گڏيل قومن عالمي امن، انساني حقن ۽ ترقي جي علامت آهي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

گڏيل قومن عالمي امن، انساني حقن ۽ ترقي جي علامت آهي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

Posted on: 02 Nov 2025   Tags:

ڪراچي (24 آڪٽوبر 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏيل قومن جي 80 ورھين جي مڪمل ٿيڻ تي عالمي اداري ۽ سڀني ميمبر ملڪن کي واڌايون ڏيندي سندس پيغام ۾ چيو ته گڏيل قومن عالمي امن، انساني حقن ۽ ترقي جي علامت آهي ۽ سنڌ حڪومت پائيدار ترقي جي هدفن جي حصول لاءِ گڏيل قومن سان گڏ بيٺل آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ گڏيل قومن سان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. عالمي سھڪار ئي بهتر ۽ پرامن مستقبل جي ضمانت آهي. هن چيو ته گڏيل قومن دنيا ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ ڪيترن ئي عالمي تڪرارن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پر ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا اڃا تائين حل طلب آهن. وڏي وزير چيو ته گڏيل قومن کي انصاف ۽ انساني حقن جي تقاضائن موجب ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن جي حل لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ جي گھرج آھي. سيد مراد علي شاهه چيو ته فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت سبب هزارين بيگناهه شهرين ۽ ٻارن جو قتل گڏيل قومن جي ڪردار تي وڏو سوال آھي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن کي پنهنجي 80 سالن جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جو ازسرِ نو جائزو وٺڻ گهرجي. هي رڳو جشن نه پر انسانيت جي تحفظ ۽ انصاف جي تقاضائن جو احتساب به هجڻ گهرجي. هن چيو ته سيلاب جي حالتن ۾ گڏيل قومن پاڪستان، خاص طور سنڌ لاءِ خاص ڌيان ڏنو ۽ سنڌ حڪومت گڏيل قومن جي سهڪار سان متاثر علائقن جي بحالي ۽ ترقي لاءِ سرگرم عمل آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت گڏيل قومن جي ’ايجنڊا 2030‘ ۽ ’پيڪٽ فار دي فيوچر‘ تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. هن سماجي ترقي، ماحوليات ۽ صنفي برابري جي منصوبن ۾ گڏيل قومن جي سهڪار کي ساراهيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان سڀني کي عالمي اتحاد ۽ گڏيل ترقي جي عزم سان اڳتي وڌڻو پوندو. ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ عالمي برادري سان ڀرپور سهڪار جاري رکندي.

Back