قدرتي وسيلن جي تحفظ جي ذميواري اسان سڀني تي آهي؛ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

قدرتي وسيلن جي تحفظ جي ذميواري اسان سڀني تي آهي؛ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

Posted on: 23 May 2025   Tags:

ڪراچي (22 مئي 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ ريگستانن، دريائن، ميدانن ۽ سامونڊي ڪنارن سبب فطري طور حياتياتي تنوع جي دولت سان مالا مال آهي. قدرتي وسيلن جي تحفظ جي ذميواري اسان سڀني تي آهي. ھن اھا ڳالھھ بين الاقوامي حياتياتي تنوع جي ڏينهن جي مناسبت سان وزيراعليٰ ھائوس مان سندس جاري ڪيل پيغام ۾ ڪئي.  "قدرت سان هم آهنگي ۽ پائيدار ترقي" جي موضوع تحت هن سال حياتياتي تنوع جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته حياتياتي تنوع ڌرتي جي خوبصورتي ۽ انساني بقا لاءِ انتهائي اهم آهي. جنگلات جي ڪٽائي، آلودگي ۽ غير قانوني شڪار اسان جي ماحولياتي نظام لاءِ وڏو خطرو آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صوبي ۾ ريگستانن، دريائن، ميدانن ۽ سامونڊي ڪنارن سبب فطري طور حياتياتي تنوع جي دولت سان مالا مال آهي. قدرتي وسيلن جي تحفظ جي ذميواري اسان سڀني تي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ اهم قدم کنيا آهن، جن ۾ ميگرووز جي بحالي، محفوظ وائلڊ لائيف زونز جو قيام ۽ ماحولياتي تعليم جي واڌاري جا ڪم شامل آهن. وڏي وزير چيو ته قدرتي نظام جي بحالي ترقي جو رستو آهي، ڇو ته خوراڪ، پاڻي، دوائون سميت سڀ ڪجهه قدرتي وسيلن تي ئي دارومدار رکي ٿو. حياتياتي تنوع جو تحفظ ايندڙ نسلن جي بقا جي ضمانت آهي، جڏهن ته ان جي تباهي سان انسانيت به متاثر ٿئي ٿي. قدرتي نظام جو استحڪام وبائن کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو تھ اچو ته حياتياتي تنوع جو تحفظ ڪريون ۽ سنڌ کي سرسبز، محفوظ ۽ خوبصورت بڻايون. وڏي وزير چيو تھ اڄ اسين اهو عهد ٿا ڪريون ته پنهنجي ماحول جو تحفظ ڪنداسين.

Back