ايندڙ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ بجيٽ ۽ ترقياتي اسڪيمن جي تياري شروع، وڏي وزير پاران ڪفايت شعاري جو اعلان

ايندڙ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ بجيٽ ۽ ترقياتي اسڪيمن جي تياري شروع، وڏي وزير پاران ڪفايت شعاري جو اعلان

Posted on: 14 May 2025   Tags:

ڪراچي (14 مئي 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي تجويزن ۽ انهن لاءِ فنڊز جي ورهاست بابت بجيٽ اجلاسن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، گڏوگڏ هن بچت مهم جو آغاز ڪندي ترقياتي رٿائن لاءِ مالي وسيلن جي بچت ڪرڻ جا اهم فيصلا پڻ ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ناڻي ۽ رٿابندي ۽ ترقي کاتن جا ٻه الڳ الڳ اجلاس منعقد ٿيا. انهن اجلاسن ۾ صوبائي وزير رٿابندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي وارو اسپيشل سيڪريٽري اصغر ميمڻ ۽ ميمبر پي اينڊ ڊي فتح تنيو شرڪت ڪئي.

رٿابندي ۽ ترقي کاتو: وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ اجلاس جي صدارت ڪندي رٿابدي ۽ ترقي کاتي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) جلد حتمي ڪيو وڃي ۽ خاص طور تي ٻوڏ سٽيل انفراسٽيڪچر جي بحالي کي ترجيح ڏني وڃي. هن چيو ته نئين ترقياتي اسڪيمون ۾ ڪينالن ۽ واٽر ڪورسز جي لائننگ واريون اسڪيمون لازمي شامل ڪيون وڃن. زراعت جي اهميت تي زور ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اهڙيون اسڪيمون آڻڻ گهرجن جيڪي زرعي پيداوار ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ھجن. ھن چيو تھ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وڏي وزير صحت جي شعبي بابت حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سڄي صوبي ۾ صحت جون سهولتون بهتر ڪرڻ تي زور ڏنو. وڏي وزير تعليم جي حوالي سان پرائمري اسڪولن کي ايليمينٽري سطح تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ رسمي توڙي غير رسمي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ٽيڪنيڪل ۽ اعليٰ تعليم لاءِ نيون اسڪيمون شروع ڪيون وڃن ۽ نوجوانن لاءِ راندين ۽ صحتمند سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ رٿابندي ترتيب ڏني وڃي. اهو اجلاس ايندڙ مالي سال لاءِ سنڌ حڪومت جي ترجيحن جي جوڙجڪ ڏانهن هڪ اهم قدم هو، جنهن ۾ انفراسٽيڪچر جي بحالي، زراعت جي واڌاري، صحت ۽ تعليم جي بهتري ۽ نوجوانن جي ترقي تي ڌيان ڏنو ويو.

خزاني جو کاتو: وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ترقياتي رٿائن لاءِ فنڊز وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن مالي وسيلن ۾ واڌ لاءِ حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته صوبي جا ٽيڪس گڏ ڪندڙ ادارا سندن ھدف ضرور حاصل ڪندا. ايندڙ مالي سال ۾ جن اهم رٿائن لاءِ فنڊنگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تنھن ۾ ڪراچيءَ لاءِ ڪي فور پاڻي جي فراهميءَ واري رٿا، شاھراھھ ڀٽو ايڪسپريس وي ۽ ڪراچي ۾ هلندڙ ٽرانسپورٽ اسڪيمون شامل آهن. شاھراھھ ڀٽو منصوبو، 38.75 ڪلوميٽر ڊگهي ايڪسپريس وي آهي، شهري رابطن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽريفڪ جي مسئلن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ تبديلي آڻيندڙ قدم قرار ڏنو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه اي ڊي پي ۾ واڌ لاءِ نون منصوبن جي شروعات تي پڻ زور ڏنو ۽ مالي ذميواري جي اهميت تي روشني وڌي. هن بچت جي پاليسين جي حمايت ڪندي چيو ته بچايل فنڊز کي ترقياتي سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو وڃي. اهو اجلاس مالي سال 26-2025ع لاءِ سنڌ حڪومت جي بجيٽ جي بنياد رکي ٿو، جيڪو مالي توازن، انفرااسٽيڪچر ۽ عوامي خدمتن ۾ حڪمت عملي تحت سيڙپڪاري جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو.

Back