ايس پي ايس سي ٻيهر ڀرتيون شروع، 2024 ۾ 31 سرڪاري کاتن ۾ 6,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي مقرر ڪيا ويا
ايس پي ايس سي ٻيهر ڀرتيون شروع، 2024 ۾ 31 سرڪاري کاتن ۾ 6,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي مقرر ڪيا ويا
Posted on: 24 Sep 2025 Tags:ڪراچي (19 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين محمد وسيم جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڪميشن جي سالياني رپورٽ 2024 پيش ڪئي جنهن ۾ نمايان ڪاميابين، سڌارن ۽ ايندڙ منصوبن جو ذڪر ڪيو ويو۔ رپورٽ موجب ڪميشن سيپٽمبر 2022ع ۾ ايس پي ايس سي ايڪٽ 2022ع تحت رڪيل ڀرتين کي ٻيهر شروع ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ نئون هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو۔ 500 اميدوارن لاءِ گنجائش رکندڙ ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ ليب جنوري 2025ع ۾ فعال ٿيندي۔ جولاءِ 2022ع کان جون 2025ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 109 تحريرِي امتحان ڪرايا جن ۾ 4743 آسامن ۽ 10270 بئڪ لاگ پوسٽن تي امتحان شامل هئا۔ ڪل 381960 اميدوارن امتحان ڏنو جن مان 26722 ڪامياب قرار ڏنا ويا۔ انهن مان 25921 جا انٽرويو ورتا ويا ۽ 2024ع ۾ 6077 اميدوارن کي مختلف 31 سرڪاري کاتن ۾ مقرر ڪيو ويو۔ انهن عهدن ۾ ميڊيڪل آفيسر، وومين ميڊيڪل آفيسر، اسٽاف نرسز، ليڪچرار، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ، ٽائون آفيسر، هيڊ ماسٽر ۽ اڪائونٽنٽ شامل آهن۔ ڪارڪردگي جي لحاظ سان سال 2022ع ۾ 1282، سال 2023ع ۾ 5572، سال 2024ع ۾ 6077 ۽ 2025ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 5629 سفارشون ڪيون ويون، اهڙيءَ طرح ٽن سالن ۾ ڪل 18560 اميدوارن جون ڀرتيون ٿيون۔ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پيپر ليڪيچ واقعن کان پوءِ اسٽرونگ روم قائم ڪيو، آن لائين دستاويزن جمع ڪرائڻ جو نظام متعارف ڪرايو، لازمي ويٽنگ لسٽ لاڳو ڪئي ۽ سخت اينٽي مال پريڪٽس قانون بڻايا جن جي تحت ڀڃڪڙي ڪندڙن تي پنجن سالن تائين پابندي لڳائي سگهجي ٿي۔ شهري ۽ ديهي ڪوٽا به بحال ٿيل پراڻين حدن مطابق لاڳو ڪيو ويو۔ مالي جائزي ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 24-2023ع لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي 1.135 ارب رپيا ڏنا ويا جن مان 1.086 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا۔ امتحاني فيس جي مد ۾ 7 ڪروڙ 32 لک رپيا حاصل ٿيا جڏهن تہ 5 ڪروڙ 91 لک رپيا خالي جاين سبب واپس ڪيا ويا۔ ترقياتي خرچن ۾ 1.363 ارب رپيا سيڪريٽريٽ ڪمپليڪس لاءِ ۽ 5 ڪروڙ رپيا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مضبوطيءَ لاءِ مختص ڪيا ويا جن مان 39 لک 20 هزار رپيا استعمال ٿيا۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اداري واري اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته ڀرتي جي عمل ۾ ميرٽ، شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڌارا جاري رکيا وڃن۔
Back