نڌ ۾ ٻارن جي مشقت ۾ نمايان گهٽتائي، عالمي فنڪارن جي ڏينهن تي مراد علي شاهه جو فن ۽ انسانيت لاءِ خراجِ تحسين
نڌ ۾ ٻارن جي مشقت ۾ نمايان گهٽتائي، عالمي فنڪارن جي ڏينهن تي مراد علي شاهه جو فن ۽ انسانيت لاءِ خراجِ تحسين
Posted on: 02 Nov 2025 Tags:ڪراچي (25 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه محنت کاتي ۽ گڏيل قومن جي ٻارن جي اداري (يونيسف) جي سهڪار سان ڪيل سندھ چائلڊ ليبر سروي 2023-24 جي رپورٽ جو ڀليڪار ڪيو جنهن موجب 1996ع کان 2024ع تائين صوبي ۾ ٻارن جي جبري مشقت ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. بهرحال وڏي وزير ڳڻتي جو اظهارِ ڪيو ته اڃا به سڄي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 13 لک ٻار جبري مشقت جو شڪار آهن۔ وڏي وزير اهم نڪتا اجاڳر ڪندي چيو ته هي نمايان گهٽتائي سنڌ حڪومت جي سالن کان جاري مضبوط ۽ عملي قدمن جو نتيجو آهن جن ۾ 2017ع جو چائلڊ ايمپلائومينٽ پروهبيشن ايڪٽ تي عملدرآمد، غير رسمي تعليم ۽ مهارت مرڪزن جو قيام ۽ توسيع، خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن ۾، محنت کاتي پاران غير قانوني مشقت خلاف نگراني ۽ ٽارگيٽڊ ڇاپا، تعليمي ۽ فني ادارن سان ڀائيواري ذريعي اسڪول کان ٻاهر ٻارن لاءِ تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ يونيسف جي سهڪار سان عوامي آگاهي مهمون شامل آهن جن جو مقصد ٻارن جي جبري مشقت جي نقصانن ۽ غير قانوني حيثيت بابت ڪميونٽيز کي آگاهه ڪرڻ آهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته تعليم، خاص طور تي فني تعليم جي واڌ ۽ غربت ۾ گهٽتائي ذريعي ئي ٻارن جي جبري مشقت ختم ٿي سگهي ٿي۔ هن ٻڌايو ته صوبائي حڪومت سماجي تحفظ جي پروگرامن وسيلي مختلف فلاحتي قدم کنيا آهن۔ وڏي وزير چيو ته تازن برساتن ۽ ٻوڏن نه رڳو ڳوٺاڻي آبادي کي بي گهر ڪيو پر انهن کي وڌيڪ غربت ۾ ڌڪيو جيڪو ٻارن جي مشقت جو وڏو سبب آهي۔ سنڌ حڪومت ان مسئلي کان مڪمل طور آگاهه آهي ۽ پنهنجن ڀائيوارن سان گڏجي ان تي قابو پائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي۔ مراد علي شاهه لاڳاپيل سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ٻارن جي جبري مشقت جي خاتمي لاءِ خاص طور تي زرعي ۽ صنعتي شعبي ۾ وڌيڪ سرگرم قدم کڻن جتي متاثر ٻار وڏي انگ ۾ ڪم ڪن ٿا۔ هن غير رسمي تعليم ۽ مهارت مرڪزن ۾ واڌ جو به حڪم ڏنو، ته جيئن آزاد ڪرايل ٻارن کي تعليم ۽ تربيت جا مناسب موقعا ملي سگهن۔ وڏي وزير زور ڏيندي چيو ٻار اسان جو مستقبل آهن انهن جي تعليم، تربيت ۽ جبري مشقت کان بچاءُ هڪ خوشحال سنڌ لاءِ لازمي آهي.
عالمي فنڪارن جي ڏينهن جو پيغام
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي فنڪارن جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ فنڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته فنڪار معاشري جي پوشيده جذبن جا ترجمان آهن۔ هن چيو ته فنڪار معاشرتي حقيقتن جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ هڪ قوم جي گڏيل احساسن کي پنهنجي تخليقي اظهار ذريعي پيش ڪن ٿا۔ هن چيو ته فنڪارن کان سواءِ تاريخ ۽ ثقافت جا تصور اڌورا آهن۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت فنڪارن جي ڀلائي ۽ سهائتا لاءِ پرعزم آهي ۽ ثقافت کاتو هميشه فنڪارن سان گڏ رهيو آهي ۽ مختلف قدمن ذريعي انهن جي مدد ڪندو رهيو آهي۔ هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن اينڊ هيئريٽيج قائم ڪئي آهي ته جيئن نوجوان فنڪارن کي پليٽفارم مهيا ٿئي ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي کي محفوظ رکيو وڃي۔ وڏي وزير اهو به اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي جلد ورلڊ ڪلچرل فيسٽيول جي ميزباني ڪندي، جنهن ۾ 141 ملڪن جا فنڪار شرڪت ڪندا۔ هن چيو ته اهو دنيا جي فنڪارن جو سڀ کان وڏو ميلو هوندو، هڪ عالمي جشن جيڪو تخليقيت، ثقافت ۽ انساني روح جي گڏيل اظهار جو عڪاس هوندو۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ