وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس، اهم فيصلا

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس، اهم فيصلا

Posted on: 19 Dec 2025   Tags:
ڪراچي (پھرين ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ 27 نڪتن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جن ۾ ٿر ڪوئل فيلڊ کان ڇوڙ تائين ريلوي لائن جي تعمير لاءِ 6.6 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري، سولر پروجيڪٽ ۾ مبينه فراڊ ۾ ملوث ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جا حڪم ۽ برائون فِيلڊ سائيٽس کي ڪاربان فنانس ۽ ماحول دوست ٽيڪنالاجيز ذريعي ٻيهر استعمال جي قابل بڻائڻ جي منظوري شامل هئي. ڪابينا ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز جي تعيناتي ۾ هڪ سال جي توسيع جي منظوري پڻ ڏني جڏهن ته ڊيفنس هائوسنگ اٿارٽي (DHA) لاءِ پاڻي جي قيمت 0.75 رپيا في گيلن کان گهٽائي 0.60 رپيا في گيلن مقرر ڪئي وئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبي جا وزير، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. DHA لاءِ پاڻي جي قيمت جو ازسرِنو تعين: لوڪل گورنمينٽ جي کاتي پاران DHA لاءِ پاڻي جي قيمت ۾ تبديلي جي تجويز ڪابينا آڏو پيش ڪئي وئي. پهريان ڪراچي واٽر اينڊ سيوئريج ڪارپوريشن (KWSC) 0.85 رپيا في گيلن قيمت مقرر ڪئي هئي جنهن کي صوبي جي حڪومت جي 10.566 ارب رپين جي قرض مدد جي شرط طور منظور ڪيو ويو هو. وڌيڪ ڳالهين کان پوءِ KWSC ، ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي قيمت 0.60 رپيا في گيلن تجويز ڪئي جڏهن ته ادائيگي جو 10 سالن وارو شيڊول برقرار رکيو ويو. ڊي ايڇ اي اڳ ۾ ئي پاڻي 0.75 رپيا في گيلن جي شرح سان باؤزرز ذريعي خريد ڪري رهي هئي تنهنڪري نئين قيمت کي برداشت جوڳو ۽ مالي طور تي پائيدار قرار ڏنو ويو. ڪابينا نئين قيمت 0.60 رپيا في گيلن منظور ڪري ڇڏي. زمين جي رڪارڊ جو ڊجيٽلائيزيشن ۽ e-Transfer سسٽم: سنڌ ڪابينا رڪارڊ آف رائيٽس جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ زمين جي e-Transfer جي انقلابي منصوبي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. هي منصوبو بورڊ آف ريونيو جي قيادت هيٺ هوندو جڏهن ته سکر IBA يونيورسٽي ڊجيٽل لينڊ رڪارڊ جو سسٽم تيار ڪندي ۽ ان جي تياري ۽ نفاذ جي مڪمل ذميواري سنڀاليندي. منصوبي جون اهم خصوصيتون: موجوده زمين جي سڀني رڪارڊن جي تصديق ڪري نئين سر لکي ويندي. سموري رڪارڊ کي بلاڪ چين تي ٻڌل ڊيٽابيس ۾ منتقل ڪيو ويندو. مستقبل ۾ سڀني زمينن جا ٽرانسفر مڪمل طور تي آن لائن ۽ ڊجيٽل هوندا. نئين سنڌ لينڊ رڪارڊز اٿارٽي هن نظام جي نگراني ڪندي. NADRA، FBR ۽ GIS ميپنگ سان انضمام (Integration) ٿيندو. شهري پنهنجون دستاويزات آن لائن اپ لوڊ ڪندا، بائيو ميٽرڪ تصديق ذريعي سڃاڻپ ڪندا، ۽ فيس ادا ڪرڻ کان پوءِ انهن کي ڊجيٽل لينڊ ٽائيٽل جاري ڪيو ويندو. قانوني تراميم: ڪابينا هدايت ڪئي ته لاڳاپيل قانونن ۾ تبديليون جو مسودو تيار ڪري ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ زمين جي ڊجيٽل رجسٽريشن جو عمل قانوني طور تي ممڪن ٿي سگهي. اهو پڻ تجويز ڪيو ويو ته روايتي فائل جي جاءِ تي ڊجيٽل پراپرٽي ڪارڊ جاري ڪيو ويندو جنهن ۾ هڪ ڊجيٽل SIM شامل هوندي جيڪا ملڪيت جون سڀ تفصيلون مهيا ڪندي. ٿر ريل ڪنيڪٽوٽي پروجيڪٽ: ڪابينا کي اسلام ڪوٽ–ڇوڙ ريلوي لائن، بن قاسم ۽ پورٽ قاسم جي وچ ۾ ڊبل ٽريڪ، ۽ مجوزه ڪوئلو ان لوڊنگ سهولت بابت پيش رفت کان آگاهه ڪيو ويو. منصوبو PC-1 پهريان 53 ارب رپيا هو جيڪو هاڻي وڌي ڪري 90 ارب رپين کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت پنهنجو حصو 18.7 ارب رپيا جاري ڪري چڪي آهي. وفاقي حڪومت سنڌ کي هدايت ڪئي ته پنهنجو حصو جلدي جاري ڪري ته جيئن منصوبي ۾ دير نه ٿئي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا جي منظوري سان ناڻي کاتي کي 6.610 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ مستقبل ۾ ضرورت مطابق وڌيڪ فنڊ جي فراهمي جو عنديه ڏنو. سندھ سولر انرجي پروجيڪٽ: ورلڊ بينڪ جي مدد سان هلندڙ سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ، جيڪو جولاءِ 2025 ۾ مڪمل ٿيڻ وارو آهي تقريباً مڪمل بجيٽ استعمال ڪرڻ باوجود سنگين مسئلن جو شڪار رهيو. منصوبي جا ڪيترائي بنيادي مقصد جهڙوڪ سولر پارڪس جي تعمير، سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي سولر روف ٽاپ سسٽم لڳائڻ ۽ گهرن کي سولر ڪٽس فراهم ڪرڻ مڪمل نه ٿي سگهيا. تحقيقن ۾ معلوم ٿيو ته ڪنٽريڪٽ ۾ غير مناسب تبديليون ڪيون ويون، نامڪمل يا غير موجود ڪم جي باوجود ادائيگيون ٿيون، درآمدن ۾ سنگين بي ضابطگيون ٿيون جن ۾ مکيه ڪنٽريڪٽر پاران جعلي دستاويز جمع ڪرائڻ شامل هو جنهن سان سرڪاري خزاني کي وڏو نقصان ٿيو. ڪجهه اين جي اوز کي مقابلي کان سواءِ ڪم ڏنو ويو ۽ اهم رقوم اهڙي سامان تي خرچ ٿيون جن جو واضح رڪارڊ موجود نه هو. وڏي وزير انهن بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي مڪمل فارنزڪ آڊٽ، انڪوائري ۽ ملوث ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ته عوام جا پئسا محفوظ، شفافيت ۽ احتساب يقيني بڻجي. سولر هوم سسٽم (SHS) پروجيڪٽ: 18.8 ارب رپين ماليت وارو هي وڏو منصوبو صوبي جي غريب خاندانن کي 2.5 لک مفت سولر ڪٽس فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ورڇ : آف گرڊ علائقن (جتي بجلي موجود ناهي) ۽ آن گرڊ علائقن (جتي بجلي آهي پر گهٽ لوڊ شيڊنگ وارا غريب صارف) ۾. سولر ڪٽ ۾ شامل سامان: هر گهر کي هڪ مڪمل سولر سسٽم ڏنو ويندو جنهن ۾ سولر پينل، بيٽري، چارج ڪنٽرولر، فين، LED لائٽس ۽ موبائل چارجنگ پورٽس شامل آهن. سڀ ڪٽس سان ٻه سال جي رپليسمينٽ وارنٽي شامل آهي. تقسيم ۽ انتخاب جو طريقو: تقسيم NRTC-E جي سربراهي ۾، اين جي اوز جي مدد سان ٿيندي. درخواست ڏيندڙن کان حلف نامو ورتو ويندو جيڪڏهن درخواستون ڪٽس کان وڌيڪ هجن ته اليڪٽرانڪ بالوٽنگ ذريعي شفاف طريقي سان چونڊ ڪئي ويندي. اڳ ۾ ڪنهن سرڪاري سولر اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندڙ خاندان شامل نه هوندا. مانيٽرنگ ۽ شفافيت: هڪ مرڪزي ڊيٽابيس ۽ موبائل ايپ ذريعي ڪٽس جي حقيقي وقت نگراني ڪئي ويندي. هڪ اعليٰ سطح جي اسٽيئرنگ ڪميٽي نگراني ڪندي. سڄو عمل سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن سان گڏ بهتر نظم و نسق ۽ جوابدهي جي معيار مطابق هلي رهيو آهي. هي منصوبو صوبي جي سڀني کان غريب خاندانن تائين قابل اعتماد، صاف ۽ مفت توانائي پهچائڻ جي اهم ڪوشش آهي، جيڪا سخت شفافيت جي معيارن تحت نافذ ڪئي پئي وڃي. برائون فِيلڊ سائيٽس جي ازسرِنو ترقي ۽ ڪاربان فنانس جو استعمال: سنڌ ڪابينا هڪ ماحولياتي منصوبي جي منظوري ڏني، جنهن تحت عرصي کان نظرانداز ٿيل ۽ آلودہ برائون فِيلڊ علائقن کي جديد، ماحول دوست طريقن سان ٻيهر استعمال لائق بڻايو ويندو. ماحوليات کاتو، وزارت ماحولياتي تبديلي جي مدد سان، اهڙين بیکار ۽ آلودہ زمينن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن کي مؤثر طريقي سان ڊولپ ڪري سگهجي ٿو. توانائي کاتو پراڻين صنعتي زمينن کي سولر پارڪس ۽ ونڊ فارمز ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو، جڏهن ته کوڙ ۽ پراڻا ڊمپنگ گرائونڊز کي بائيو گيس ۽ ويٽس ٽو انرجي پلانٽس ۾ تبديل ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. جنگلات کاتو انهن علائقن ۾ نئين وڻڪاري، جنگلات ۽ ويٽ لينڊس قائم ڪري سبز رنگ وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو، جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ جو کاتو جام چاکرو جهڙن هنڌن کي جديد لينڊ فلز ۾ تبديل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ڪابينا نيچرل ريسٽوريشن سلوشنز جهڙوڪ ميڊگروز، شهري جنگلات ۽ ٻيا ماحول دوست قدم به منظور ڪيا. سنڌ حڪومت قومي حڪمت عملي مطابق آهي ۽ انهن قدمن کي ملڪ ۾ اپنان لاءِ آواز به بلند ڪندي. قواعد ۾ تراميم (Rules Amendments): سنڌ ڪابينا پنهنجي Rules of Business ۾ اهم تبديليون منظور ڪيون ته جيئن ماحول ۽ موسمي تبديلي سان لاڳاپيل نئين قائم ٿيل ادارن کي سرڪاري شيڊولز ۾ باقاعده شامل ڪري سگهجي. سنڌ اينوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (SEPA)، سنڌ اينوائرنمينٽل پروٽيڪشن ٽريبونل، ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪلائميٽ چينج اينڊ ڪاربان فنانس (جيڪو هاڻي ضم ٿيل آهي) کي شيڊول-I ۾ منسلڪ ادارن طور شامل ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، جيڪا خودمختيار آهي، کي شيڊول-II ۾ رکيو ويو. انهن تبديلين جو مقصد ادارن جي آئيني حيثيت کي مضبوط ڪرڻ، انتظامي ڍانچي کي واضح ڪرڻ ۽ مستقبل جي ماحولياتي منصوبن لاءِ مؤثر فريم ورڪ مهيا ڪرڻ آهي. سنڌ مضاربہ کي اسلامي فنانسنگ لاءِ 2 ارب رپيا جي منظوري: سنڌ مضاربہ، جيڪا 2013 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اعزاز ۾ قائم ڪئي وئي، اسلامي مالي شعبي ۾ مسلسل ترقي ڏيکاري رهي آهي. وقت سان گڏ سرڪاري سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ ان جو ادائيگي ٿيل سرمايو 1.5 ارب رپيا تائين پهچي چڪو آهي. گذريل ٽن سالن ۾ ادارن جا اثاثا 1.778 ارب رپيا کان وڌي 2.065 ارب رپيا ٿي ويا، جڏهن ته ايڪويٽي 1.722 ارب رپيا کان وڌي 1.992 ارب رپيا تائين پهچي وئي. اسلامي فنانسنگ پورٽ فوليو پڻ وڌي چڪو آهي جيتوڻيڪ ٽيڪس کان اڳ منافعو گهٽجي ويو جيڪو مرڪزي بينڪ جي وڏي پاليسي ريٽ ڪٽ جي سبب ٿيو. سنڌ مضاربہ نان پرفارمنگ قرضن جي شرح تمام گهٽ، يعني 1.26 سيڪڙو برقرار رکي ۽ رڪارڊ رڪوريون حاصل ڪيون. ادارن پنهنجي فنڊز جي استعمال ۾ تنوع پيدا ڪيو جنهن ۾ گهڻو ڪري زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي، جڏهن ته صحت، ڪيميڪل، ٽيڪسٽائل ۽ اسٽيل شعبن ۾ پڻ فنانسنگ فراهم ڪئي وئي. ڪمپني گذريل 8 سالن کان مسلسل اعليٰ ڪريڊٽ ريٽنگز A+ ۽ A1 برقرار رکيو. ڪارڪردگي ۾ شامل آهي: سنڌ حڪومت کي منافعو ڏيڻ، ٻوڏ متاثرين لاءِ انساني مدد، ۽ مسلسل رڪارڊ رڪوريون. تازو سال ۾ ادارن رڪارڊ 1.518 ارب رپيا جي فنانسنگ فراهم ڪئي جڏهن ته گذريل سال صرف 274 ملين رپيا هئي. ڪابينا سنڌ مضاربہ لاءِ 2 ارب رپيا ايڪويٽي (2025-26 ۾ 1 ارب ۽ 2026-27 ۾ وڌيڪ 1 ارب) جي منظوري ڏني، جنهن سان منافعو، پورٽ فوليو سائيز، ۽ ادارتي صلاحيت ۾ مستقل اضافو متوقع آهي، جنهن ۾ نيون شاخون، وڌيڪ اسٽاف ۽ بهتر ريزروز شامل آهن. ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز جي تعيناتي ۾ توسيع: گھرو کاتي انسدادِ دهشتگردي ايڪٽ 1997 تحت ڪراچي ڊويزن ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي تعيناتي ۾ توسيع بابت سمري پيش ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته رينجرز هن وقت سنڌ پوليس کي قانون نافذ ڪرڻ ۾ مدد لاءِ تعينات آهن ۽ انهن کي انسدادِ دهشتگردي ايڪٽ تحت دهشتگردي ۽ پرتشدد جرمن سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل قانوني اختيار حاصل آهن. غور ويچار کانپوءِ ڪابينا گھرو کاتي کي ڪراچي ڊويزن ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي تعيناتي ۾ هڪ سال جي وڌيڪ توسيع لاءِ درخواست جي منظوري ڏني، جيڪا 9 ڊسمبر 2025 کان نافذ ٿيندي. ايجوڪيشن سٽي لينڊ الاٽمينٽ رولز: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 20 نومبر 2025 جي اجلاس ۾ ايجوڪيشن سٽي لينڊ الاٽمينٽ رولز ۽ ايجوڪيشن سٽي ريگيوليشنز جي اصولي منظوري ڏني وئي، ۽ دستاويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پنج رڪنن واري ڪميٽي ٺاهي وئي. ڪميٽي 27 نومبر 2025 تي گڏ ٿي، جتي رولز ۽ ريگيوليشنز جو جائزو ورتو ۽ صحيح قرار ڏنو. وڌيڪ هدايت ڏني وئي ته صوبو سنڌ پاران سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ لاءِ موجوده شرطن کي باقاعده طور تي ايجوڪيشن سٽي بورڊ پاران اختيار ڪيو وڃي. ڪميٽي جي اجلاس جون منظور ٿيل ڪارروائيون ڪيبنيٽ جي سامهون پيش ڪيون ويون، جن تي ڪيبنيٽ فيصلن جي تصديق ڪري ڇڏي. سنڌ ڪابينا ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) ۽ گرين ڪلائميٽ فنڊ (GCF) جي مدد سان تيار ڪيل سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس سيڪٽر پروجيڪٽ (SCRSP) جي مالي معاهدن جي باضابطه منظوري ڏني. هي هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو ڪامياب قرضي ڳالهين کان پوءِ منصوبه کي اڳتي وڌائي ٿو. قرضي ڳالهين ۾ 180 ملين ڊالر قرض ۽ گرانٽ شامل هئا، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران 20 ملين ڊالر بطور هم سرمايو فراهم ڪيا ويندا. SCRSP منصوبو آبپاشي ۽ جنگلات ۽ وائلڊ لائف ڊپارٽمينٽ جي گڏيل عملي سان نافذ ٿيندو جنهن جو مقصد ساحلي علائقن جي لچڪ کي بهتر بڻائڻ آهي. هي مربوط نظام پاڻي، نڪاسي ۽ ٻوڏ جي انتظام جا منصوبه شامل آهي جڏهن ته ساحلي تحفظ لاءِ ميڊگروز ۽ مقامي قسمن جا وڏا پودا لڳايا ويندا. منصوبو 31 ڊسمبر 2031 تائين مڪمل ڪيو ويندو. بين الاقوامي مالي انتظامات ۾ ADB جو 20 ساله رعایتي قرض، GCF جو 30 ساله ٻُڙي وياج وارو قرض، ۽ GCF جي غير واپسي گرانٽ شامل آهن. هي معاهدو 7 نومبر 2025 تي ٿيل ڳالهين ۾ طئي ڪيو ويو. ڪابينا جي منظوري بعد SCRSP هاڻي تفصيلي نفاذ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جيڪو سنڌ ۾ پائيدار ساحلي ترقي جي مجموعي حڪمت عملي جو اهم حصو آهي.
Back