آبادگارن لاءِ فنڊز جي منتقلي ۽ اڪائونٽ ايڪٽيويشن ۾ تيزي آندي وڃي، وڏي وزير جي هدايت

آبادگارن لاءِ فنڊز جي منتقلي ۽ اڪائونٽ ايڪٽيويشن ۾ تيزي آندي وڃي، وڏي وزير جي هدايت

Posted on: 19 Dec 2025   Tags:
ڪراچي (3 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام 2025 جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي آبادگارن کي وقت سر سهڪار فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اڪائونٽن جي تيزرفتار ايڪٽيويشن ۽ فنڊز جي منتقلي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن سختي سان سنڌ بئنڪ کي هدايت ڪئي ته تصديق، اڪائونٽ ايڪٽيويشن ۽ ادائگين جي اجرائي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ڇاڪاڻ ⁠تہ ڊي اي پي ڀاڻ سبسڊي جي دير سان ادائگي سبب ڪيترائي آبادگار اهم پوکائي وارا دور وڃائي چڪا آهن۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش خان مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽو سي ايم عبدالرحيم شيخ، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، سنڌ بئنڪ جي صدر انور شيخ ۽ ٻيا اهم آفيسر شامل هئا۔ هن پروگرام تحت سڄي سنڌ مان 400875 آبادگار جيڪي 1 کان 25 ايڪڙ تائين زمينون پوکين ٿا، فيلڊ آفيسرن جي مدد سان رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن۔ انهن مان 338192 رجسٽريشنون منظور ٿي چڪيون آهن جيڪي پروگرام جي وڏي اثراندازي کي ظاهر ڪن ٿيون۔ نومبر جي آخر تائين اڪائونٽ ايڪٽيويشن ۽ فنڊ ٽرانسفر جو عمل جاري هو ۽ ڏهه هزار اڪائونٽ کولي چڪا هئا۔ سنڌ بئنڪ کي هدايت ڪئي وئي ته ايڪٽيويشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، فنڊز جي منتقلي جلد ڪئي وڃي، مستفيدن کي وقت سر اطلاع ڏنو وڃي، رقم ڪڍرائڻ بابت باقاعدي اپڊيٽ فراهم ڪئي وڃي ۽ زراعت کاتي سان روزاني بنيادن تي ڊيٽا شيئر ڪيو وڃي۔ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ هاڻي بئنڪن ۽ زراعت کاتي وچ ۾ روزاني ڊيٽا شيئرنگ معمول بڻائي وئي آهي۔ وڏي وزير ريئل ٽائيم مانيٽرنگ ڊيش بورڊ جو به جائزو ورتو ۽ پروگرام جي وقت سر مڪمل ٿيڻ لاءِ شخصي نگراني جاري رکڻ جو عزم ٻيهر ظاهر ڪيو۔ مراد علي شاهه 2025 سنڌ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام کي هڪ فليگ شپ ۽ اهم منصوبي قرار ڏنو۔ هن صوبائي حڪومت جي هن عزم کي به ورجايو ته پوکائي جي اهم موسم ۾ آبادگارن کي ڀاڻ خريد ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو. سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته هو مڪمل ڌيان سان ڪم جاري رکن ۽ مقرر وقت اندر پروگرام جي مقصدن جي پورهائي لاءِ باقاعدي اڳڀرائي رپورٽون جمع ڪرائن۔
Back