وڏي وزير مختلف ترقياتي رٿائن جو جائزو ورتو، ڪمن جي رفتار وڌائڻ جي هدايت
وڏي وزير مختلف ترقياتي رٿائن جو جائزو ورتو، ڪمن جي رفتار وڌائڻ جي هدايت
Posted on: 15 Apr 2025 Tags:ڪراچي (14 اپريل) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ رٿابندي ۽ ترقيات، ماليات ۽ ورڪس کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبائي وزير منصوبابندي و ترقي ناصر شاھ، وزير ورڪس حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين منصوبابندي و ترقي نجم شاھ، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس محمد علي کوسو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو، سيڪريٽري زبير چنا ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ڪوسٽل هاءِ وي منصوبو: وڏي وزير ڪوسٽل هاءِ وي اسڪيم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي چيو ته ٺٽي جي سندس تازي دوري ۾ شهرين هن منصوبي جي تيز رفتار سان مڪمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. ورڪس کاتي وڏي وزير کي ٻڌايو ته 36 ڪلوميٽر ڊگهي هاءِ وي جي ابتدائي بنيادي ڪم جي مرحلي ۾ آهي ۽ ان کي نظرثاني لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. هي منصوبو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مالي امداد سان 50:50 جي بنياد تي مڪمل ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير ورڪس کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هن منصوبي جي رفتار تيز ڪري ڇوته هي ٽريفڪ جي سهولت ۽ ساحلي علائقن کي سمنڊ جي مداخلت کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. سائيٽ ڪراچي جا روڊ: سائيٽ انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ روڊن جي تعمير لاءِ پنج ارب رپين جي ترقياني اسڪيم جاري آهي. هيستائين 50 ڪروڙ رپا جاري ڪيا ويا آهن ۽ ٽينڊرن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ته جيئن نئين مالي سال ۾ ان جي تڪميل يقيني بڻائي سگهجي. اسڪولن جي نئين سر تعمير: وزيراعظم جي پروگرام تحت سيلاب کان متاثر ٿيل 1800 اسڪولن جي نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي. هن اسڪولن کي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل مالي امداد سان 50:50 جي بنياد تي ٻيهر تعمير ڪيو پيو وڃي. هن منصوبي لاءِ ٽوٽل 12 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ ٽينڊرن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ فوري طور تي فنڊ جاري ڪيا وڃن. روهڙي کان گڏو بئراج روڊ: ايم-5 انٽرچينج ذريعي رابطو: خانپور مهر، ميرپور ماٺيلو ۽ مرید شيخ مان گذرندي روهڙي کان گڏو بئراج تائين 150 ڪلوميٽر ڊگهي اهم روڊ منصوبي جي لاڳت 18.8 ارب رپيا ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ٽينڊر جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ وڏي وزير موجوده مالي سال لاءِ 5 ارب رپا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٽنڊوالهيار کان ٽنڊو آدم روڊ جي ڊوئلائيزيشن: 31.40 ڪلوميٽر ڊگهي ٽنڊوالهيار-ٽنڊو آدم روڊ جي ڊوئلائيزيشن جو منصوبو به تياري جي مرحلن ۾ آهي جنھن جي ٽوٽل لاڳت 9.2 ارب رپيا آهي. ٽينڊر مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي. وڏي وزير موجوده مالي سال لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ۽ تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ فوري طور تي فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڏني. وڏي وزير مراد علي شاھ ان سڀني ترقياني منصوبن جي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته هي صوبي ۾ انفراسٽرڪچر، رابطن ۽ عوامي بھبود کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
Back