هندستان سنڌو درياءَ کي هٿيار بڻائڻ چاهي ٿو، وفاق معاملو عالمي سطح تي کڻي وڃي: وڏي وزير مراد علي شاهه
هندستان سنڌو درياءَ کي هٿيار بڻائڻ چاهي ٿو، وفاق معاملو عالمي سطح تي کڻي وڃي: وڏي وزير مراد علي شاهه
Posted on: 17 Dec 2025 Tags:ڪراچي (27 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏيل اجلاس ۾ هندستان جي دفاع واري وزير جي بيان خلاف پيش ڪيل ٺهراءَ تي ڳالهائيندي سخت موقف اختيار ڪيو، سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي اهميت تي زور ڀريو ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اُهو معاملو بين الاقوامي سطح تي اُٿاريو وڃي۔ سنڌ اسيمبلي هندستاني دفاع واري وزير جي بيان ۽ خاص طور سنڌو درياءَ بابت ڀارت جي جارحاڻين قدمن جي مذمت ڪندڙ ٺهراءُ کي متفقه طور منظور ڪري ڇڏيو۔ وڏي وزير چيو هندستان جي دفاع واري وزير جيڪو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اُهو افسوسناڪ آهي. هن سنڌ جي قديم تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ته سنڌ جو وجود قبلِ مسيح دور کان آهي۔ هن وڌيڪ چيو جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي ان ۾ سڄي تاريخ بيان ٿيل آهي، قديم نقشن ۾ سنڌ سان گڏ ملتان ۽ مڪراني علائقا شامل هئا. وڏي وزير بزرگ اڳواڻن جي پاڪستان جي قيام دوران ڪيل ڪردار کي به اُجاگر ڪيو۔ هن چيو مسلم ليگ سنڌ چيپٽر پاڪستان ٺهراءُ پيش ڪيو هو۔ اسان سڀ هتي ويٺل آهيون پاڪستان اسان جي بزرگن جي قربانين سان ٺهيو آهي. مراد شاهه هندستان جي طويل عرصي کان وزير رهندڙ شخص کي گھٻراھٽ ۾ ورتل قرار ڏيندي چيو هو پريشاني ۽ ابتري جي حالت ۾ آهي، ڀارت جي گھٻراھٽ اُن مخصوص واقعي کان پوءِ شروع ٿي۔ هن وڌيڪ چيو هندستان جو دفاع وارو وزير اُتر پرديش ۾ پيدا ٿيو هن ڪڏهن به سنڌو درياءِ جو پاڻي نه پيتو آهي تنهنڪري سندس سوچ خراب ٿي وئي آهي. وڏي وزير الزام مڙهيو ته ڀارت درياءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو۔ هو درياءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهين ٿا. بين الاقوامي قدم کڻڻ جو مطالبو:وڏي وزير وفاقي حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو اسان هن ٺهراءَ ذريعي وفاق کان مطالبو ڪريون ٿا ته حڪومتِ پاڪستان اهو معاملو دنيا آڏو رکي. هن وڌيڪ چيو حڪومتِ پاڪستان هي ٺهراءُ دنيا ڏانهن موڪلي ۽ کين ٻڌائي ته ڀارت درياءِ سنڌ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. سنڌ جي وفاداري بابت هن چيو سنڌ پاڪستان جو حصو آهي ۽ هميشه رهندو ان جون حدون تبديل نٿيون ٿي سگهن. وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڏنو ته عالمي برادري کي ڀارت جي جارحاڻن بيانن ۽ قدمن بابت آگاهه ڪيو وڃي۔ وڏي وزير جي تقرير کانپوءِ هندستان جي دفاع واري وزير جي بيان خلاف ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي مان متفقه طور منظور ٿي۔