وڏي وزير جي صدارت ۾ 5 وڏين شاهراهن جي توسيع بابت اجلاس

وڏي وزير جي صدارت ۾ 5 وڏين شاهراهن جي توسيع بابت اجلاس

Posted on: 25 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (24 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ۾ سنڌ جي پنجن وڏن شاهراهن جي بنيادي اسٽرڪچر بابت منصوبن جي اڳڀرائي ۽ مالي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. اهي منصوبا مرڪزي ترقياتي ورڪنگ پارٽي (CDWP) جي سفارش تي قومي اقتصادي ڪونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ECNEC) جي منظوري لاءِ پيش ڪيا ويندا. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ رٿابندي ۽ ترقيات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، بلديات واري وزير سعيد غني، تعميرات وارو وزير علي حسن زرداري، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز نواز سوهو ۽ اسپيشل سيڪريٽري ناڻو اصغر ميمڻ شرڪت ڪئي. چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز نواز سوهو وزيراعليٰ کي منصوبن جي نظرثاني ٿيل لاڳت، دائرو ۽ فنڊنگ ميڪينزم بابت بريفنگ ڏني. منصوبن ۾ سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي فیز ٽو، بين الضلعي اهم سڙڪن جي ٻه طرفي واڌ ۽ بهتري، ۽ مهراڻ هاءِ وي تي اضافي ڪيريج وي جي تعمير شامل آهي

سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي فيز ٽو :

ان منصوبي تحت 36 ڪلوميٽر ڊگهي سڙڪ جي واڌ ۽ تعمير ڪئي ويندي. ان جي لاڳت 26.9 ارب رپين مان وڌائي 37.718 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت منصوبو جي اصل ۽ واڌو لاڳت جو 50 سيڪڙو، يعني 26.961 ارب رپيا فراهم ڪري، جڏهن ته باقي 10.756 ارب رپيا سنڌ حڪومت پنهنجي سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) مان ڏيندي.

ٽنڊوالهيار کان ٽنڊو آدم روڊ:

ٽنڊوالهيار کان ٽنڊو آدم تائين روڊ کي ٻه طرفي ڪرڻ جو منصوبو 31.4 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. ان جي نظرثاني ٿيل لاڳت 9.284 ارب رپيا آهي. لاڳت جي ورهاست تحت وفاقي حڪومت 6.687 ارب رپيا فراهم ڪندي، جڏهن ته سنڌ حڪومت 2.597 ارب رپيا سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) تحت ڏيندي.

مهران هاءِ وي :

نوابشاهه کان راڻيپور تائين مهران هاءِ وي کي ٻه طرفي بڻائڻ جو منصوبو 135 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جنهن جي نظرثاني ٿيل لاڳت 41.034 ارب رپيا آهي. وفاقي ۽ صوبي جي حڪومتن وچ ۾ لاڳت جي ورهاست طئي ٿي وئي آهي. منصوبي جي اصل لاڳت مان 21.926 ارب رپيا وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، جڏهن ته واڌو 19.108 ارب رپين جي رقم وفاق ۽ سنڌ حڪومت برابر ادا ڪندا.

سانگهڙ کان روهڙي :

سانگهڙ کان نيشنل هاءِ وي (اين-5) تي روهڙي تائين (مدھ جمڙائو ۽ صالح پٽ جي رستي) سڙڪ جي بهتري جو منصوبو 221 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. هن منصوبي جي نظرثاني ٿيل لاڳت اڃا تائين تخمينن جي مرحلي ۾ آهي. وزيراعليٰ، منصوبابندي ۽ ترقيات واري وزير کي هدايت ڪئي آهي ته منصوبي جي مناسب لاڳت جو تعين ڪري، ان کي وفاق ڏانهن موڪليو وڃي.

روهڙي کان گڊو بيراج روڊ :

روهڙي کان گڊو بيراج تائين موٽر وي (ايم-5) جي رستي خانپور مهر، ميرپور ماٿيليو ۽ مريد شاخ مان گذرندڙ سڙڪ جي بهتري جو منصوبو 150 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. ان جي نظرثاني ٿيل لاڳت 17.791 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت 7.822 ارب رپيا فراهم ڪندي، جڏهن ته باقي 10.148 ارب رپيا سنڌ حڪومت برداشت ڪندي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انهن اهم اسٽريٽجڪ منصوبن جي شفاف، معياري ۽ بروقت مڪمل ٿيڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته اهي سڙڪون نه فقط ضلعن جي وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائينديون، پر سامونڊي پٽي ۽ صنعتي زونز ۾ علائقائي معاشي واڌاري جو به اهم ذريعو ثابت ٿينديون. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته جن منصوبن جي لاڳت اڃا تائين معقول سطح تي نه آندي وئي آهي، تن جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ خريداري جي قانونن ۽ معيارن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اهي سڀئي منصوبا سنڌ جي وڏي ترقياتي ويزن جو حصو آهن جيڪي علائقائي هم آهنگي ۽ قومي معاشي واڌاري جي مقصدن سان هم آهنگ آهن.

Back