عالمي ڏينهن امن تي وڏي وزير جو پيغام، ڪشمير ۽ فلسطين مسئلن جي حل جي گھر
عالمي ڏينهن امن تي وڏي وزير جو پيغام، ڪشمير ۽ فلسطين مسئلن جي حل جي گھر
Posted on: 24 Sep 2025 Tags:ڪراچي (21 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي ڏينهن امن تي سندس پيغام ۾ چيو آھي ته امن انسان جي ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ بنيادي شرط آهي۔ هن چيو ته مسئلي ڪشمير جو منصفاڻو حل نڪرڻ کان سواءِ ڪا به امن ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي۔ هن فلسطين ۾ جاري خونريزي جي سخت مذمت ڪئي۔ سندس چوڻ هو ته جنگون رڳو تباهي، معاشي زوال ۽ انساني ڏکن کي جنم ڏين ٿيون۔ وڏي وزير گڏيل قومن کان پنهنجي قيام جي مقصد کي پورو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان سڀني ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا ٿو چاهي ۽ عالمي برادري کي پائيدار امن جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔
Back
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat