سنڌ ۽ ڪرغزستان ۾ واپاري سهڪار وڌائڻ تي اتفاق: مراد علي شاهه سان ڪرغز نائب وزيراعظم جي ملاقات

سنڌ ۽ ڪرغزستان ۾ واپاري سهڪار وڌائڻ تي اتفاق: مراد علي شاهه سان ڪرغز نائب وزيراعظم جي ملاقات

Posted on: 01 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (29 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم/چيئرمين مسٽر ايڊل بائيسالووف جي اڳواڻي ۾ 10 رڪني وفد ملاقات ڪئي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ هو۔ ملاقات ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، وزيراعليٰ جو خاص مددگار قاسم نويد، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جو ڊائريڪٽر جنرل عرفان سومرو شامل هئا۔ ڪرغز وفد ۾ سفير ڪليچبيڪ، نائب پرڏيهي وزير تامر بيڪ ايرڪينوو، نائب واپاري وزير سنچربيڪ بولاٽوو، نائب ٽرانسپورٽ وزير المازتر گمبائي ۽ ٻيا سينيئر آفيسر شامل هئا۔ ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي واپاري سهڪار ۽ لاڳاپن کي وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ وڏي وزير چيو ته هن وقت پاڪستان ڪرغزستان کان زرعي شيون درآمد ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪرغزستان پاڪستان کان ٽيڪسٽائل شيون وٺي رهيو آهي۔ هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي مقدار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ وڏي وزير اها پڻ نشاندهي ڪئي ته وڏي تعداد ۾ پاڪستاني شاگرد ڪرغزستان ۾ ميڊيڪل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن پر کين ڪجهه مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ هن خواهش ظاهر ڪئي ته انهن شاگردن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ هڪ سازگار تعليمي ماحول ڏنو وڃي۔ ملاقات دوران سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا امڪان به زيرِبحث آيا۔ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۽ ڪرغزستان زرعي واڌاري ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ٽرانسپورٽ شعبي ۾ به گڏيل شراڪت ممڪن آهي۔ ملاقات کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته سنڌ حڪومت جو سيڙپڪاري وارو کاتو ڪرغزستان سان سفارتي سهڪار تحت واپار کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪندو۔

Back