نرسنگ جي عالمي ڏهاڙي تي وڏي وزير پاران نرسن جي خدمتن کي ڀيٽا، شعبي جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو اظهار
نرسنگ جي عالمي ڏهاڙي تي وڏي وزير پاران نرسن جي خدمتن کي ڀيٽا، شعبي جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو اظهار
Posted on: 13 May 2025 Tags:ڪراچي (12 مئي)؛ نرسنگ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نرسن جي صحت جي نظام ۾ اهم ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ انهن کي "صحت جي خدمتن ۾ ڪرنگهي جي هڏي" قرار ڏنو. هن نرسن جي محنت، همدردي ۽ پروفيشنل مهارتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته نرسن جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل آھن ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي ته انهن کي عزت ۽ احترام ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته سندن خدمت جو جذبو ۽ صلاحيتون واقعي لاکاڻ لائق آھن. مراد علي شاھ نرسنگ شعبي جي ترقي لاءِ سنڌ حڪومت جي پختي عزم کي ورجايو. هن چيو ته اسين صوبي ۾ نرسنگ جي تعليم، سکيا ۽ فلاح جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم آهيون. حڪومتي قدمن بابت روشني وڌندي، وڏي وزير ٻڌايو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ نرسنگ ڪاليجن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ نرسنگ جي تعليم جي معيار ۾ نمايان بهتري آئي آهي. نرسنگ شعبي سان سلهاڙيل شاگردن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا ويا آهن. نرسن جي پگهارن ۽ مالي مراعتن ۾ خاطر خواھ اضافو ڪيو ويو آهي. نرسن کي جديد طبي معيار مطابق تربيت ڏني پئي وڃي. نرسنگ شعبي ۾ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاليسي ۽ ادارتي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته نرسن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ ادارن سان مسلسل تعاون جاري آهي. هن چيو ته نرسن جي فلاح و بہبود ۽ عوامي صحت جي بھتري سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. مراد علي شاھ چيو ته سنڌ جون نرسون هميشه ذميواري ۽ جرأت سان خدمت انجام ڏينديون آهن خاص ڪري بحرانن دوران انهن جو ڪردار قابلِ ستائش رهيو آهي. هن معاشري ۾ نرسنگ شعبي جي اهميت کي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ عزم ظاهر ڪيو ته سندس حڪومت دوران ان شعبي ۾ سڌارن ۽ بهتري جو عمل جاري رهندو.
Back