ڪراچي ۾ عورت فائونڊيشن جي 40هين سالگرهه: بي بي آصفه ڀٽو زرداري جو عورتن جي بااختياري لاءِ عزم جو اظهار
ڪراچي ۾ عورت فائونڊيشن جي 40هين سالگرهه: بي بي آصفه ڀٽو زرداري جو عورتن جي بااختياري لاءِ عزم جو اظهار
Posted on: 20 Feb 2026 Tags:ڪراچي (12 فيبروري): پاڪستان جي خاتونِ اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري عورت فائونڊيشن جي 40هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ عورتن کانسواءِ اڌوري آهي۔ هن عورت فائونڊيشن جي چاليهن ورهين تي پکڙيل عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد کي ساراهيندي چيو ته عورتن جي بااختياري بابت هر ڳالهه کيس پنهنجي امڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ڏياري ٿي جيڪي عورتن جي علامتي شموليت بدران هر شعبي ۾ سندن بامعنيٰ شرڪت تي يقين رکندي هيون۔ عورت فائونڊيشن پنهنجي 40هين سالگرهه جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس جي بينڪوئيٽ هال ۾ هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت، امن، سماجي انصاف ۽ برابري لاءِ عورتن جي چاليهن ورهين جي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔ تقريب ۾ خاتونِ اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي جڏهن ته وڏي وزير، صوبائي وزيرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر، چيف سيڪريٽري سنڌ، اعليٰ سرڪاري عملدار، سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ سڄي ملڪ مان عورت فائونڊيشن جا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔ تقريب دوران جمهوريت، امن سازي، غربت گهٽائڻ ۽ موسمياتي انصاف جي ميدان ۾ عورتن جي جدوجهد ۽ ڪاميابين کي اجاڳر ڪيو ويو ۽ 1986ع ۾ قيام کان وٺي عورت فائونڊيشن جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو ويو۔ افتتاحي خطاب ۾ عورت فائونڊيشن جي صدر انيس هارون عورتن جي تحريڪ جي ڏکئي سفر کي ياد ڪندي چيو ته 12 فيبروري 1986ع کان اڳ عورتن کي عوامي زندگيءَ ۾ گهڻي سڃاڻپ حاصل نه هئي۔ هن ٻڌايو ته برابري لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرڻ تي عورتن تي لٺيون وسايون ويون، کين جيلن ۾ وڌو ويو پر پوءِ به هو پنهنجي مطالبن تي قائم رهيون۔ تقريب دوران بي بي آصفه ڀٽو زرداري عورت فائونڊيشن جي 40 سالن جي جدوجهد تي ٻڌل ڪتاب جو افتتاح ڪيو ۽ تنظيم جي سفر بابت هڪ دستاويزي فلم پڻ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عورتن جي حقن جي واڌاري ۾ سندن تاريخي ڪردار تي خاص خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو۔ خطاب ڪندي بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هي ڏينهن ياد ڏياريندو آهي ته پاڪستان جي تاريخ عورتن کانسواءِ مڪمل ناهي۔ هن چيو ته عورتن کي اڃا به ڪيترن سنگين چيلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ حقيقي آزادي تڏهن ممڪن ٿيندي جڏهن هر نينگري کي سندس مڪمل حق حاصل ٿيندا۔ ان موقعي تي کين گلوبل پيس ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عورت فائونڊيشن لاءِ 50 ملين رپين جي گرانٽ جو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عورتن جي بااختياري ۽ صنفي برابري لاءِ پرعزم آهي۔ تقريب ۾ عورتن جي حقن، انساني حقن، سماجي خدمتن، تعليم، صحافت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، اقليتي حقن، معذور ماڻهن جي قيادت ۽ ڪميونٽي ترقي جي شعبن ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن کي لائف ٽائيم اچيومينٽ ۽ ليڊرشپ ايوارڊ ڏنا ويا۔ ٽيڪنالاجي جدت تي شاگردن ۽ تقريب جي انعقاد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عورت فائونڊيشن جي عملي کي پڻ اعزاز ڏنا ويا۔ لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سياسي قيادت تي ايم اين ايز شازيه عطا مري ۽ رانا انصار، عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد تي شهناز وزير علي ۽ قانوني ۽ انساني حقن جي خدمتن تي جسٽس (ر) مجيده رضوي کي ڏنا ويا۔ خاص ماڻهن جي قيادت جو ايوارڊ رابعه ملڪ کي، ڪميونٽي سروسز ايوارڊ پاڪستاني نژاد آمريڪي نتاليا رحيم کي ڏنو ويو۔ ٽيڪنالاجي انوويشن ايوارڊ نصرت ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردن کي زرعي ڊرون تيار ڪرڻ تي ڏنو ويو۔ ٻين اعزاز يافته شخصيتن ۾ صحافي ماريه اسماعيل، شاعرہ ۽ مصورہ عاليه مرزا، ڊي آءِ جي شيبا شاهه، سسٽر ڪيٿرين، منگلا شرما، ايڊووڪيٽ آسيا منير، مرزا اشتياق بيگ ۽ ايڊووڪيٽ غزاله ڪاشف شامل هئا۔ عورت فائونڊيشن جي ٽن عملي ميمبرن کي به تقريب جي ڪامياب انعقاد تي ساراهيو ويو۔ ان موقعي تي معصومه حسن چيو ته 40 سالن جي جدوجهد کانپوءِ عورتن جي بااختياري جو خواب هاڻي حقيقت بڻجڻ لڳو آهي۔ هن چيو ته عورت فائونڊيشن هاڻي پاڪستان سميت عالمي سطح تي به سرگرم آهي ۽ عورتن کي معاشي سان گڏ سياسي طور به بااختيار بڻائي رهي آهي۔ هن سنڌ کي عورتن لاءِ ترقي پسند قانون سازي ۾ اڳواڻ قرار ڏيندي ياد ڏياريو ته سنڌ گهريلو تشدد خلاف قانون ٺاهڻ وارو پهريون صوبو هو۔ تقريب جي پڄاڻي صنفي برابري، انصاف ۽ وقار لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جي عزم سان ڪيو ويو جنهن سان عورت فائونڊيشن جي گذريل چاليهن ورهين کان جاري عورتن جي حقن واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو۔