لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن واري جديد اسپتال منصوبي جي منظوري، ڪم مارچ 2026 کان شروع ٿيندو، مراد علي شاهه

لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن واري جديد اسپتال منصوبي جي منظوري، ڪم مارچ 2026 کان شروع ٿيندو، مراد علي شاهه

Posted on: 30 Dec 2025   Tags:

ڪراچي (26 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن تي مشتمل اسپتال منصوبي جي اڳڀرائي، ڊزائين، دائري ڪار ۽ مالي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن منصوبي کي اپر سنڌ لاءِ صحت جي شعبي جو هڪ وڏو ۽ اهم منصوبو قرار ڏنو. اسپتال ٻن سالن اندر مڪمل ڪيو ويندو. منصوبي جي بنياد وجهڻ جي تقريب مارچ 2026 ۾ رٿيل آهي جڏهن ته پهريون ٽاور هڪ سال اندر ۽ ٻيو ٽاور ان کان پوءِ ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو. وڏي وزير پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (پي اينڊ ڊي) ۽ صحت کاتن کي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ڊاڪٽر سعيد قريشي ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اسپتال ڪاشف کوکراڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪمشنر لاڙڪاڻو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيو. وڏي وزير چيو ته هي اسپتال منصوبو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي شروع ڪيو ويو آهي ۽ چيئرمين جي ويزن موجب هي سهولت اپر سنڌ جي ماڻهن کي معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي عملدارن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جو اسپتال ڇهن ماڙن تي مشتمل هوندو جنهن ۾ هڪ بيسمينٽ پڻ شامل هوندي ۽ ان کي ٻن مرحلن ۾ تعمير ڪيو ويندو. اسپتال جي مجموعي گنجائش 596 بسترا هوندي ۽ عملي طور اهو 600 بسترن تي مشتمل هڪ ٽرشري ڪيئر اسپتال هوندو. اسپتال جي جوڙجڪ ۽ گنجائش: وڏي وزير پاران منظور ڪيل منصوبي موجب اسپتال ٻن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو. پهريون مرحلو بيسمينٽ سميت ڇهن ماڙن تي مشتمل هڪ ٽاور هوندو جنهن ۾ 288 نرسنگ ڪيئر بسترا، 92 ايمرجنسي بسترا ۽ 48 آءِ سي يو بسترا شامل هوندا. ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 144 نرسنگ ڪيئر بسترا ۽ 24 آءِ سي يو بسترا شامل ڪيا ويندا جنهن کان پوءِ مجموعي گنجائش 432 نرسنگ ڪيئر بسترا، 92 ايمرجنسي (اي آر) بسترا ۽ 72 آءِ سي يو بسترا ٿي ويندي. وڏي وزير چيو ته اسپتال ۾ جديد ايمرجنسي سهولتون، او پي ڊي، ريڊيالا جي، ڊائلاسس، ليبارٽريون، بلڊ بينڪ، اينڊوسڪوپي، ڊي سرجري يونٽ، اٺ آپريشن ٿيئٽر، پري ۽ پوسٽ آپريٽو وارڊ، رِڪوري ايريا ۽ خاص ميڊيڪل ۽ سرجري آءِ سي يو شامل هوندا. ان کان علاوه بحالي (ريهبليٽيشن) جون سهولتون، انتظامي آفيسون ۽ مريضن جي ساٿين لاءِ انتظارگاهون به منصوبي جو حصو هونديون. بيسمينٽ ۾ اهم معاون سهولتون قائم ڪيون وينديون، جن ۾ ڪچن ۽ اسٽاف ڊائننگ ايريا، سي ايس ايس ڊي، لانڊري، مرده خانو، ميڊيڪل گيس پلانٽ، ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم، اسٽوريج ايريا ۽ لوڊنگ ۽ ان لوڊنگ ڊاڪس شامل هوندا. فلور وار منصوبا بندي: گرائونڊ فلور تي ايمرجنسي ٽرائياج، ريڊيالا جي، ميڊيڪل ۽ سرجري او پي ڊي، فارمييسي، ڊائلاسس يونٽ، مرد ۽ عورتن لاءِ اي آر آبزرويشن وارڊ، ريهبليٽيشن ۽ انتظامي آفيسون قائم ڪيون وينديون. پهرين ماڙ تي اينڊوسڪوپي، ڊي سرجري، سپر اسپيشلٽي او پي ڊي، پيتھالاجي ليبارٽري، بلڊ بينڪ، آپريشن ٿيئٽر، پري آپريٽو وارڊ، رِڪوري ايريا ۽ ميڊيڪل ۽ سرجري آءِ سي يو هوندا. ٻئي ماڙ ۽ ٽئين کان ڇهين ماڙ تائين مکيه طور مريضن جا وارڊ، آءِ سي يو جي توسيع، مهمانن جون لابيون ۽ آپريشنل سپورٽ ايريا هونديون، جڏهن ته آخري ماڙ تي مشين روم ۽ لفٽ سروسز هونديون. ايراضي ۽ انفراسٽرڪچر: اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسپتال جي عمارت جو ڪُل ايراضي اٽڪل 604494 چورس فٽ هوندو. ان کان علاوه 48000 چورس فٽ تي مشتمل هڪ اڪيڊمڪ بلاڪ ۽ 120000 چورس فٽ تي پکڙيل پارڪنگ پلازا پڻ منصوبي ۾ شامل آهن. مالي جائزو: وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته سول ورڪس جي ٽوٽل ڪاٿي لاڳت لڳ ڀڳ 3.108 ارب رپيا آهي جنهن ۾ مکيه اسپتال عمارت، اضافي سول ڪم، نان شيڊيولڊ ورڪس ۽ ٻاهريون ترقياتي ڪم شامل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڏنو ته لاڙڪاڻي جو 600 بسترن وارو اسپتال هڪ فليگ شپ صحت منصوبو آهي جنهن جو مقصد اپر سنڌ جي ماڻهن کي جديد ۽ سستي طبي سهولتون مهيا ڪرڻ آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي شفافيت، سخت معيار ڪنٽرول ۽ وقت سر منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون. هن وڌيڪ چيو ته اسپتال کي عالمي صحت معيارن مطابق ترقي ڏني وڃي خاص طور تي ايمرجنسي ڪيئر، آءِ سي يو ۽ خاص طبي سهولتن تي ڌيان ڏنو وڃي، جيئن لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن جا مريض جديد علاج لاءِ ڪراچي وڃڻ تي مجبور نه ٿين. اجلاس جو اختتام ان هدايت سان ڪيو ويو ته سڀ ضابطي وار گهرجون جلد مڪمل ڪري مارچ 2026 ۾ منصوبي تي عملي ڪم شروع ڪيو وڃي.

Back