مالي سال 26-2025ع جو بجيٽ پيش، ڪل حجم 3451.87 ارب رپيا، 38.458 ارب رپين جو

مالي سال 26-2025ع جو بجيٽ پيش، ڪل حجم 3451.87 ارب رپيا، 38.458 ارب رپين جو

Posted on: 14 Jun 2025   Tags:
ڪراچي (13 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 2025-26 لاءِ صوبائي بجيٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي جنهن جو مجموعي حجم 3451.87 ارب رپيا آهي جڏهن ته بجيٽ خسارو 38.458 ارب رپيا رکيو ويو آهي. هي بجيٽ گذريل مالي سال 2024-25 جي بجيٽ 3056.3 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 12.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي۔ وڏي وزير اعلان ڪيو ته گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو ۽ گرڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي۔ هن چيو ته "اسين نئون فنانس بل آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ڪجهه ٽيڪسن، ليويز ۽ سيس کي گهٽايو يا ختم ڪيو ويندو، وڌايو نه ويندو۔" بجيٽ ۾ تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن لاءِ فنڊز ۾ نمايان واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته گورننس کي جديد دور جي تقاضائن موجب بهتر بڻائڻ ۽ معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمتِ عملي تي ٻڌل قدم شامل ڪيا ويا آهن۔
بجيٽ 2025-26: مالياتي سال 2025-26 لاءِ صوبائي آمدني جو امڪان 3411.5 ارب رپيا آهي، جيڪا هلندڙ سال جي ڀيٽ 11.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي۔ وفاقي ٽيڪسن مان حصو (فيڊرل ڊيويزيبل پول) جيڪو صوبائي ڪل آمدني جو لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو آهي، مالي سال 2025-26 لاءِ 1927.3 ارب رپيا متوقع آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جيتوڻيڪ موجوده مالي سال جي نظرثاني ٿيل ڪاٿن ۾ 5.5 سيڪڙو گهٽتائي سامهون آئي آهي۔ اضافي وفاقي منتقلي ۾ سڌي منتقلي (Straight Transfers) ۽ OZT جي خاتمي سان پيدا ٿيل نقصانن جي تلافي لاءِ ڏنل گرانٽون شامل آهن جن ۾ پڻ واڌ جي اميد آهي جنهن سان وفاقي منتقلي جو ڪل انگ 2095.6 ارب رپين تائين پهچي ويندو۔ موجوده ريونيو خرچ (CRE) مالي سال 2025-26 لاءِ 2149.4 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي گذريل مالي سال 2024-25 جي 1912.36 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 12.4 سيڪڙو واڌ ڏيکارين ٿا۔ هن واڌ جي اهم سببن ۾ مهانگائي جو دٻاءُ، غير مالي ادارن جيئن ته اسپتالن ۽ يونيورسٽين کي ڏني ويندڙ گرانٽس ۾ واڌ، سرڪاري ملازمن لاءِ رليف الائونس، ۽ پينشن جي ادائيگين ۾ واڌ شامل آهن۔
خرچن ۽ شعبي وار ورهاست: ٽوٽل خرچن ۾ 12.9 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي جيڪي وڌي 3450 ارب رپين تائين پهچي ويندا۔ موجوده ريونيو خرچ 12.4 سيڪڙو واڌ سان 2150 ارب رپيا ٿيندا، جنهن جا اهم سبب پگهارن ۽ پينشن ۾ 6 سيڪڙو واڌ، مڪاني ادارن کي ڏني ويندڙ گرانٽن ۾ 3 سيڪڙو واڌ ۽ مختلف اهم شعبن ۾ نمايان واڌ آهي جنهن ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ: 189.75 ارب رپيا (15.7 سيڪڙو واڌ)، صحت جو شعبي: 336.46 ارب رپيا (11.3 سيڪڙو واڌ) ۽ تعليم جو شعبي: 518.05 ارب رپيا (18 سيڪڙو واڌ) شامل آهن. ان کان علاوه حڪومت غربت جي خاتمي ۽ معاشي استحڪام لاءِ "غريب دوست سماجي تحفظ ۽ معاشي پايداري جي قدمن" تحت 20 ارب رپيا رکيا آهن، جيڪي شموليتي ترقي (Inclusive Growth) لاءِ حڪومت جي سنجيدگي جو ثبوت آهن۔ شفافيت ۽ مؤثريت کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعليمي فنڊ سڌو سنئون اسڪولن تائين منتقل ڪيا ويندا۔ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۽ ناڻي کاتي جي هدايتن تي مختلف سرڪاري ۽ غير مالي ادارن کي ڏني ويندڙ امدادي گرانٽس (Grants-in-Aid) لاءِ مجموعي طور 702 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔
تعليم جو شعبو: تعليم جي شعبي لاءِ 523.73 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي گذريل سال جي 458.2 ارب رپين جي ڀيٽ 12.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن۔ هي رقم موجوده ريونيو خرچ (CRE) جو 25.3 سيڪڙو آهي۔ تعليم جي سڀني درجنن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي: پرائمري تعليم جو بجيٽ 136.2 ارب رپين کان وڌي 156.2 ارب رپيا ٿي ويو آهي۔ سيڪنڊري تعليم جو بجيٽ 68.5 ارب رپين کان وڌي 77.2 ارب رپيا آهي۔ نئين قدمن تحت تعليم جي شعبي ۾ ڪيترائي اهم قدم شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ 4400 نون اسٽاف ميمبرن جي ڀرتي، 4 نون آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليجن جو قيام ۽ 34100 کان وڌيڪ پرائمري اسڪولن کي الڳ ڪاسٽ سينٽرن ۽ بجيٽ ڏئي خودمختياري ڏيڻ شامل آهن. ان کان علاوه هونھار ۽ گهٽ وسيلن وارن شاگردن جي تعليمي مدد لاءِ سنڌ ايجوڪيشنل انڊومينٽ فنڊ هيٺ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔
خصوصي ماڻهن جي بهبود لاءِ پروگرام (DEPD): خصوصي ماڻهن جي فلاح لاءِ بجيٽ 11.6 ارب رپين کان وڌائي 17.3 ارب رپيا رکي وئي آهي۔ ان تحت مددگار گيجٽس، وظيفا ۽ اين جي اوز سان ڀائيواري ذريعي سهولتون مهيا ڪيون وينديون۔
صحت جو شعبو: صحت جي شعبي لاءِ 326.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي گذريل سال جي 302.2 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو واڌ ظاهر ڪن ٿا۔ انهن مان 146.9 ارب رپيا گرانٽس ان ايڊ جي صورت ۾ مختلف صحت جي ادارن ۽ يونٽن کي ڏنا ويندا۔ اهم بجيٽ ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) لاءِ 19 ارب رپيا، پيپلز پرائمري هيلٿ انيشئيٽو (PPHI) لاءِ 16.5 ارب رپيا ۽ لاڙڪاڻو ۾ نئين اسپتال لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان کان علاوه، ديهي علائقن ۾ صحت جون سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ ايمبولينس خدمتون ۽ موبائل ڊائگنوسٽڪ يونٽس ۾ واڌ ڪئي ويندي. ترقياتي منصوبا ۽ سالياني ترقياتي پروگرام (ADP): مالي وسيلن جي امڪاني کوٽ سبب ADP ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ ان جو حجم 520 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي۔ ان ۾ 475 نون اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ هيترين علائقن جي بحالي، قابل تجديد توانائي، پوئتي پيل ضلعن جي ترقي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ صفائي جون سهولتون اوليت تي رکيل آهن۔ اهم شعبن لاءِ رکيل رقم لاءِ تعليم لاءِ 99.6 ارب رپيا، صحت لاءِ 45.37 ارب رپيا، آبپاشي لاءِ 73.9 ارب رپيا ۽ بلدياتي حڪومت لاءِ 132 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
ڪراچي جي ترقي : ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي انفرااسٽرڪچر جي بهتري وارا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ رستن جي مرمت، نيڪال ۽ پاڻي جي فراهمي جي نظام جي بهتري شامل آهي جيڪي مختلف ضلعن ۾ لاڳو ڪيا ويندا.
شهري ٽرانسپورٽ: ڪراچي ۾ شهري ٽرانسپورٽ جي دائري کي وڌايو پيو وڃي جتي پاڪستان جون پهرين 50 اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون ويون آهن ۽ آگسٽ 2025 تائين وڌيڪ 100 بسون شامل ڪيون وينديون. شهر ۾ بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) منصوبن ۾ به ترقي جاري آهي، ييلو لائين مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته ريڊ لائين 50 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪي آهي.
ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ: ڪراچي سيف سٽي منصوبي ۾ تيزي سان ترقي جاري آهي جتي مصنوعي ذهانت (AI) سان جُڙيل سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳايا پيا وڃن ۽ نگراني جي دائري کي وڌايو پيو وڃي. اهم ترقياتي منصوبن ۾ ڪورنگي ڪاز وي برج جي تعمير ۽ شاهراه ڀٽو جي بهتري به شامل آهي. نون ADP قدمن تحت تاريخي ورثي جي بحالي، ڪاروباري علائقن جي بهتري ۽ اهم رستن جي تعمير کي به نشانو بڻايو ويو آهي.
ڊيجيٽل گورننس: هڪ مرڪزي "ڪي پرفارمنس انڊيڪيٽر (KPI)" مانيٽرنگ ڊيش بورڊ جاري ڪيو پيو وڃي جيڪو منصوبن جي نگراني کي ريئل ٽائيم ۾ ممڪن بڻائيندو. زمين جي رڪارڊ جي سڌاري لاءِ بلاڪ چين تي ٻڌل نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان ملڪيت جي معاملن ۾ آسانِي ۽ شفافيت ايندي. ان کان علاوه ڊيجيٽل پيدائشي رجسٽريشن نظام جو آغاز ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد 2028 تائين 100 سيڪڙو ڪوريج حاصل ڪرڻ آهي ۽ اهو نظام صحت ۽ تعليم جي ڊيٽا سان ڳنڍيل هوندو.
زرعي سڌارا: بينظير هاري ڪارڊ جو جاري ڪيو پيو وڃي جنهن ذريعي ٻه لک کان وڌيڪ هارين کي سبسڊي ۽ زرعي مشينري جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ "ڪلائميٽ سمارٽ ايگريڪلچر" کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊرِپ اِريگيشن تي سبسڊي ڏني ويندي ۽ نجي ۽ سرڪاري ڀائيواري سان ڪلسٽر فارمنگ جا منصوبا شروع ڪيا ويندا. ان کان علاوه، سنڌ ڪوآپريٽو بينڪ جي قيام لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جاري آهي، جيئن ترقي پسند هارين کي بغير وياج قرض فراهم ڪري سگهجن.
سماجي ڀلائي ۽ بااختيار ادارو: تعليم جي بجيٽ کي نچلي سطح تي منتقل ڪيو ويندو جنهن سان اسڪولن جي هيڊ ماسترن کي عملي خرچن لاءِ فنڊ فراهم ٿيندا. معذور ماڻهن لاءِ وظيفن ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ نوان بحالي مرڪز قائم ڪيا ويندا. ان کان سواءِ سنڌ ڀر ۾ يوتھ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪيا ويندا جيڪي نوجوانن کي مهارتن جي سکيا، ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ ڊجيٽل لٽريسي پروگرام مهيا ڪندا.
ٽيڪس ۽ رليف جا قدم: پنج مختلف ٽيڪسن جن ۾ پروفيشنل ٽيڪس ۽ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي شامل آهن، ختم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام تي مالي بار گهٽجي. موٽر گاڏين جي ٽيڪس ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي ۽ سيلز ٽيڪس کي آسان بڻائڻ لاءِ نيگيٽو لسٽ سسٽم ڏانهن منتقلي ڪئي ويندي.
وڏي وزير سرڪاري ملازمن لاءِ BPS-1 کان BPS-16 تائين جي گريڊن ۾ 12 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ۽ BPS-17 کان BPS-22 تائين جي گريڊن لاءِ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پينشن ۾ پڻ 8 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. خصوصي ماڻهن لاءِ سفري الائونس ۾ واڌ ڪئي ويندي، ۽ سڀني واجب الادا پينشن جي ادائيگين کي مڪمل ڪيو ويندو. وڪيلن، صحافين ۽ اقليتي برادري لاءِ خاص گرانٽس مهيا ڪيون وينديون ته جيئن انهن جي فلاحي ۽ ترقياتي قدمن کي هٿي ملي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي بجيٽ سنڌ جي لڪل صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ شموليت تي ٻڌل، مضبوط ۽ پائيدار ترقي جي رستي کي هموار ڪندو. هن صوبي ۽ ملڪ کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ اتحاد ۽ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. هي جامع بجيٽ سماجي ترقي، جديد انفراسٽرڪچر ۽ معاشي خودمختياري جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو سنڌ کي هڪ انقلابي سال ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ تيار ڪندو.
Back