وڏي وزير جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس، انقلابي ترقياتي رٿائن جي منظوري
وڏي وزير جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس، انقلابي ترقياتي رٿائن جي منظوري
Posted on: 09 Jul 2025 Tags:ڪراچي (8 جولائي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران کي حل ڪرڻ، زراعت جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ، صنعتي واڌ ويجهه کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن کي بهتر بڻائڻ لاءِ انقلابي ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي .
ڪابينا 52 نقطن واري ايجنڊا تي ويچاريو ۽ انھن مان اڪثريت جي منظوري سان گڏ فوري عملدرآمد لاءِ حڪمت عمليءَ تي ٻڌل هدايتون جاري ڪيون ويو.
اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل کاتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ واڌ: 10.56 ارب رپين جو پائپ لائن منصوبو منظور
ڪراچي ۾ وڌندڙ پاڻي جي کوٽ، خاص طور تي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) ۾ جتي رهواسين کي رڳو 4 کان 5 ايم جي ڊي پاڻي ملي رهيو آهي ،لاءِ ڪابينا واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (W&SC) لاءِ 10.56 ارب رپين جي بغير سود قرض جي منظوري ڏني .
منصوبي تحت ڊم لوٽي کان ڊي ايڇ اي تائين 36 ڪلوميٽر ڊگهي خاص پائپ لائن وڇائڻ، گڏوگڏ پمپنگ اسٽيشن، فوربي، ۽ فلٽريشن پلانٽ جي تعمير شامل آهي. هي منصوبو فيبروري 2025ع ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (KW&SC) جي بورڊ پاران منظور ڪيو ويو هو. وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته منصوبو 11 مهينن اندر مڪمل ڪيو وڃي، ۽ شهر جي تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي وارا پاڻي جا حل يقيني بڻايا وڃن.
زراعت آمدني ٽيڪس جي قانونن ۾ اهم سڌارا:
ڪابينا سنڌ ايگريڪلچرل انڪم ٽيڪس رولز 2025ع جي منظوري ڏني جن ۾ زرعي آمدني رکندڙ ماڻهن لاءِ رجسٽريشن، اليڪٽرانڪ فائلنگ (e-filing) ۽ رڪارڊ رکڻ بابت واضح طريقيڪار متعارف ڪرايا ويا آهن.
نون قاعدن تحت زرعي ٽيڪس .
زرعي ملڪيت جا مالڪ سنڌ ريونيو بورڊ سان فارم AIT-01 ذريعي رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي هوندي. ٽيڪس (ريٽرن (فارم AIT-03) ادائيگيءَ جي ثابتي سان گڏ جمع ڪرائڻ ضروري هوندو. آمدني ۽ خرچن جا تفصيلي رڪارڊ اردو، سنڌي يا انگريزي ٻوليءَ ۾ رکڻا پوندا. آفتن کان متاثر علائقن ۾ ٿيندڙ نقصان کي ايندڙ سالن ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو.
قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ هڪ سب ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا زراعت، قانون، ۽ ورڪس اينڊ سروسز جي وزيرن تي ٻڌل هوندي. ان جو مقصد جديد تقاضائن موجب قانوني پابندي کي موثر بنائڻ ۽ صوبي جي آمدني ۾ واڌ آڻڻ آهي.
اي-اسٽامپ قاعدن ۾ ترميم: ملڪيت رجسٽريشن بغير ڪاغذ ڪرڻ ڏانهن اڳڀرائي
ڊجيٽل گورننس کي نظر ۾ رکندي ڪابينا سنڌ اي-اسٽامپ قاعدن 2020ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني جنهن تحت انهن علائقن ۾ جتي اي-رجسٽريشن سسٽم فعال آهي اتي هاڻي فزيڪل اي-اسٽامپ پيپر جي گهرج ختم ڪئي وئي آهي.هي ترميم اسٽامپ ڊيوٽي جي ادائيگين جي ڊجيٽل تصديق کي ممڪن بڻائي ٿي ۽ اي-اسٽامپنگ ۽ اي-رجسٽريشن نظام کي ضم ڪرڻ کي يقيني بڻائي ٿي. هي بغير ڪاغذي عمل اڳ ۾ ئي 51 سب رجسٽرار آفيسن ۾ فعال آهي.جيڪو ملڪيت جي ڏي وٺ کي آسان بڻائيندو ۽ ڪارروائي جو وقت گهٽ ڪندو.
سيلاب متاثرن لاءِ رليف ۾ واڌ ۽ 1.51 لک آبادگارن لاءِ 27.6 ارب رپين جو پيڪيج
ڪابينا ٻوڏ متاثرن لاءِ ھنگامي امداد جي رقم 21.56 ارب رپين مان وڌائي 27.67 ارب ڪئي جنهن مان 2022ع جي ٻوڏ متاثر 151,147 تصديق ٿيل آبادگارن کي فائدو پهچندو. هينئر تائين ٽن مرحلن ۾ رقم ورهائي وئي آهي جڏهن ته باقي تصديق ٿيل آبادگارن لاءِ هاڻي 6.1 ارب رپيا رکيا ويا آهن. اضافي بچت طور بچيل 2.37 ارب رپيا به بينظير هاري ڪارڊ ذريعي زرعي شعبي جي وڌيڪ مدد لاءِ استعمال ڪيا ويندا.
بينظير هاري ڪارڊ: سنڌ بئنڪ سان MoU جي منظوري
ڪابينا زراعت کاتي کي سنڌ بئنڪ سان مفاهمت جي يادداشت (MoU) تي صحيحون ڪرڻ جي اجازت ڏني جنهن تحت بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. هي اسڪيم هيٺ ڏنل سهولتون فراهم ڪندي:
زرعي مقصدن لاءِ نرم قرضا،زرعي خرچن ( ٻج ،ڀاڻ ۽ ڦوھارو ) تي سبسڊي،
آسان شرطن تي زرعي قرض
قدرتي آفتن جي صورت ۾ مالي امداد
سولر ٽيوب ويلز ۽ فصلن جي انشورنس تائين پھچ .
بينظير ھاري ڪارڊ لاءِ رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي ۽ اڃان تائين 237,125 آبادگارن جي داخلا ٿي چڪي آهي. جن مان 88,871 درخواستون تصديق کان اڳين مرحلي ۽ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن .
45 ارب رپين جو ٿر ڪول ٽرنسپورٽ ريلوي منصوبو
ٿر کان بندرگاھ تائين ڪوئلي جي منتقلي لاءِ ڪابينا 45.02 ارب رپين جي ريلوي منصوبي جي منظوري ڏني جنھن سان اسلام ڪوٽ (ٿر ڪول فيلڊ کي ڇوڙ سان جوڙيو ويندو) ھي منصوبو وفاقي حڪومت جي سھڪار سان مڪمل ڪيو ويندو.
105 ڪلو ميٽر نئين ريلوي لائن
بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين ٻٽي پٽڙي ۽ ڪوئلو لاھڻ لاءِ ٽرمينل بہ شامل آھي
وفاقي حڪومت پي ايس ڊي 2025-26 ۾ پھريان ئي 7 ارب رپيا رکيا آھن جن وڏي وزير فوري طورتي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني . ھي 2 سالا منصوبو پاڪستان جي توانائي جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ۽ صنعتي ترقي کي ھٿي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو.
حيدرآباد ۾ 951 ايڪڙن تي ٻڍل نئين صنعتي زونز جي منظوري.
روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ خانگي سيڙپڪاري کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪابينا حيدرآباد ضلعي ۾ 951 ايڪڙن تي مشتمل نئين صنعتي زون جي منظوري ڏني آھي .ھي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي ) ماڊل تحت شروع ڪيو ويندو.
55 ھزار کان وڌيڪ سڌيون نوڪريون پيدا ٿيڻ جا موقعا .
فزيبلٽي ۽ ڏي وٺ جي ڍانچي لاءِ صلاحڪار مقرر ڪيا ويا آھن
ڪابينا زمين سنڌ اڪنامڪ زون مينيجمينٽ ڪمپني ( ايس اي زي ايم ايس ) کي ڏيڻ جي ھدايت ڪندي ناڻي کاتي کي زمين جي رقم ڏيڻ لاءِ3.54 ارب رپيا منظور ڪيا .
موٽر وي ايم 6 لاءِ زمين جي منظوري .
ڪامينا حيدرآباد سکر موٽروي ( ايم 6 جي منصوبي لاءِ 248 ايڪڙ زمين الاٽمينٽ جي منظوري ڏني جنھن جي قيمت 667.23 ملين رپيا آھي . ان کان سواءِ ڄامشوري ، مٽياري ، شھيد بينظير آباد ، سکر ۽ نوشھرو فيروز ضلعن لاءِ وڌيڪ زمين جي لاءِ بہ کاتي جي اين او سي جي لاءِ پڻ منظوري ڏني .
وڏي وزير پل فنانسنگ جي منظوري ڏني
وڏي وزير مراد علي شاھہ ھن قومي رابطن جي منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ضرورت پوڻ تي عارضي مالي سھولت ( پل فنانسنگ ) ڏيڻ جي اجازت پڻ ڏني .
وڏي وزير جو گڏيل ترقي جو عزم
وڏي وزير پھنجي حڪومت جي گڏيل ترقي جي عزم کي ورجايو ۽ ڪابينا پاران منظور ڪيل منصوبن کي ترقي جو بنياد قرار ڏنو .
وڏي وزير سڀني کاتن کي ھدايت ڪئي تہ شفاف عمل ، کاتن جي وچ ۾ رابطن ۽ منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ کي ھر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ،
ھي وڏي پيماني تي ڪيل فيصلا سنڌ حڪومت جي عزم کي واضع ڪن ٿا جنھن جي تحت انفرااسٽڪچر جي ترقي کي سماجي انصاف ۽ معاشي ترقي سان جوڙي صوبي کي ترقي جي راھ تي آندو پيو وڃي .
Back