سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو جمعيت الرشيد جي سالياني ڪنوينشن کي خطاب
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو جمعيت الرشيد جي سالياني ڪنوينشن کي خطاب
Posted on: 23 Nov 2025 Tags:ڪراچي (22 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جامعۃ الرشيد جي سالياني ڪنونشن کي خطاب ڪندي اداري جي اُن ترقي پسندانه طرزِ عمل جي واکاڻ ڪئي جنهن تحت ديني ۽ عصري تعليم کي گڏيل بنيادن تي اڳتي وڌايو پيو وڃي. تقريب ۾ جامعۃ الرشيد جي سرپرست مفتي عبد الرحيم، الجامعۃ الغزالي جي چانسلر، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ذيشان احمد، وائيس چانسلر مفتي احسان وقار ۽ ٻيا روحاني ۽ تعليمي اڳواڻ پڻ موجود هئا. وڏي وزير دعوت ڏيڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته ايندڙ دور جي عالمن سان مخاطب ٿيڻ سندس لاءِ اعزاز آهي. هن ڪنونشن جي مقاصد کي ساراهيندي چيو ته اهي استادن ۽ عالمن جي اُن عزم جا عڪاس آهن جنهن تحت قوم کي درپيش موجوده چيلينجن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن زور ڏنو ته اسان جي ڪاميابي ان ڳالهه ۾ آهي ته اهڙا عالم تيار ڪجن جيڪي نه رڳو موجوده دور جي مسئلن کان واقف هجن پر انهن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت به رکن. اسلامي مدرسن جي تاريخي حيثيت کي اجاگر ڪندي مراد علي شاهه ياد ڏياريو ته اسلامي تاريخ ۾ مدرسن دنيا جا جديد ترين تعليمي مرڪز هوندا هئا جتان عظيم سائنسدان، مفڪر ۽ مورخ پيدا ٿيا. هن چيو ته اولهه، مسلمانن جي تحقيقات ۽ دريافتن جي بنياد تي علمي ترقي ڪئي جڏهن ته اسين، جيڪي انهن علمائن جا وارث آهيون، پوئتي رهجي وياسين. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته ابتدائي مدرسن جي نصاب ۾ ديني تعليم سان گڏ طب (حڪمت)، فلڪيات، جهاز راني ۽ رياضي جهڙا مضمون شامل هوندا هئا جنهن سبب هتان جا فارغ التحصيل شاگرد هر شعبي ۾ مهارت رکندڙ هوندا هئا. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته پوءِ پيدا ٿيندڙ جمود هن ترقي کي روڪي ڇڏيو ۽ ديني تعليم ۽ عملي زندگي جي وچ ۾ فاصلا وڌي ويا. مراد علي شاهه جامعۃ الرشيد ۽ الجامعۃ الغزالي جي ان فعال ڪردار تي خوشي جو اظهار ڪيو جيڪي درسِ نظامي کي جديد تعليم سان جوڙي رهيا آهن. هن بي ايس ۽ ايم ايس ڊگريون ڏيڻ سان گڏ عربی، انگريزی، ترڪي ۽ چيني سميت چار بين الاقوامي ٻولين ۽ ٽيڪنالاجي ڪورسز جي فراهمي کي ساراهيو. هن چيو ته گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڪيترائي عالم پنهنجو گهريلو نظام به صحيح نموني نٿا هلائي سگهن پر جڏهن هتي جا شاگرد وڏيون ڊگريون ۽ مهارتون حاصل ڪري نڪرندا ته نه رڳو انهن لاءِ روزگار جا در کلي ويندا پر ڪنهن جي محتاجي به نه رهندي. وڏي وزير چيو ته جديد دنيا سان هم قدم رهڻ لاءِ سائنس کي ڇڏي ڏيڻ نه پر ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هن ياد ڏياريو ته بنيادي علمي اصولن جو بنياد پاڻ مسلمانن وڌو هو. هن زور ڏنو ته پنهنجي بزرگن جي ان علمي ميراث کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجين صلاحيتن کي نکارڻو پوندو. پاڪستان کي ترقي جي راهه تي آڻڻ لاءِ تعليم، معاشي استحڪام ۽ ٽيڪنالاجي جي رستي اختيار ڪرڻو پوندو. خطاب جي آخر ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته موجوده دور ۾ ديني تعليم سان گڏ سائنس، ٽيڪنالاجي، ادب ۽ فلسفي جي تعليم کي به ترجيح ڏني وڃي. سڀ کان اهم ڳالهه هن تربيت (ڪردار سازي) تي زور ڏنو. هن چيو ته سماج جي بهتري لاءِ بهترين ذهنن سان گڏ بهترين انسان پڻ گهرجن. جتي مدرسا الله سان تعلق جو درس ڏين ٿا اتي الله جي مخلوق جي حقن جي تعليم به ڏيڻ گهرجي. اهڙي تربيت سان ئي سماج ۾ امن، ڀائچارو ۽ ترقي ممڪن آهي.
Back