سنڌ حڪومت ٽيڪنيڪل تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، سيد مراد علي شاهه
سنڌ حڪومت ٽيڪنيڪل تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، سيد مراد علي شاهه
Posted on: 18 Apr 2025 Tags:ڪراچي (17 اپريل)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وزيراعظم يوتھ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان الڳ الڳ ملاقاتون ٿيون جن ۾ سندن لاڳاپيل شعبن سان جڙيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير رانا مشهود سان ملاقات دوران وزيراعظم يوتھ پروگرام ۽ صوبائي راندين ۽ نوجوانن واري کاتي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان تي اتفاق پڻ ڪيو ويو. ملاقات دوران طي ڪيو ويو ته هن تعاون سان سنڌ جي نوجوانن کي مختلف ملڪن ۾ روزگار، تعليمي تبادلي ۽ مشاهداتي دورن جا موقعا حاصل ٿيندا. ملاقات وزیراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ وڏي وزير جي سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عليم لاشاري سميت ٻين اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي. وڏي وزير سنڌ جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه جي اهميت اجاگر ڪئي ته وزيراعظم يوتھ پروگرام تحت نوجوانن کي بهتر روزگار جا موقعا، بين الاقوامي مشاهداتي دورن ۽ تعليمي تبادلن جا موقعا مهيا ڪيا وڃن. رانا مشهود وڏي وزير کي تازو شروع ڪيل ڊجيٽل يوتھ حب بابت ڄاڻ ڏني جيڪو نوجوانن کي سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. هن پاڪستان کان هُنر مند نوجوانن کي ٻاهر موڪلڻ جي ويزن جي پڻ وضاحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سکيا ماڻيندڙ پروفيشنلن جي گهرج وڌي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ٽيڪنيڪل تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن نوجوانن کي عملي مهارتون ڏئي سگهجن ۽ اهي مختلف ملڪن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهن. ڌرين وزيراعظم يوتھ پروگرام ۽ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت اتفاق ڪيو ته جيئن سنڌ جي نوجوانن لاءِ بين الاقوامي روزگار ۽ تعليمي موقعا پيدا ٿين.
Back