ورلڊ بينڪ جي ايم ڊي انا بيجيردي ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو جو سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ شهيد بينظير آباد جو دورو
ورلڊ بينڪ جي ايم ڊي انا بيجيردي ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو جو سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ شهيد بينظير آباد جو دورو
Posted on: 24 May 2025 Tags:شھيد بينظير آباد (23 مئي)؛ ورلڊ بئنڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر انا بيجيردي، فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهسين سان گڏ ضلعي شھيد بينظير آباد جي ڳوٺ نظر محمد لغاري جو دورو ڪيو جتي 2022ع جي تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ وگهي متاثر ماڻهن لاءِ هلندڙ هائوسنگ پروجيڪٽ جو جائزو ورتو ويو. اھو منصوبو سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽيڊ (SPHF) پروگرام تحت شروع ڪيو ويو آھي جنهن جو مقصد ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گھرن جي ٻيهر تعمير آهي. دوري ۾ فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري ۽ ورلڊ بئنڪ جي ايم ڊي انا بيجيردي عورت مالڪن کي جائيداد جي مالڪيءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ۽ ويليج ريڪنسٽڪشن ڪميٽي (VRC) جي عورت رڪنن سان ملاقات ڪئي جن پنهنجن هٿن سان تيار ڪيل هنر پڻ ڏيکاريو. ڪميٽي آگاهي ڏني ته ڳوٺ ۾ 32 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا هئا جن جي ٻيهر تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي. انا بيجيردي سنڌ حڪومت جي بحاليءَ لاءِ ڪيل ڪوششن جي ساراهه ڪئي ۽ ورلڊ بئنڪ طرفان مستقل تعاون جي عزم کي ورجايو. هن مقامي ماڻهن جي همت ۽ اڳواڻي جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته موسمياتي تبديلين جي باوجود پائيدار بحالي ڪميونٽي سطح تي ممڪن آهي. فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته SPHF پروگرام تحت عورتن کي ملڪيت جا حق ڏيڻ، سنڌ حڪومت جو هڪ تاريخي سماجي ۽ معاشي قدم آهي جيڪو ڳوٺاڻين عورتن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ 24 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا هئا. بحالي جي شروعات لاءِ ورلڊ بئنڪ 500 ملين ڊالر فراهم ڪيا جن ۾ ٻن سالن دوران وڌيڪ 450 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو ويو. ان مالي سهڪار سان هيستائين 7 لک 78 هزار گھر تعمير ٿي چڪا آهن جڏهن ته پاڻي، صفائي ۽ صحت (WASH) لاءِ 54.92 ملين ڊالر رکيا ويا، جنهن مان 1000 ڳوٺن ۾ 66691 خاندانن کي فائدو پهتو. SPHF جي سي اي او خالد محمود شيخ بريفنگ دوران ٻڌايو ته رڳو ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ 104822 گھر تباهه ٿيا جن مان لڳ ڀڳ 60000 گھر تعمير هيٺ آهن ۽ لڳ ڀڳ 40000 مڪمل ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 111000 کان وڌيڪ معذور ماڻهن لاءِ پهچ جوڳا گھر تعمير ڪيا پيا وڃن جڏهن ته 8 لک کان وڌيڪ عورتن پهريون ڀيرو بينڪ اڪائونٽ کوليا جنهن سان مالي شموليت وڌي آهي. هن پروگرام تحت هيل تائين 60 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ رهائش مهيا ڪئي وئي آهي ۽ 10 لک کان وڌيڪ نون نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا آهن. اھو دورو ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت ۾ جاري تعاون جو مظاهرو آھي جنهن جو مقصد موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿيندڙ ڪمزور طبقا لاءِ بحالي، روزگار ۽ بااختياري کي فروغ ڏيڻ آھي.
#SindhCMHouse
Back