانانِ خاص طور شرڪت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته سندن شرڪت پاڪستان جي نوجوانن لاءِ هڪ وڏي حوصلا افزائي آهي۔ هن چيو ته بلاول ڀٽو نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ سنڌ حڪومت به نوجوانن جي ترقي ۽ راندين جي فروغ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي۔ افتتاحي تقريب تلاوتِ قرآن پاڪ ۽ قومي تراني سان شروع ٿي جنهن بعد آرگنائيزنگ ڪميٽي جي چيئرمين، پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي صدر ۽ وزيراعليٰ خطاب ڪيا۔ شيلڊن جي ورڇ، مارچ پاسٽ، رانديگرن ۽ آفيسرن جي حلف برداري ۽ مشعل روشن ڪرڻ پڻ تقريب جو حصو هو۔ تقريب جو اختتام چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي انهن لفظن سان ٿيو مان 35هين نيشنل گيمز 2025 جي باقاعده افتتاح جو اعلان ڪريان ٿو.