معيشت جي بھتريءَ سان گڏوگڏ عزتِ نفس، انصاف ۽ انساني وقار سان غربت جو خاتمو لازمي آھي: وڏو وزير
معيشت جي بھتريءَ سان گڏوگڏ عزتِ نفس، انصاف ۽ انساني وقار سان غربت جو خاتمو لازمي آھي: وڏو وزير
Posted on: 23 Oct 2025 Tags:ڪراچي (17 آڪٽوبر 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه غربت جي خاتمي جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوامي ڀلائي، سماجي انصاف ۽ پائيدار ترقي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته هن سال جو موضوع ’’خانداني احترام ۽ مؤثر مدد ذريعي سماجي ۽ اداراتي بدسلوڪي جو خاتمو‘‘ آهي، جيڪو غربت جي خاتمي ۾ خاندان جي اهم ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته معيشت جي بھتريءَ سان گڏوگڏ عزتِ نفس، انصاف ۽ انساني وقار سان غربت جو خاتمو لازمي آھي. سنڌ حڪومت تعليم، صحت ۽ روزگار وسيلي غربت جي خاتمي لاءَ هڪ گڏيل رٿا بندي تي عمل ڪري رھي آهي. هن وڌيڪ چيو ته خاندانن کي بااختيار بڻائڻ، عورتن ۽ نوجوانن کي معاشي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. سنڌ حڪومت سماجي تحفظ جا ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن جيڪي ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان غربت گهٽائڻ ۾ اهم ثابت ٿيا آهن. وڏي وزير چيو ته پاڪستان مان غربت جي خاتمي لاءِ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اداراتي شفافيت ۽ سماجي انصاف کان سواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان سڀني کي پڪو پھھ ڪرڻ گهرجي ته اسين هڪ ٻئي جو سهارو بڻجون ته جيئن ڪو به ٻار بکايل نھ سمھي. آخر ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته عالمي برادري سان گڏجي اسان جو هدف اهو آهي ته پاڪستان کي غربت کان پاڪ ملڪ بڻائجي.
Back