حضرت امام حسين (ع) جي عظيم قربانيءَ تي سيد مراد علي شاھھ پاران خراج عقيدت پيش

حضرت امام حسين (ع) جي عظيم قربانيءَ تي سيد مراد علي شاھھ پاران خراج عقيدت پيش

Posted on: 07 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (5 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عاشوري جي موقعي تي سندس پيغام ۾ حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ شهداءِ ڪربلا کي پرخلوص ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جي اولاد حضرت امام حسين عليھ السلام دين جي بقاءَ، حق ۽ امت جي سڌاري لاءِ جان جي قرباني ڏني. هن وڌيڪ چيو ته ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ هر اک ڳوڙها وهائي ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مان شهداءِ ڪربلا جي عظيم قربانيءَ کي سلام پيش ڪريان ٿو، امام حسين عليھ السلام جي 72 جانثارن حق لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري امر ٿي ويا. هن وڌيڪ چيو ته ڪربلا رڳو هڪ تاريخي سانحو ناھي پر هڪ فڪري، اخلاقي ۽ روحاني تحريڪ آهي، جيڪا اسان کي صبر، قرباني، استقامت ۽ باطل جي سامهون نه جهڪڻ جو سبق سيکاري ٿي. ھن چيو تھ ظلم خلاف وڙھڻ ئي حسينيت آهي ۽ جنت جي سردار حضرت امام حسين عليھ السلام باطل اڳيان جھڪڻ بدران شھادت کي ڀاڪر پائيندي حق ۽ سچ جو علم بلند ڪيائون. وڏي وزير چيو تھ حضرت امام حسين عليھ السلام جو يزيديت خلاف انڪار تاريخ جو عظيم ترين آزاديءَ جو اعلان هو. ھن چيو تھ محرم الحرام اسان کي اتحاد، برداشت، ڀائيچاري ۽ قربانيءَ جو پيغام ڏئي ٿو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو تھ امام حسين (ع) جي قرباني حق، سچائي ۽ مزاحمت جي روشن مثال آهي. ڪربلا جو پيغام اسان کي ظلم خلاف اٿڻ ۽ حق تي قائم ڏيڻ جو سبق ڏئي ٿو، ھن چيو تھ سنڌ ڌرتيءَ سدائين امام حسين عليه السلام جي پيغام کي پکيڙيو آهي. امام حسين عليه السلام انسانيت، عدل ۽ آزادي جو استعارو آهي. وڏي وزير چيو تھ سنڌ جي صوفي بزرگن ڪربلا جي پيغام کي محبت ۽ فڪر سان ڳنڍيو آهي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ امام حسين عليه السلام جو ڏک ۽ نياپو اڄ به زندھھ آهي. عزاداري، مجلسون ۽ جلوس سنڌ جي امن، اتحاد ۽ عقيدت جو مظهر آهن. ھن چيو تھ امام حسين عليه السلام جا پوئلڳ حق ۽ صداقت جا علمبردار آهن ۽ حسينيت جو پيغام قيامت تائين مظلومن جي آواز آهي ۽ امام حسين عليه السلام حق ۽ سچ جو علم بلند ڪيو. عاشون جي ڏينھن لاءِ انتظامن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مجالسن ۽ جلوسن دوران امن امان کي هر حال ۾ يقيني بڻايو ويو آهي.

Back