ايم-6 ۽ ايم-10 موٽرويز قومي معيشت لاءِ اهم: ايم-6 نوجوانن لاءِ روزگار پيدا ڪندي ۽ ايم-10 سان ڪراچي جي ٽريفڪ مسئلا ختم ٿيندا؛ وڏو وزير
ايم-6 ۽ ايم-10 موٽرويز قومي معيشت لاءِ اهم: ايم-6 نوجوانن لاءِ روزگار پيدا ڪندي ۽ ايم-10 سان ڪراچي جي ٽريفڪ مسئلا ختم ٿيندا؛ وڏو وزير
Posted on: 04 Sep 2025 Tags:ڪراچي (3 سيپٽمبر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حيدرآباد–سکر موٽروي (ايم-6) ۽ ڪراچي نادرن باءِ پاس–ڄامشورو موٽروې (ايم-10) رڳو سنڌ نه پر سموري ملڪ جي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهن. ايم-6 سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪندي جڏهنتہ ايم-10 ڪراچي جي ٽريفڪ مسئلن کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندي. اهي ڳالهيون وڏي وزير وفاقي وزير براءِ مواصلات عليم خان سان ملاقات دوران ڪيون جيڪو وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ آيو ۽ ٻنهي وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه ۽ سيڪريٽري وڏي وزير رحيم شيخ موجود هئا. وفاقي سيڪريٽري مواصلات علي شير ۽ نيشمل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جو چيئرمين صاحبزادا شهريار سلطان پڻ اجلاس ۾ شريڪ هئا. وفاقي سيڪريٽري علي شير بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حيدرآباد–سکر موٽروي (ايم-6)، جيڪو اتر–ڏکڻ موٽروې لنڪ جو آخري حصو آهي، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت حتمي منظوري حاصل ڪري چڪو آهي. منصوبي کي اقتصادي رابطا ڪاميٽي (اي سي اين اي سي) 363 ارب رپين جي لاڳت سان منظور ڪيو آهي. اين ايڇ اي منصوبي کي پنج مرحلن ۾ مڪمل ڪندي. اسلامي ترقياتي بئنڪ ٻن حصن جي فنڊنگ جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن تہ هڪ چيني ڪمپني پنجن ئي حصن جي تعمير ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. اختيارين ٻڌايو ته ايم-6 پاڪستان جي اتر–ڏکڻ موٽروي جو اھم حصو مڪمل ڪندي جيڪا پشاور کي ڪراچي سان ملائيندي. هي منصوبو واپار، لاجسٽڪس ۽ علائقائي ترقي وڌائيندو، سفر جو وقت گهٽ ڪندو، حفاظت کي بهتر بڻائيندو ۽ بندرگاهه کان اندرون ملڪ رابطن کي آسان بڻائيندو. اجلاس ۾ ايم-10 موٽروي منصوبي تي به غور ٿيو جيڪو هاڻي هڪ عام باءِ پاس اپ گريڊ کان وڌي ٻن حصن تي مشتمل وڏو منصوبو بڻجي ويو آهي، ڪراچي نادرن باءِ پاس (34 ڪلوميٽر) آءِ سي آءِ پل کان همدرد يونيورسٽي چوڪ تائين، جنهن کي 8 لين موٽروې ۾ تبديل ڪيو ويندو. 134 ڪلوميٽر نئين ايم-10 موٽروي: همدرد يونيورسٽي چوڪ کان ايم-6 ڄامشورو تائين، کيرٿر رينج ذريعي، 6 لين موٽروے ٺاهي ويندي. ان کان علاوه 23 ڪلوميٽر ڊگهو حصو، جيڪو همدرد يونيورسٽي چوڪ کي ايم-9 سان ڳنڍي ٿو، 6 لين روڊ ۾ اپ گريڊ ڪيو ويندو. اهڙيءَ ريت سمورو رستو ڪراچي پورٽ کان ايم-6 ڄامشورو تائين هڪ هاءِ ڪيپيسٽي موٽروې ۾ تبديل ٿي ويندو. في الحال ايم-10 جي فزيبيلٽي اسٽڊي نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان (نيسپاڪ) وسيلي جاري آهي. وفاقي وزير عليم خان چيو ته منصوبي جو بنيادي مقصد ڪراچي جي ٽريفڪ کي گهٽائڻ آهي ته جيئن بندرگاهه کان قومي موٽروي نيٽ ورڪ تائين هڪ تيز رفتار رستو ٺهي جنهن سان شهر جي ٽريفڪ مان گذرڻ جي ضرورت ختم ٿي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت جي تعاون کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اهي ٻئي منصوبا رڳو سنڌ نه پر سموري ملڪ جي معيشت لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته ايم-6 اندرون سنڌ جي نوجوانن لاءِ موقعا پيدا ڪندي ۽ ايم-10 ڪراچي جي ٽريفڪ مسئلن کي ختم ڪندي. وفاقي وزير عليم خان وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته وزارت مواصلات ۽ اين ايڇ اي ٻنهي منصوبن کي شفاف ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
Back