اٺڻي "چاندني" جي حياتي بچائڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي سفارش تي وڏي وزير پاران فوري علاج ۽ جديد سهولتن جو حڪم

اٺڻي "چاندني" جي حياتي بچائڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي سفارش تي وڏي وزير پاران فوري علاج ۽ جديد سهولتن جو حڪم

Posted on: 24 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (22 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ملير ۾ قائم سي ڊي آر ايس شيلٽر ۾ ٺهيل ميڊيڪل بورڊ جي تفصيلي رپورٽ موصول ٿي. رپورٽ موجب بورڊ ضلعي سکر جي شاهه پتي مان آندل ٻن سالن جي اٺڻي چاندني جو جائزو ورتو ۽ فوري سرجري ۽ آءِ سي يو سطح جي علاج جي سفارش ڪئي. رپورٽ سيڪريٽري فشريز اينڊ لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي پاران پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ٻن سالن جي اٺڻي سُمي جو نالو سي ڊي آر ايس ۾ تبديل ڪري چاندني رکيو ويو آهي. چاندني کي 19 سيپٽمبر 2025 تي شديد زخمن سبب داخل ڪيو ويو هو۔ ميڊيڪل بورڊ جنهن ۾ ويٽرنري ماهر ڊاڪٽر ذوالفقار حيدر اوٺو، ڊاڪٽر جاويد کوسو، ڊاڪٽر شلا حيات، ڊاڪٽر محمد علي گوپانگ ۽ ڊاڪٽر محمد علي ايياز شامل هئا، سڀني اتفاق ڪيو ته چاندني جي ساڄي پٺئين ٽنگ ڪٽي وڃي، ڇوته ان ۾ احساس ختم ٿي وئي آهي ۽ ٽشوز ۾ سوڄ سبب سيپٽيسيميا (خون ۾ انفيڪشن ڦهلجڻ) جو خطرو آهي۔ ساڳئي وقت ٽٽل ڄاڙين جي سرجري به نهايت ضروري آهي، جيئن کاڌ خوراڪ ۾ ڏکيائي سبب پيدا ٿيندڙ ڊي هائيڊريشن، نمونيا ۽ دم گهٽي وڃڻ کان بچائي سگهجي۔ سرجري سان گڏ روزانو رت جا ٽيسٽ ڪرڻ ۽ رت ۾ پيراسائيٽس جي جانچ ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي۔ شديد انيميا ختم ڪرڻ لاءِ فوري رت جي چڙهاءُ (بلڊ ٽرانسفيوزن) به تجويز ڪئي وئي آهي۔ ميڊيڪل ٽيم اٺڻي جي نازڪ حالت بابت زور ڏيندي چيو ته رت جي پيراسائيٽس جو انفيڪشن، انيميا ۽ ڊي هائيڊريشن وڏيون ڳالهيون آهن۔ سرجري کان اڳ چاندني جي صحت کي مستحڪم ڪرڻ اولين ترجيح آهي۔ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيڪل ٽيم کي هدايت ڪئي ته چاندني جي صحت کي پهرين ترجيح ڏني وڃي ۽ فوري طور سڀئي وسيلا ۽ جديد ويٽرنري سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔ هن فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته اٺڻي جي علاج تي ويجهي نظر رکي وڃي، باقاعده رپورٽ ڏني وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي وڌيڪ ماهرن کان مشاورت ڪئي وڃي ته جيئن چاندني جي مڪمل صحتيابي يقيني بڻائي سگهجي۔ سي ڊي آر ايس جي ٽيم چاندني جي حالت تي ويجهي نظر رکي رهي آهي ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ خيال جاري آهي۔

Back