ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم 2026: سنڌ جو ٻوڏ کانپوءِ هائوسنگ پروگرام عالمي ماڊل قرار، لکين موسمياتي مزاحم گهر تعمير

ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم 2026: سنڌ جو ٻوڏ کانپوءِ هائوسنگ پروگرام عالمي ماڊل قرار، لکين موسمياتي مزاحم گهر تعمير

Posted on: 20 Feb 2026   Tags:
ڪراچي (12 فيبروري): سنڌ کي موسمياتي مزاحم ۽ عوام تي ٻڌل بحاليءَ جي عالمي ماڊل طور نمايان ڪيو ويو جڏهن صوبائي حڪومت ٽي ڏينهن واري ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم (اي پي ايس ايس ايف) 2026 جي ميزباني ڪئي جنهن ۾ خطي ۽ دنيا مان اڳواڻ، پاليسي ساز ۽ انساني همدردي جا ماهر شريڪ ٿيا۔ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه، اعليٰ سرڪاري عملدارن، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، بين الاقوامي مالياتي ادارن، عطيو ڏيندڙن، تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ خانگي شعبي جي نمائندن مقامي هوٽل ۾ رهائش ۽ آبادڪاري بابت سڀ کان وڏي علائقائي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي۔ خاتونِ اول پاڪستان بي بي آصفه ڀٽو زرداري صدارتي خطاب ڪندي چيو ته محفوظ رهائش صرف هڪ جسماني ڍانچو نه پر عزت، تحفظ ۽ موقعن جو بنياد آهي جڏهن ته وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت ثابت ڪيو آهي ته وڏي پيماني تي بحالي، سماجي شموليت ۽ موسمياتي مزاحمت گڏ ممڪن آهي ۽ صوبي جو ٻوڏ کانپوءِ هائوسنگ پروگرام عالمي ماڊل بڻجي چڪو آهي۔ وڏي وزير چيو مضبوطي ماڻهن سان گڏ ٺهي ٿي ماڻهن لاءِ نه۔ جڏهن ڪميونٽين تي ڀروسو ڪيو وڃي ۽ انهن کي بااختيار بڻايو وڃي ته بحاليءَ جو عمل تيز، مضبوط ۽ پائيدار ٿئي ٿو۔ خاتونِ اول چيو رهائش صرف ڇت نه پر اها جاءِ آهي جتي خاندان نقصان مان سنڀلجن ٿا، ٻار پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن ٿا ۽ ڪميونٽيون اڳتي وڌڻ جي سگهه حاصل ڪن ٿيون۔ هن زور ڏنو ته موسمياتي مزاحم ۽ جامع رهائش کي بنيادي انساني حق سمجهيو وڃي خاص ڪري انهن علائقن ۾ جيڪي موسمياتي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ بي بي آصفه ايشيا پيسفڪ علائقي ۾ موسمياتي تبديلي، تيز شهري آبادي واڌ ۽ وڌندڙ عدم مساوات جي چيلينجز جو ذڪر ڪيو۔ هن چيو ته محفوظ رهائش جي کوٽ نه رڳو مادي مسئلا پيدا ڪري ٿي پر عزت ۽ استحڪام به متاثر ٿين ٿا خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن لاءِ۔ عورتن کي ترقيءَ جو مرڪز بڻائڻ تي زور ڏيندي هن چيو ته جڏهن عورتن کي رهائشي منصوبن ۾ مرڪزي حيثيت ڏني وڃي ٿي ته ان جا فائدا پوري سماج تائين پهچن ٿا۔ وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (ايس پي ايڇ ايف) پروگرام تي روشني وڌي جيڪو 2022 جي تباهه ڪندڙ مون سون ٻوڏن کانپوءِ شروع ڪيو ويو جنهن دوران صوبي جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حصو پاڻي هيٺ آيو ۽ 21 لک کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو۔ هن چيو ته اهو منصوبو دنيا جي وڏن آفتن کانپوءِ نئين سر تعميرِ جي پروگرامن مان هڪ آهي جنهن جو مقصد ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ 21 لک کان وڌيڪ موسمياتي مزاحم گهر تعمير ڪرڻ آهي۔ وڏي وزير چيو ته هن پروگرام تحت گهرن ۽ زمين جي مالڪي عورتن جي نالن تي ڏني پئي وڃي جنهن سان مالڪي، عزت ۽ مالي شموليت کي هٿي ملي رهي آهي۔ هن ٻڌايو ته پروگرام کي عالمي سطح تي ساراهه ملي آهي جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جي صدر اجي بنگا جو لاڙڪاڻو ۾ ايس پي ايڇ ايف گهرن جو تازو دورو به شامل آهي۔ وڏي وزير چيو اسان جتي به وياسين، متاثر خاندانن جو صرف هڪ مطالبو هو ته اسان کي پنهنجا گهر واپس ڏنا وڃن۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ ان کان اڳ صوبي جي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ ايتري وڏي پيماني تي گهر تعمير نه ڪيا هئا۔ هن ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح هدايت ڏني هئي ته ماڻهن کي گهر فراهم ڪيا وڃن۔ شروعات ۾ مالي مسئلن سبب اهو عزم ڏکيو لڳي رهيو هو۔ هن چيو جڏهن اسان ڪم شروع ڪيو ته اهو ناممڪن لڳي رهيو هو ڇوته لاڳت پوري صوبائي بجيٽ کان به وڌيڪ هئي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته هڪ هفتي اندر ورلڊ بينڪ پهريون عالمي ادارو هو جنهن مدد جو اعلان ڪيو جڏهن ته بعد ۾ چيئرمين بلاول جي قيادت ۾ منعقد ٿيل عالمي عطيو ڏيندڙن جي ڪانفرنس ذريعي ڪيترن عالمي ڀائيوارن کان سهڪار حاصل ڪيو ويو۔ هن فورم کي ٻڌايو ته هيستائين 7 لک کان وڌيڪ گهر تعمير ٿي چڪا آهن جڏهن ته تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي۔ هن چيو ته اها ڪاميابي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن سبب ممڪن ٿي، جڏهن ته هو بين الاقوامي مصروفيتن سبب ميونخ ۾ هجڻ ڪري فورم ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا۔ ان کان اڳ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ انهن جو استقبال ڪرڻ اعزاز آهي۔ هن موسمياتي تبديليءَ مان پيدا ٿيندڙ سنگين چيلينجن جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٽي ڏينهن وارو فورم انهن مسئلن جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو۔ هن چيو ته آخري ڏينهن شرڪت ڪندڙن کي بحاليءَ جي قدمن جو عملي جائزو وٺڻ لاءِ فيلڊ وزٽ ڪرايا ويندا۔ سي اي او ايس پي ايڇ ايف خالد شيخ ٻڌايو ته هن وقت 15 لک کان وڌيڪ گهر تعمير هيٺ آهن لڳ ڀڳ 7 لک 50 هزار مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته مستحقين لاءِ 15 لک بئنڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن جن مان اڪثريت عورتن جي آهي۔ ڪانفرنس ٽيڪنيڪل سيشنن ۽ پاليسي ڳالهين سان جاري رهندي جنهن جو مقصد واعدن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ايشيا پيسفڪ علائقي ۾ سڀني لاءِ محفوظ، پائيدار ۽ باوقار رهائش کي يقيني بڻائڻ آهي۔ فورم 2026 ۾ خطاب ڪندي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازار سنڌ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ايس پي ايڇ ايف پروگرام لکين بي گهر خاندانن کي نئين سر زندگي شروع ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان لکين ماڻهن پهريون ڀيرو بئنڪ اڪائونٽ کوليا ۽ لکين ماڻهن کي زمين جي مالڪي جا حق مليا جنهن سان مالي شموليت ۽ عزت ۾ نمايان اضافو ٿيو۔ ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ (اي ڊي بي) جي ڊپٽي ڪنٽري ڊائريڪٽر اسد عليم ايس پي ايڇ ايف ۾ اي ڊي بي جي شراڪتداري جي تصديق ڪندي چيو ته مناسب پاڻي، صفائي ۽ صحت (واش) سهولتن کانسواءِ رهائش پائيدار نٿي ٿي سگهي۔ هن اعلان ڪيو ته اي ڊي بي ايندڙ ٽن سالن تائين سنڌ جي سهڪار جاري رکندو۔ اسلامي ترقياتي بينڪ (آءِ ايس ڊي بي) جي ريجنل حب ڊائريڪٽر صالح جلاسي ويڊيو لنڪ ذريعي خيال ظاهر ڪيو جڏهن ته پاڪستان ۾ يورپي يونين جي وفد جي سربراهه تعاون جيرون وليمز پاڪستان کي موسمياتي تبديليءَ کان سخت متاثر ملڪن مان قرار ڏنو ۽ چيو ته سنڌ تازين آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي۔ هن سنڌ جي بحالي پروگرام کي منظم ۽ مؤثر قرار ڏيندي اعلان ڪيو ته يورپي انويسٽمينٽ بينڪ به سنڌ ۾ جاري دنيا جي وڏي هائوسنگ پروگرام ۾ شامل ٿيندو۔ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن (آءِ او ايم) پاڪستان جي چيف آف مشن ميو ساتو چيو ته موسمياتي تبديلي علائقي لاءِ وڏو چيلينج آهي۔ هن چيو ته آءِ او ايم 2022 جي ٻوڏ کانپوءِ بحاليءَ جي قدمن ۾ سرگرم ڀائيوار رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت ۽ ايس پي ايڇ ايف سان گڏجي بحالي ۽ موسمياتي مزاحمت کي مضبوط بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي۔ هيبي ٽيٽ فار هيومينيٽي جي ايشيا پيسفڪ پروگرامز جي سينيئر ڊائريڪٽر ميا مورينا چيو ته خطو وڏن چيلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ لکين ماڻهن کي رهائش جي ضرورت آهي۔ هن ٻڌايو ته نيپال ۾ 8 لک موسمياتي مزاحم گهر تعمير ڪيا ويا جڏهن ته انڊونيشيا ۾ به آفت متاثر ڪميونٽيز کي رهائش فراهم ڪئي وئي۔ ڪيٿولڪ رليف سروسز (سي آر ايس) جي صدر ۽ سي اي او شان ڪيلاهان چيو ته سي آر ايس سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو۔ هن چيو رهائش کانسواءِ صحت، تعليم ۽ روزگار برقرار نٿا رهي سگهن۔ هن ڊگهي مدي واري رٿابندي تي زور ڏنو ته جيئن ڪميونٽيون مستقبل جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻجن ۽ سنڌ هائوسنگ قدمن ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سان لاڳاپيل قدمن کي اميد جي ڪرن قرار ڏنو۔ فورم دوران سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت نمايان ڪهاڻين تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي جنهن ۾ 2022 جي ٻوڏ جي تباهي ۽ ان کانپوءِ ٿيل غيرمعمولي تعميرِ نو کي اجاگر ڪيو ويو۔
Back