وڏي وزير جي صدارت ھيٺ پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس

وڏي وزير جي صدارت ھيٺ پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس

Posted on: 18 Apr 2025   Tags:

ڪراچی (17 اپريل) سنڌ جي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه جي زير صدارت پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته سال 2025 ۾ سنڌ مان هيستائين پوليو جا چار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته 2024 ۾ 23 ۽ 2023 ۾ رڳو ٻه ڪيس سامهون آيا هئا. هن ان ڏس ۾ سڀني ضلعن ۾ بهتر نگراني ۽ مؤثر رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيئن 21 کان 27 اپريل 2025 تائين ٿيندڙ قومي انسداد پوليو مهم ۾ "نیشنل امیونائزیشن ڈیز" کي ڪامياب بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان جو ڌيان هن سال ان ڳالهه تي هئڻ گهرجي ته هر ٻار پوليو جا ڦڙا ضرور وقت تي پئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صحت جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، وزير بلديات سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري نالج ۽ گورننس خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، اِيڊیشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، روٽري جي نمائندي عزيز ميمڻ، سي اي او پي پي ايڇ آئي جاويد جاگيراڻي، صوبائي اي او سي ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍڙ، اي سي او ڊاڪٽر احمد علي شيخ، ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر آصف علي، يونيسف جي نمائندي ڊاڪٽر عظيم خواجه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو وزيراعليٰ کي آگاهي ڏني ته سنڌ ۾ 2025 دوران پوليو جا چار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هي تعداد 2024 جي 23 ڪيسن ۽ 2023 جي 2 ڪيسن جي ڀيٽ گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿو. موجوده چار ڪيس بدين، لاڙڪاڻي، قمبر ۽ ٺٽي جي ضلعن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير هر ٻار تائين رسائي ۽ والدين جي هچڪچاهٽ جو مؤثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي قيادت جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته هر انڪار کي آگاهي مهيا ڪرڻ ۽ اعتماد قائم ڪرڻ جو موقعو سمجهو وڃي. هن هدايت ڏني ته ڊپٽي ڪمشنرن کي ميدان ۾ موجود رهندي روزاني نگراني کي يقيني بڻائڻ گهرجي. اجلاس ۾ موجوده پوليو جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جنهن موجب پاڪستان ۾ 2025 تائين جي ٽوٽل ڇهه پوليو ڪيسن مان چار سنڌ ۾ رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته ڪراچي جي سڀني ضلعن مان ماحولياتي نمونن جا نتيجا اڃا تائين مثبت اچي رهيا آهن. مسلسل ويڪسين مهم باوجود وائرس جو پکڙاءُ اهم شهري علائقن ۾ جاري آهي. ماحولياتي نگراني جي نتيجن مان شهر جي سڀني ستن ضلعن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي. متاثرہ علائقن ۾ ضلع اوڀر جي سهراب ڳوٺ، مچھر ڪالوني، چڪوره نالا ۽ راشد منہاس؛ ضلع اولهه جي خميسو ڳوٺ؛ ملير ضلع جي محمد خان ڪالوني ۽ اورنگي؛ ڪورنگي ۽ ضلع سينٽرل جي بہاولنگر ڳوٺ، ڪورنگي نالا ۽ حاجي مريد جڏهن ته ضلع ڏکڻ جا حضرت ڪالوني، پي آءِ ڊي سي ۽ منظور ڪالوني شامل آهن. سکھر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ پڻ ماحولياتي نگراني جا نتيجا پوليو وائرس جي موجودگي کي ظاهر ڪن ٿا. تنهنڪري والدين کي گهرجي ته هو پنهنجن ٻارڙن کي پوليو کان محفوظ رکڻ لاءِ باقاعدگي ۽ درست انداز ۾ ويڪسين ڪرائين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فيبروري 2025 ۾ 9045863 گهرن کي هدف بڻايو ويو جن مان 99 سيڪڙو جو احاطو ڪيو ويو. بهرحال 2020959 ٻار اڃا به رهجي ويا، 177960 گهرن تي ڪو موجود نه هو ۽ 42999 ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو انهن ڪميونٽين ۾ مسلسل فالو اپ جي ضرورت تي زور ڏنو جتي غلط معلومات يا خيالن ڪري مزاحمت ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي سپروائزرز جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ گهرجي ۽ انهن گهرن تي ٻه کان ٽي ڀيرا وڃڻ گهرجي جتي شروع ۾ ويڪسين جو انڪار ٿيو هو. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي غذائيت ۽ معمول جي حفاظتي ٽڪن کي پوليو مهم سان ڳنڍڻ گهرجي. چييف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه تمام انتظامي سربراهن کي هدايت ڪئي ته مہم جي مڪمل تياري، سيڪيورٽي هم آهنگي ۽ وڏن خطري واري يونين ڪونسلن جي مانيٽرنگ کي يقيني بڻائين. هن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته ضلع سطح تي "وار روم" قائم ڪن ته جيئن مہم دوران حقيقي وقت جي ٽريڪنگ ۽ مسئلن جي فوري حل کي ممڪن بڻائي سگهجي. اي او سي سنڌ ٽيم اجلاس کي مواصلاتي ڪوششن بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ ميڊيام مذهبي اڳواڻن ۽ طبي ماهرین جي شموليت شامل هئي. هن تازو فرڪشنل آئی پی وی مهمن جي ڪاميابي ۽ آئينده ٿيندڙ آئی ايس ڊي سرگرمين بابت به روشني وڌي. وڏي وزير مراد علي شاهه سڀني عملدارن ۽ منتخب نمائندن کان مطالبو ڪيو ته هو اپريل جي پوليو مهم دوران پوليو ٽيم جو پورو ساٿ ڏين.  هن چيو ته وائرس اڃا موجود آهي پر اسان جو عزم به قائم آهي. هر ٻار جو حق آهي ته اسان هن مهم کي ڪامياب بڻايون. سنڌ کي پوليو فري پاڪستان جي قيادت ڪرڻ گهرجي۔

Back