ماحول کي پلاسٽڪ آلودگي کان بچائڻ لاءِ سمورن شھرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، وڏو وزير
ماحول کي پلاسٽڪ آلودگي کان بچائڻ لاءِ سمورن شھرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، وڏو وزير
Posted on: 11 Jun 2025 Tags:ڪراچي (5 جون 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي ماحوليات ڏھاڙي جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته هن سال عالمي ماحوليات ڏينهن "پلاسٽڪ آلودگي جو خاتمو" جي عنوان سان ملهائجي رهيو آهي. هن چيو ته ماحول کي پلاسٽڪ آلودگي کان بچائڻ لاءِ سمورن شھرين کي سندن ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ پلاسٽڪ جي صفائي لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ پلاسٽڪ بابت ٺاهيل قانونن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو. وڏي وزير چيو ته پلاسٽڪ کان پاڪ سنڌ اسان جو خواب آهي، اچو ته گڏجي ان خواب کي حقيقت بڻايون. ھن وڌيڪ چيو تھ 15 جون 2025ع کان سنڌ ۾ پلاسٽڪ جي شاپنگ بيگز تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته ماحول دوست ڪپڙي ۽ ڪاغذ جي ٿيلهن جي استعمال جي همٿ افزائي ڪئي پئي وڃي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تمر جي وڻڪاري، ري سائيڪلنگ انڊسٽريز، دريائن ۽ سامونڊي علائقن جي صفائي جاري آھي. ھن چيو تھ سندس حڪومت تعليمي توڙي سماجي ادارن سان گڏجي ماحوليات بابت ماڻھن ۾ بيداري پيدا ڪري رھي آھي.
Back