محرم الحرام صبر، قرباني ۽ اتحاد جو مهينو آهي، مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏجي: مراد علي شاهه

محرم الحرام صبر، قرباني ۽ اتحاد جو مهينو آهي، مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏجي: مراد علي شاهه

Posted on: 28 Jun 2025   Tags:

ڪراچي (27 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ محرم الحرام جي انتظامن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنھن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ضياء الحسن لنجار، رياض شاهه شيرازي، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب، سينيٽر وقار مهدي، انسپيڪٽر جنرل پوليس، سيڪريٽري گھروکاتو، ڪمشنر ڪراچي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه ڪي اليڪٽرڪ، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جا نمائندا پڻ موجود هئا. مختلف مذهبن ۽ فِڪرن سان لاڳاپيل عالم سڳورن جن ۾ علامه سيد رضا جعفر، علامه نثار قلندري، مولانا اصغر شهيدي، مولانا سيد بهادر حسن، مولانا صادق جعفري، سيد نسيم حيدر ۽ سيد شبير رضا شرڪت ڪري پنهنجي قيمتي تجويزون پيش ڪيون. وڏي وزير عالمن جي ڪوششن جي ساراهه ڪندي چيو ته انهن هميشه سنڌ ۽ ملڪ ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام پهچايو آهي، خاص طور محرم جي حساس مهيني ۾ مذهبي رواداري ۽ فرقيوار هم آهنگي کي ھٿي وٺرائڻ ۾ سندن ڪردار اهم آهي. مراد علي شاهه چيو ته محرم قرباني، صبر ۽ اتحاد جو مهينو آهي. مجلسون ۽ عاشوري جا جلوس ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف بيهڻ جو پيغام ڏين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ امن ۽ مذهبي هم آهنگي قائم رکڻ لاءِ هڪ ٻئي جي عقيدن جو احترام ضروري آهي. وڏي وزير عالمن کان وڌيڪ تجويزون پڻ طلب ڪيون ۽ سندن سفارشن جي روشني ۾ لاڳاپيل ادارن کي فوري هدايتون جاري ڪيون. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ مڪمل تياريون ڪيون وڃن جڏهن ته مقامي حڪومتن کي خاص هدايت ڏني ته امام بارگاهن ۽ جلوسن جي رستن تي صفائي ۽ نيڪاسي جو خاص خيال رکيو وڃي. وڏي وزير ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين بجلي فراهم ڪندڙ ادارن کي به هدايت ڪئي ته محرم جي دوران بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. مراد علي شاهه زور ڀري چيو ته مجلسن ۽ عاشوري جي جلوسن ۾ پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي ڪوتاھي نه ڇڏڻ گهرجي.

Back