بينظير نشوونما پروگرام: سنڌ ۾ 6 کان 23 مهينن وارن ٻارن ۾ اسٽنٽنگ ۾ 6.4 سيڪڙو پوائنٽس جي گهٽتائي، غذائي حالت ۽ مائرن جي خوراڪ ۾ بهتري
بينظير نشوونما پروگرام: سنڌ ۾ 6 کان 23 مهينن وارن ٻارن ۾ اسٽنٽنگ ۾ 6.4 سيڪڙو پوائنٽس جي گهٽتائي، غذائي حالت ۽ مائرن جي خوراڪ ۾ بهتري
Posted on: 20 Feb 2026 Tags:ڪراچي (18 فيبروري): ٻار جي زندگيءَ جي پهرين هڪ هزار ڏينهن دوران اسٽنٽنگ (قد ۾ گهٽتائي) کي روڪڻ لاءِ شروع ڪيل فليگ شپ مشروط نقد امدادي منصوبي بينظير نشوونما پروگرام تحت 6 کان 23 مهينن جي ڄمار وارن ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جي شرح ۾ 6.4 سيڪڙو پوائنٽن جي گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته مائرن جي خوراڪ ۾ نمايان بهتري ۽ گهٽ وزن سان ڄمندڙ ٻارن ۾ پڻ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي۔ اهو انڪشاف اڱاري ڏينهن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام (WFP) پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر Coco Ushiyama جي وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿيو۔ اجلاس ۾ وزير تعليم سردار شاهه، وزير محنت ۽ سماجي تحفظ سعيد غني، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي، سيڪريٽري سوشل پروٽيڪشن خادم چنا ۽ وڏي وزير جي سيڪريٽري آصف جميل شرڪت ڪئي۔ WFP جي وفد ۾ صوبائي آفيس سنڌ جي سربراهه هِلڊي برگسما، پروگرام پاليسي آفيسر سلمىٰ يعقوب ۽ رستم خان پڻ شامل هئا۔ اجلاس دوران اسڪول ميلز پروگرام جي شروعات ۽ آغا خان يونيورسٽي پاران بينظير نشوونما پروگرام بابت تيار ڪيل مڊ لائين جائزي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ بينظير نشوونما پروگرام : آغا خان يونيورسٽي جي مڊ لائين جائزي موجب، پروگرام 6 کان 23 مهينن جي ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جي شرح ۾ 6.4 سيڪڙو پوائنٽن جي گهٽتائي آندي آهي جڏهن ته مائرن جي خوراڪ ۾ بهتري ۽ گهٽ وزن سان ٻارن جي ڄمڻ ۾ نمايان گهٽتائي پڻ ڏٺي وئي آهي۔ وڏي وزير نتيجن کي “انتهائي حوصلا افزا” قرار ڏيندي چيو ته ٽارگيٽيڊ غذائي مداخلتون جڏهن سماجي تحفظ سان گڏ ڪيون وڃن ته انساني سرمائي ۾ ماپجڻ جهڙا مثبت نتيجا حاصل ٿين ٿا۔ هن صحت، تعليم ۽ منصوبابندي وارن کاتن ۾ وڌيڪ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن ثبوتن تي ٻڌل غذائي پروگرامن کي وڌيڪ وڌائي سگهجي۔ WFP جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشي ياما سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اسٽنٽنگ گهٽائڻ واري پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ تي صوبائي حڪومت جي وابستگي جي تعريف ڪئي۔ ڪمزور ضلعن ۾ اسڪول ميلز پروگرام: WFP جي ڪنٽري ڊائريڪٽر وڏي وزير کي پنجن سالن تي مشتمل 40 ملين ڊالرن جي “ڪل جي بنياد – فائونڊيشن فار دي فيوچر” اسڪول ميلز پروگرام بابت آگاهه ڪيو۔ هي منصوبو ڪراچي جي ملير ۽ ڪيماڙي ضلعن جي 614 سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ هڪ لک شاگردن کي فائدو پهچائيندو۔ پروگرام جو مقصد روزاني اسڪول کاڌي وسيلي ٻارن جي غذائي حالت بهتر بنائڻ، “ٽيچنگ ايٽ دي رائيٽ ليول” طريقي سان پڙهائيءَ جي نتيجن کي مضبوط ڪرڻ، واٽر، سينيٽيشن اينڊ هائيجين (WASH) سهولتن جي بحالي ۽ پائيدار صوبائي اسڪول ميلز ماڊل کي ادارتي شڪل ڏيڻ آهي۔ وڏي وزير چيو ته اسان جو مقصد صرف ٻارن کي کاڌو مهيا ڪرڻ ناهي پر سڀ کان وڌيڪ مؤثر ۽ پائيدار نموني سان انهن کي غذائيت فراهم ڪرڻ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته صوبائي تعليم کاتو ڊجيٽل نظام ذريعي شاگردن ۽ استادن جي حاضري يقيني بڻائڻ ۽ سکيا جي عمل جي نگراني لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي۔ هي پروگرام ميڪ گورن ڊول، آمريڪي زراعت کاتي جي سهڪار سان هلي رهيو آهي جيڪو صوبي جي ٻين علائقن تائين هن ايجنڊا کي وڌائڻ لاءِ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو۔ اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وڏي وزير غذائيت ۽ اسڪول فيڊنگ منصوبن کي پائيدار صوبائي فريم ورڪ تحت ادارتي بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته غذائيت ۾ سيڙپڪاري دراصل سنڌ جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي۔ WFP جي وفد صوبائي حڪومت جي قيادت کي ساراهيندي خوراڪ جي تحفظ، ٻارن جي غذائيت ۽ مضبوطيءَ (ريزليئنس) وارن قدمن ۾ ويجهو سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو۔