ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، وفاقي حڪومت کي ٻين صوبن ۾ منصوبا ٺاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي اعتماد
ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، وفاقي حڪومت کي ٻين صوبن ۾ منصوبا ٺاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي اعتماد
Posted on: 21 May 2025 Tags:ڪراچي (20 مئي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي سرڪاري ادارن جي شاندار ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي سندس حڪومت کي 9 ارب رپيا جاري ڪيا آهن. هي رقم رحيم يار خان ۽ راولپنڊي ۾ ايس آءِ يو ٽي جي قيام، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي ٻيهر تعمير، ۽ ايس زيڊ اي بي آءِ ايس ٽي ۽ آءِ بي اي جهڙن ادارن جي قيام لاءِ ڏني وئي آهي، جن جي قيام بابت فيصلو پوءِ ڪيو ويندو. وڏي وزير اها ڳالهه وڏي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس دوران ڪئي جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. رحيم يار خان ۽ گوجر خان تعلقو، راولپنڊي ۾ ايس آءِ يو ٽي جي قيام جي منظوري: ڪابينا رحيم يار خان ۽ گوجر خان تعلقي، راولپنڊي ۾ ٻه ايس آءِ يو ٽي (گردن جي اسپتال) مرڪزن جي قيام جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي قدم پاڪستان ڀر ۾ صحت عامه جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي جنهن ۾ خاص طور پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ويجهن علائقن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن منصوبي لاءِ صوبائي ڪابينا رحيم يار خان لاءِ ٻه ارب رپيا ۽ راولپنڊي لاءِ هڪ ارب رپيا منظور ڪيا جڏهن ته سالياني آپريٽنگ خرچن لاءِ 50 ڪروڙ رپيا اضافي طور رکيا ويا آهن. فنڊن جي اثرائتي ۽ شفاف استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ شفاف مانيٽرنگ فريم ورڪ لاڳو ڪيو ويندو جنهن ۾ ٽماهي اڳڀرائي رپورٽون، ٿرڊ پارٽي آڊٽس ۽ سنڌ حڪومت جي عملدارن جي سائيٽ وزٽون شامل هونديون. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي منصوبو سنڌ جي قومي سطح تي مثبت تاثر کي وائکو ڪندو، صوبي جي برابري تي ٻڌل ترقي جي عزم ۽ قومي ٻڌيءَ کي ظاهر ڪندو. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي ٻيهر تعمير: وڏي وزير ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته وفاقي حڪومت پاران ڏنل 9 ارب رپين جي فنڊ تحت بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن صحبت پور، جعفرآباد ۽ ڊيره مراد جمالي ۾ گهرن جي ٻيهر تعمير لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته اهي فنڊ هائوسنگ ڪيش گرانٽس ۾ واڌ جي تجويز سان گڏ ڏنا ويا آهن ته جيئن ڏور علائقن ۾ تعميراتي سامان ۽ ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ خرچن کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن چيو ته سندس حڪومت پرعزم آهي ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ متاثر ٿيل ڪميونٽين کي گهرن جي بحالي ۾ مڪمل سهڪار مهيا ڪيو وڃي ته جيئن اهي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ ترقي جي راهه تي واپس اچي سگهن. هن منصوبي جي عملدرآمد لاءِ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) کي ساٿي طور چونڊيو ويو آهي ڇاڪاڻ تہ هي ادارو سمورن صوبن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ تڪڙو امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڪابينا ان ڳالهه تي به غور ڪري رهي آهي ته رکيل فنڊن کي ترقياتي يا غير ترقياتي بجيٽ ذريعي ڪيئن استعمال ڪيو وڃي ۽ ڇا ان لاءِ باقاعده منظوري جو عمل ضروري آهي يا نه. ڪي ڊي اي لاءِ اضافي فنڊز جي درخواست؛ بلدياتي کاتي ڪابينا کان ٻه اهم منصوبن لاءِ اضافي فنڊز جي منظوري جي درخواست ڪئي. پهريون منصوبو علامه رشيد ترابي روڊ تي روڊن جي تعمير و بهتري، پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي نظام جي سڌاري سان لاڳاپيل آهي، جنهن لاءِ 53 ڪروڙ 23 لک 10 هزار رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي. ٻيو منصوبو ڪريم آباد ۾ هڪ 2+2 لين انڊر پاس جي تعمير بابت آهي، جنهن لاءِ هڪ ارب رپين جي منظوري طلب ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه ٻنهي منصوبن لاءِ گهربل فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ساڳئي وقت بلدياتي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي موجوده فنڊز جي ورڇ جو جائزو وٺن ۽ انهن منصوبن ۾ جيڪي سستي جو شڪار آهن، انهن جا فنڊ ٻيهر رکڻ تي غور ڪن. هن چيو ته اها گڏيل حڪمت عملي عوامي انفراسٽرڪچر جي انهن اهم منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اختيار ڪئي پئي وڃي. روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ قدم؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ڪابينا سنڌ ۾ گاڏين سان لاڳاپيل قانونن ۾ ڪجهه ترميمن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جن جو مقصد روڊن جي حفاظت کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي. هاڻي هيوي گاڏين تي انهن جي انوائس ويليو جي بنياد تي 0.50 سيڪڙو رجسٽريشن فيس لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سالياني ٽيڪس 1000 رپيا ۽ ٽرانسفر فيس 2000 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسمارٽ ڪارڊ ۽ نمبر پليٽ جي قيمت شامل آهي. سنڌ ۾ هلندڙ سڀني ڪمرشل گاڏين لاءِ فٽنيس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان جي ڀڃڪڙي تي 10 هزار رپين جو ڏنڊ لاڳو ٿيندو. ان کان علاوه پراڻين گاڏين لاءِ پرمٽ جاري ڪرڻ تي نوان ضابطا لاڳو ڪيا ويا آهن جن تحت 20 سالن کان وڌيڪ پراڻيون گاڏيون بين الصوبائي روٽس تي، ۽ 25 سالن کان وڌيڪ پراڻيون گاڏيون بين الاضلاعي روڊن تي هلائڻ تي پابندي هوندي. ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڏنڊ هر ڀيري وڌايو ويندو. غير معياري رڪشائن ۽ لوڊرن تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي ته جيئن روڊن کي محفوظ بڻائي سگهجي. انجڻ ۽ چيئسس جي تياري يا اسمبلنگ لاءِ لائسنس حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي جنهن جي سالياني فيس 30 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. لائسنس جي تجديد لاءِ 10 لک رپيا سالياني ادا ڪرڻا پوندا جڏهن ته غيرقانوني اسمبلنگ يا مينوفيڪچرنگ جي صورت ۾ 10 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ٿيندو. انهن قانونن تي عملدرآمد لاءِ ٽريفڪ پوليس، ايڪسائيز پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا نگراني ڪندا. شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀ ڏنڊ رڳو ايڪسايز کاتي جي ايپ ذريعي آن لائن ادا ڪرڻ لازمي هوندو. ٽريفڪ قانونن جي وڌيڪ سڌاري لاءِ هاڻي وڏين گاڏين (HTV) جي ڊرائيورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڪلاڪن جي حڪومت پاران تسليم ڪيل ادارن مان تربيت حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي. HTV لائسنس حاصل ڪرڻ جي عمر 24 سال کان گهٽ ڪري 22 سال ڪئي وئي آهي، شرط هيءَ ته اميدوار وٽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جو LTV تجربو هجي. خلاف ورزين جي روڪٿام لاءِ آٽو نگراني جو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. مثال طور جيڪڏهن ڪا گاڏي نو پارڪنگ زون ۾ بيهاريل هجي ته انکي فوري طور فڪسڊ پينلٽي نوٽيس جاري ڪيو ويندو جيڪو گاڏي تي لڳايو ويندو يا موجودگي تي ڊرائيور کي ڏنو ويندو. غيرقانوني گاڏين جي خاصيتن جهڙوڪ ڪارا شيشا وغيره تي به سخت ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو جيڪي ورجاءَ واري خلاف ورزي جي صورت ۾ 3 لک رپين تائين ٿي سگهن ٿا. حڪومت انهن خلاف ورزين جي مؤثر نگراني لاءِ خاص ٽريفڪ عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اهڙن ڪيسن کي جلد اڪلائي سگهجي. وڏي وزير ايڪسايز ۽ ٽيڪسيشن جي وزير ۽ قانون ۽ گهرو وارو وزير کي هدايت ڪئي ته اهي انهن قدمن بابت سنڌ اسيمبلي کي اعتماد ۾ وٺن ته جيئن روڊ سيفٽي سان لاڳاپيل حڪومتي قدمن جي صحيح نمائندگي ٿي سگهي. اسپشل منشيات ڪنٽرول ۽ عورتن جي بااختياري لاءِ قدمن جي منظوري؛ خاص منشيات ڪنٽرول؛ ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ ۾ منشيات جا وڌندڙ ڪيس هڪ ڳنڀير مسئلو بڻجي چڪا آهن. هيستائين 9676 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 7769 ڪيس رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ التوا جو شڪار آهن. هن چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪابينا ۾ خاص عدالتن جي قيام جي تجويز پيش ڪئي وئي. تجويز موجب ڪراچي ۾ ٽي خاص عدالتون قائم ڪيون وينديون جڏهن ته ٻين ڊويزنن - حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ هڪ هڪ عدالت قائم ٿيندي. ان قدم جو مقصد عدالتي ڪارروائي کي تيز ڪرڻ ۽ وڌندڙ ڪيسن پٺيان انصاف جي وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي. ڪابينا ان تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جو عورتن جي بااختياري وارو پيڪيج: سنڌ ڪابينا وزيراعظم جي عورتن جي بااختيار واري پيڪيج ۾ شموليت جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ان قدم تحت هر سال "صنفي برابري رپورٽ" قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ان هدايت تي اثرائتي عملداري لاءِ عورتن جي ترقي واري کاتي کي موجوده قانونن ۾ تبديليون ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي ته جيئن اها رپورٽ باقاعدي طور سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ جو قانوني جزو بڻجي. اهو قدم عورتن جي حقن، برابري ۽ بااختيار ڪرڻ جي واڌاري ڏانهن هڪ اهم سنگ ميل طور ڏٺو پيو وڃي. انڪلوسيو سٽي: معذورن لاءِ انقلابي منصوبو؛ انڪلوسيو سٽي وڏي وزير جو هڪ انقلابي منصوبو آهي، جيڪو معذور ماڻهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آهي. ڪابينا اڳ ئي ان منصوبي جي منظوري ڏئي چڪي آهي جنهن تحت هڪ اهڙو شهر تعمير ٿيندو جتي معذورن لاءِ خاص طبي ۽ بحالي جون سهولتون، تعليمي ادارا ۽ گرين علائقا موجود هوندا. وڏي وزير ان منصوبي لاءِ ضلع ڪورنگي ۾ 75 ايڪڙ زمين رکي ڇڏي جنهن ۾ وڌيڪ 13.38 ايڪڙ شامل ڪري ڪل رقبو 88.38 ايڪڙ ڪيو ويو آهي. هن علائقي ۾ معذورن جي کاتي جون آفيسون، ۽ وڻڪاريءَ جا منصوبا به شامل هوندا. مالي سال 2024-25 لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هڪ اهم اڳڀرائي طور انڪلوسيو سٽي بورڊ سپرا قانونن کان ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ايم ايس شاهد عبدالله سان سڌي ريت معاهدو ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته ٽيڪنيڪل ڪميٽي کي معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ جا مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن جيڪو هن خواب کي حقيقت بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. نادرا سان بايو ميٽرڪ تصديق جي معاهدي جي منظوري؛ سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل اي-رجسٽريشن سسٽم جو آغاز فيبروري 2024 ۾ ٿيو جيڪو هن وقت 89 مان 51 سب رجسٽرار آفيسن ۾ فعال آهي. هي نظام نادرا سان بايو ميٽرڪ تصديق لاءِ ڳنڍيل آهي ۽ اي-اسٽامپنگ سسٽم ۽ ايف بي آر سان به لاڳاپيل آهي جيتوڻيڪ مڪمل عملدرآمد انفراسٽرڪچر جي تياريءَ تي دارومدار رکي ٿو پر اي-مييوٽيشن جو عمل جاري آهي. هر بايو ميٽرڪ تصديق تي 10 رپيا (ٽيڪس سميت) خرچ ايندو. ڪابينا ان سروس لاءِ مختلف ڪاغذن جي اگهن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جن ۾ نادرا سان هڪ اسٽينڊرڊ ماسٽر ايگريمينٽ به شامل آهي ته جيئن گهرجن موجب سهولتون ملي سگهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو - مٺو پاڻي فراهمي اسڪيم ۾ واڌ؛ شهيد محترمه بينظير ڀٽو مٺو پاڻي فراهمي اسڪيم ٿر لاءِ هڪ اهم منصوبو آهي جنهن جو مقصد عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي مقامي آباديءَ کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ آهي. ان منصوبي جو بجيٽ 7,622.305 ملين رپيا رکيو ويو آهي جيڪو موجوده آبادي 169650 ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪندو جڏهن ته ايندڙ سالن ۾ اها آبادي لڳ ڀڳ 358000 تائين پهچڻ جو امڪان آهي. وڏي وزير منصوبي جي عملدرآمد جي منظوري ڏيندي مقامي نهرن جي نظام جي سالميت کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو. اها گڏيل ڪوشش ان عزم کي ظاهر ڪري ٿي ته مقامي ماڻهن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري سندن زندگيءَ جو معيار بهتر ڪيو وڃي. ڪابينا ان اسڪيم جي به توثيق ڪري ڇڏي. اروڙ يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري؛ سنڌ ڪابينا صلاح مشوري کانپوءِ اروڙ يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ترميمن تحت يونيورسٽي کي فن، تعمير، ڊيزائن، ورثو، سائنسز ۽ انجنيئرنگ سميت مختلف شعبن ۾ ڪلاسون وٺڻ ۽ ڊگريون جاري ڪرڻ جو اختيار حاصل ٿي ويو آهي. يونيورسٽي پنهنجي حدن ۾ واقع ڪيمپسن ۽ سنڌ جي خاص علائقن ۾ ڪم ڪري سگهندي. چيف اڪائونٽنٽ هڪ مستقل آفيسر هوندو جنهن جي مقرري سيلڪشن بورڊ جي سفارش تي سنڊيڪيٽ ڪندو. ان سان گڏ ورثي ۽ آثار قديمه جي شعبي سان لاڳاپيل هڪ ممتاز شخصيت کي وڏي وزير مقرر ڪندو. انهن ترميمن تحت مختلف فيڪلٽيون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ آرڪيٽيڪچر، پرفارمنگ آرٽس ۽ ايمرجنگ سائنسز شامل آهن. اهي تجويزون سنڌ حڪومت جي 1986 جي قانون جي رول 45 تحت غور هيٺ آنديون ويون آهن.
Back