سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي قرارداد، سنڌ جي ورهاڱي کي ناقابل قبول قرار ڏنو ويو
سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي قرارداد، سنڌ جي ورهاڱي کي ناقابل قبول قرار ڏنو ويو
Posted on: 22 Feb 2026 Tags:ڪراچي (21 فيبروري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڇنڇر ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ سخت لفظن تي ٻڌل هڪ قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ هن سنڌ کي ٽوڙڻ يا ڪراچي کي الڳ ڪرڻ بابت ورهائيندڙ بيانن جي مذمت ڪندي اعلان ڪيو ته صوبي جي وحدت ۽ علائقائي سالميت تي ڪا به ڳالھه ٻولھه يا سوديبازي نٿي ٿي سگهي ۽ آئيني طور محفوظ آهي۔ ايوان کي جامع خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ صرف هڪ انتظامي يونٽ نه پر دنيا جي قديم ترين زنده تهذيبن مان هڪ آهي. هن ان جي سڃاڻپ کي موئن جو دڙو کان وٺي تاريخي سنڌ قانون ساز اسيمبلي تائين ڳنڍيو جنهن 1943 ۾ قراردادِ پاڪستان منظور ڪئي هئي۔ هن چيو اهو صوبو جنهن پاڪستان جي قيام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو پنهنجي ئي تاريخي وطن جي ورهاست جي اجازت نٿو ڏئي سگهي۔ وڏي وزير ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جي مطالبن جي مذمت ڪندي چيو ته هي شهر جيڪو تاريخي طور ڪولاچي جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، سنڌ جي ڌرتيءَ مان اڀريو ۽ جاگرافيائي، تاريخي ۽ جذباتي طور ان کان جدا نٿو ڪري سگهجي۔ هن چيو سنڌ کي ورهائڻ يا ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش تاريخ، آئيني روح ۽ جمهوري قدرن جي خلاف آهي، ۽ وڌيڪ چيو ته اهڙي بيان بازي قومي ٻڌيءَ کي نقصان پهچائي ٿي۔ آئيني تحفظن جو حوالو ڏيندي وڏي وزير 1973 جي آئين جي آرٽيڪل 239 جو ذڪر ڪيو جنهن تحت ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ تبديلي لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽيهائي اڪثريت جي منظوري ضروري آهي۔ هن اسيمبلي ميمبرن کي چيو جيڪڏهن اهڙي ڪا ڪوشش ڪئي وئي ته هي اسيمبلي ٻه ٽيهائي اڪثريت سان فيصلو ڪندي۔ مراد شاهه ياد ڏياريو ته 1994 ۾ به سنڌ اسيمبلي پاران اهڙي ئي هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي هئي ۽ زور ڏنو ته هي پهريون موقعو نه آهي جڏهن صوبي پنهنجي وحدت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن جو مقابلو ڪيو هجي۔ هن اهوبه چيو ته جڏهن 1948 ۾ ڪراچي کي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو هو ته ملڪ وٽ ان وقت آئين موجود نه هو ۽ دليل ڏنو ته اڄ آئيني وضاحت ڪنهن هڪ طرفي فيصلي جي گنجائش نٿي ڇڏي۔ قرارداد ۾ متفقه طور سنڌ جي ورهاست يا ڪراچي تي ٻڌل الڳ صوبو ٺاهڻ جي ڪنهن به سازش جي مذمت ڪئي وئي، هن ڳالهه جو اعادو ڪيو ويو ته ڪراچي هميشه لاءِ سنڌ جو اٽوٽ حصو رهندو ۽ سڀني سياسي ڌرين کان مطالبو ڪيو ويو ته هو ورهائيندڙ بيان بازي کان پاسو ڪن۔ وڌيڪ ته صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته قرارداد صدرِ مملڪت، وزيراعظم، چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي رڪارڊ لاءِ موڪلي وڃي۔ ڪنهن به سياسي جماعت جو نالو وٺڻ کان سواءِ وڏي وزير چيو ته هي قرارداد ڪنهن فرد جي خلاف نه آهي پر ميمبرن کي چيو ته هو ان کي غور سان پڙهن ۽ جيڪڏهن ڪو اعتراض هجي ته جمهوري بحث ذريعي اٿارين۔ هن ريمارڪس ڏنا ته هن قرارداد جي مخالفت ڪرڻ سنڌ جي ورهاست جي حمايت جي مترادف هوندو۔ سنڌ جي تاريخي جدوجهد جو ذڪر ڪندي 1936 ۾ بمبئي پريزيڊنسي کان عليحدگي کان وٺي ون يونٽ اسڪيم خلاف مزاحمت تائين وڏي وزير چيو ته سنڌ جي عوام هميشه آئيني ۽ سياسي ذريعن سان پنهنجي صوبي جو دفاع ڪيو آهي۔ هن صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي نعري پاڪستان کَپَي جو پڻ حوالو ڏنو ۽ اعادو ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي قومي يڪجهتي ۽ وفاقيت تي يقين رکي ٿي۔ هن تنقيد ڪندڙن کي ٻٽوڪ جواب ڏيندي چيو پي پي پي ڪڏهن به پاڪستان جي سالميت جي خلاف نه ويندي۔ پاڪستان کي ورهائڻ جي ڳالهه اوهان ڪندا آهيو۔ پنهنجي تقرير جي پڄاڻي تي مراد علي شاهه اعلان ڪيو سنڌ کي ٽوڙڻ جو خيال، خواب يا تصور ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو۔ ان کانپوءِ وڏي وزير مراد شاهه صوبي جي ورهاست خلاف قرارداد تي اپوزيشن جي بحث جي جواب ۾ لکت ۾ وضاحت به پيش ڪئي۔ هن انهن دعوائن کي ٻٽوڪ انداز ۾ رد ڪيو ته قرارداد غير آئيني آهي ۽ مخالفن کي چيلينج ڪيو ته هو هڪ به نڪتو ٻڌائن جيڪو قانون جي خلاف هجي۔ وڏي وزير زور ڏنو ته قرارداد جو بنيادي نڪتو سادو آهي: ايوان سنڌ جي ڪنهن به ورهاست کي قبول نٿو ڪري۔ هن اسيمبلي کي چيو جيڪڏهن اوهان اهو يقيني بڻائڻ چاهيو ٿا ته سنڌ ڪڏهن ورهائجي نه، ته اوهان کي هن قرارداد جي حمايت ڪرڻي پوندي۔ هن واضح ڪيو ته هي دستاويز اظهار جي آزادي تي حملو نه پر صوبي جي علاقائي سالميت بابت واضح موقف آهي۔ وڏي وزير متحدہ قومي موومينٽ جي موقف ۾ تبديلي جي نشاندهي ڪندي ياد ڏياريو ته 2019 ۾ به سنڌ جي ورهاست خلاف هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي وئي هئي ۽ ان وقت ايم ڪيو ايم ان جي حمايت ڪئي هئي۔ هن چيو ايم ڪيو ايم جا ميمبر ٻنهي پاسن جي سياست نٿا کيڏي سگهن۔ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جي تاريخ اپوزيشن کي گڏ وٺي هلڻ جي رهي آهي ۽ اهڙن دورن کي ياد ڏياريو جڏهن اپوزيشن جي آواز مڪمل طور دٻائي وئي هئي۔ اپوزيشن پاران گورنر جي ذڪر تي اعتراض بابت وڏي وزير وضاحت ڪئي ته قرارداد ۾ گورنر جو نالو شامل نه آهي۔ هن چيو جيڪڏهن ڪو ميمبر گورنر جو نالو وٺي ٿو ته اوهان ان کي ڪارروائي مان خارج ڪري سگهو ٿا؛ ان جو قرارداد سان ڪو تعلق نه آهي۔ تنهن هوندي به هن ٻڌايو ته هن معاملي تي گورنر هائوس ۾ هڪ اجلاس ضرور ٿيو هو۔ صوبائي وزير ڄام خان شورو جي ريمارڪس بابت وڏي وزير سوال ڪيو ته ماضي جو حوالو ڏيڻ ۾ ڇا غلط آهي۔ هن ماضي جي نعرن جهڙوڪ “ٽي وي ڇڏيو ۽ ڪلاشنڪوف خريد ڪريو” ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اپوزيشن کي پنهنجي تاريخ تي به غور ڪرڻ گهرجي۔ اپوزيشن جي هن دعويٰ کي رد ڪندي ته قرارداد جي پٺيان ڪا سازش آهي، وڏي وزير جواب ڏنو اوهان چوندا آهيو ته اوهان کي ڪجهه بوءِ اچي ٿي پر مون کي اوهان جي رويي مان ڪجهه ٻيو محسوس ٿئي ٿو۔ هن پڄاڻي تي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آئين ۾ صوبائي حقن کي تحفظ ڏنو هو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي انهن حقن جي نگهبان آهي۔
Back