ڊاڪٽر رٿ فائو جو نالو پاڪستان ۾ جذام خلاف جدوجهد جي علامت بڻجي چڪو آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
ڊاڪٽر رٿ فائو جو نالو پاڪستان ۾ جذام خلاف جدوجهد جي علامت بڻجي چڪو آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
Posted on: 20 Feb 2026 Tags:ڪراچي (9 فيبروري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALc) جي ست ڏهاڪن تي پکڙيل انسان دوست خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته اداري جي پلاٽينم جوبلي ۽ 73هين عالمي ڏينهنِ جذام جي موقعي تي شفا، اميد ۽ انسانيت کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو پيو وڃي۔ ميريئٽ هوٽل ۾ منعقد تقريب ۾ جرمني جي قونصل جنرل، ايم اي ايل سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارون لوبو ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ايم اي ايل سي جو سفر ڪوڙھ جي بيماري تي ضابطو آڻڻ واري پروگرام کان هڪ نمايان انسان دوست اداري تائين پهچڻ انتهائي ساراهه جوڳو آهي۔ هن چيو ته اداري انهن ماڻهن جو ساٿ ڏنو جيڪي ڪڏهن سماج طرفان نظرانداز ڪيا ويندا هئا ۽ انهن کي همدردي، وقار ۽ اٽل عزم سان خدمتون فراهم ڪيون ويون۔ ڊاڪٽر رٿ فاؤ کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته سندن نالو پاڪستان ۾ جذام خلاف جدوجهد جي علامت بڻجي چڪو آهي۔ هن ڊاڪٽر فاؤ سان لاڳاپيل مذهبي جماعت “ڊاٽرز آف دي هارٽ آف ميري” جي ڪردار کي پڻ ساراهيو جنهن ايم اي ايل سي جي پائيدار ورثي جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن 1962ع کان جرمني جي عوام جي مسلسل انسان دوست مدد تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ڊاڪٽر رتھ فاؤ کي سرحدن کان مٿانهون همدرديءَ جي مضبوط علامت قرار ڏنو۔ مراد علي شاهه نيورو ڊيولپمينٽل بيمارين ۾ مبتلا ٻارن لاءِ جامع ترقياتي قدمن ۽ جامع تعليم جي فروغ لاءِ ايم اي ايل سي جي توسيع جو آڌرڀاءُ ڪيو۔ هن چيو ته هي مستقبل بين سوچ موجوده سماجي ضرورتن جي گهري سمجهه کي ظاهر ڪري ٿي۔ اداري ۽ حڪومت وچ ۾ ڊگهي عرصي جي ڀائيواري جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته ايم اي ايل سي انهن قديم غير سرڪاري ادارن (اين جي اوز) مان آهي، جيڪي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ماڊل تحت ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو باهمي اعتماد، ساک ۽ يقين جي عڪاسي ڪري ٿو۔ ايم اي ايل سي پاران متعارف ڪرايل جذام جي خاتمي جي حڪمت عملي 2024ع کان 2030ع جو حوالو ڏيندي وڏي وزير ان کي قومي مقصد قرار ڏنو ۽ ان جي هدفن جي حاصلات لاءِ سنڌ حڪومت جي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو۔ هن بين الاقوامي تعاون، خاص طور جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي مهارتن جي استعمال کي مشن جي ڪاميابي لاءِ لازمي قرار ڏنو۔ وڏي وزير ايم اي ايل سي جي پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ادارو ست ڏهاڪن کان مسلسل غريب ۽ پٺتي پيل طبقن خاص طور ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي خدمت ڪري رهيو آهي۔ هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ڊاڪٽر رٿ فاؤ جي تربيت ۽ رهنمائي سان تيار ٿيل مقامي ٽيم ساڳئي جذبي، همدردي ۽ معيار سان سندن ورثي کي اڳتي وڌائي رهي آهي۔ خطاب جي پڄاڻيءَ تي وڏي وزير ايم اي ايل سي جي انسانيت جي خدمت واري عظيم مشن لاءِ وڌيڪ ڪاميابين جون نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون۔